هڪ ننڍڙي بلڪل ننڍڙي رنگبرنگي ڪوريئڙي تي نظر پئي جيڪو پتڪڙي پن تي ويٺو هو ... پاڻ ايترو ننڍڙو ۽ انجي سموري جسم تي ايتري ته رنگيني هئي جو ڪيترا پهر ڪائنات جي خلقيندڙ جي خلق تي سوچيندو رهيس ... سوچيم پئي ته خالق وٽ ڪيترا نه ماهر ۽ ڪيترا نه قابل مصور آهن جو ڪائنات جي هر شئي کي ايترو رنگين ڪري ڇڏيو اٿن ... جو خود بخود واتان اهو نڪري وڃي ٿو؛ جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون ... هڪ ٻي سوچ آئي ته ائين ته ناهي الله تعالا رنگ خلقيا ۽ ڪاري ڪائنات تي وکيري ڇڏيا ۽ سموري دنيا پرنور ۽ رنگين ٿي وئي ... وسريوم سبق، پهرين سٽ نه سڀران، اڃا هي ورق، هئـــــي! مطالع نه ٿيــو
رب جي جوڙيل ڪائنات آهي ۽ سڀ رنگ به هن جا ئي سجايل آهن، ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻيون ۔۔۔۔ شاهه صاحب ڪجهه سٽن ۾ سڀ ڪجهه ته چئي ويو آهي۔ اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛ سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.