• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت قلندر لعل شهباز جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي منقبت (حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي )

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ImamBux
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ImamBux

سينيئر رڪن
سرموڙ هو صوفين جو ذيشان قلندر
خود سنڌ ۾ آيو ٿي مهمان قلندر
ميلي ۾ مٺا تنهنجي ھر قوم جا ماڻهون
هر شخص ٿيو تنهنجو مهمان قلندر
جھمريون ۽ ڌمال آھن هڪ وجد جو عالم
هو ڪيف ۽ مستي جو خواهان قلندر
ساڻيھ جي مٽي کي جنهن سون بڻايو
ٿي سنڌ سندو يار پيو مان قلندر
هڪ لطف و ڪرم آھي جو مونکي ٿو گھرجي
مون جھول جھلي آھي ڏي دان قلندر
درياءُ سڪي ويو اڄ آھي سنڌ جا سائين
اجڙي نه وڃي ڪٿ هي ايوان قلندر
سيوھڻ ۾ وسڻ وارا وس پوري وطن تي
جيئن سڀڪو چوي آھي درمان قلندر
حسرت جا ڪڻا باقي هن دل ۾ ڪي آھن
ڏسجي ته ڪري پورو ارمان قلندر
نگري ۾ سندس آيو اڄ آھ ته “اڪرم”
شايدڪ ڀري مهنجو دامان قلندر
 
Back
Top