پل جو ڇانورو (منور سراج)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    پل جو ڇانورو
    منور سراج

    ان ڏينهن ٻه حادثا ٿي گذريا.
    هڪ حادثو هن جي اندر ۾ ٻيو حادثو شهر ۾ ٿيو.
    هن پنهنجي سهيليءَ سان گڏ چوڙيون پئي پسند ڪيون. عيد جو موقعو هو. شهر ۾ تمام گهڻي رش هئي. چوڙي بازار ۾ ته ٻارن، ڇوڪرين ۽ عورتن جي ايڏي پيهه جو تر ڇٽڻ جي جاءِ نه!
    هن اڃا چوڙيون ڏٺيون ئي پئي جو اوچتو ٿورو پريان ڌماڪي جو آواز ٿيو. چؤطرف رڙيون پئجي ويون.
    ”بم ڦاٽو آهي“ هر ڪنهن جي وات هڪ وائي. دڪانن جا شٽر هيٺ ٿي ويا. گهڙي کن ۾ سڄي چوڙي بازار خريدارن کان خالي ٿي وئي. پوئتي رهجي ويا، رڙين، دانهن جا پڙاڏا، ٽٽل اڻ ٽٽل چوڙيون. ٻارن ۽ عورتن جون جتيون، سئنڊل ۽ روا.
    انهي افراتفريءَ ۾ هوءَ پنهنجي سهيلي کان ڇڄي وئي. سندس اکين ۾ ڊپ لهي آيو.
    ”سر بم جو ڌماڪو نه ٿيو آهي.“
    پوليس موبائيل جي اڳين سيٽ تي ويٺل، وڏي وات ۽ ننڍڙي منهن واري پوليس آفيسر وائرليس تي ڪنهن اعليٰ آفيسر کي اطلاع ڏيندي چيو.

    ”ڦٽاڪن جي دڪان ۾ معمولي ڦٽاڪو ٿيو آهي.“
    افواهه جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي.
    جيتري تيزيءَ سان دڪانن جا شٽر هيٺ ٿيا هئا. اوڏي ڦڙتيءَ سان مٿي ٿي ويا. ٿوري دير ۾ چوڙي بازار جي وڃايل رونق بحال ٿي وئي. پر هن جي اکين جي وڃايل رونق بحال نه ٿي سگهي.
    هوءَپنهنجي سهيليءَ کان ته ڌار ٿي ئي وئي پر پنهنجي گهر ڏي ويندڙ ڪچي ڪالوني جو پڪو رستو به وڃائي ويٺي. گهر جي ڳولا ۾.. يا شايد سهيليءَ جي ڳولا ۾... شهر جي رستن، بازارن ۽ چؤنڪن، چوراهن تي ڀٽڪندي رهي. لياقت مارڪيٽ کان موهڻي بازار، موهڻي بازار کان مسجد روڊ، مسجد روڊ کان عظيم ڪالوني، عظيم ڪالونيءَ کان مهراڻ ڪالوني ۽ مهراڻ ڪالونيءَ کان واپس وري لياقت مارڪيٽ جي پيهه ۾! اندر ۾ ڊپ... اکين ۾ ڊپ.... سهيليءَ کان ڌار ٿيڻ جو ڏک... گهر نه لڀڻ جو ڏک.... ماءُ جي ڪاوڙ جو ڊپ... ڀاءُ جي ناراضگيءَ جو ڊپ.... ڄاتل سڃاتل ڳليون اوپريون... ڏٺل وائٺل شهر اجنبي بڻجي ويل.... اجنبي ئي نه پر دشمن ٿي بيٺل..
    کيس هر هر پنهنجي سامهون گذرندي ڏسي ڪجهه راهگيرن، دڪاندارن، ريڙهن ۽ مانڊڻين وارن تاڙي ورتو!! هن جي اکين سان ٽڪرائجڻ لڳيون، نيزن جهڙيون نگاهون.... جسم ۾ لهي وڃڻ لاءِ بيتاب اکيون ۽ سندس ڪنن وٽان گذرڻ لڳا، جملا.... جملن جا اڌڙ ۽ چوٿا... سڀني جي معنيٰ ساڳي ۽ مطلب هڪ!
    ”يار شئي چڱي آهي، الاءِ ڪنهن کي ٿي ڳولي“
    ”پنهنجو وڃايل يار ڳوليندي هوندي“
    ”ڇڏ ٻيلي يار جهڙي ڪونهي، اڃان ڪچي آهي“
    ”شاباس خفتي. هيءَ ڪچي آ پوءِ بس ٻيو.“
    ”الاءِ ڪنهن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتي آ“
    لهسجندي رهي، نگاهن جي ڄريءَ ۾!!
    زخمجندي رهي آوازن جي سنگباريءَ ۾!
    زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڊپ لڳو هئس، پنهنجي ئي جسم کان، پوتيءَ ۾ پاڻ کي... پنهنجي جسم کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين هر هر.... ۽ ان ڪوشش ۾ رهندو وڌيڪ ظاهر ٿيڻ تي لڳس جسم جا خدوخال.
    پناهه گاهه جي ڳولا ۾ ڊوڙندي پئي وتي ڊنل هرڻيءَ جيئان!
    ۽ پناهه گاهه؟
    شايد ڪٿي به نه.
    پوءِ به هلندي رهي مسلسل،
    پيرن ۾ سور،
    ڄنگهون ٿڪل،
    جسم ۾ هلڪو ڪڻس،
    ذهن منتشر،
    اکيون ڊنل ڊنل،
    نڙيءَ ۾ اڃ جا ڪنڊا،
    چؤطرف رڳو اُس ئي اُس. پٺيان بگهڙن جو ولر. وات ۾ رت. ڏندن ۾ ٻئوٽيون. ذبانون ڳاڙهيون. ڇانوَ رڳو اوور هيڊ برج هي هيٺيان. وڌي وڃي ڇانوَ ۾ بيٺي. پل جي ڇانوَ ايندڙ ويندڙ مسافرن جي پناهه گاهه. چڙهندڙ لهندڙ سج سان گڏ ايندڙ ويندر عارضي ڇانورو!
    (هر پناهه گاهه هر ڇانورو عارضي ئي هوندو آهي).
    پل جي ڇانوَ ۾ ويٺل، بيٺل، ايندڙ ويندڙ، ڀانت ڀانت جا ماڻهو... مرد، عورتون، ٻار، گهوريئڙا، کوکن ۾ هار سينگار جو سستو سامان رکي ويٺل سوچياڻيون!! سوچياڻين جي ڀر ۾ سندن اڌ اگهاڙا، گدلا، سنگهون چپ تي رکيل، روئيندڙ کلندڙ سانورڙا ٻار. ڀرسان ويٺل، بيٺل ۽ ايندڙ ويندڙ ڳوٺاڻيون. سامان وٺڻ جي بهاني سوچياڻين جي مٿان بيهي سندن چولين مان ظاهر ٿيندڙ ڇاتين ڏي گهوريندڙ مرد. کوکن ۾ ٻه نمبر پائوڊر، ڪريم، لپ اسٽڪ، ڪنگا، آرسيون، چوڙيون، بريزر، هيئر رموونگ ڪريم ۽ گهڻو ڪجهه.... ۽ چئن ئي ڏسائن ۾ ڦهليل آواز....!
    ائي ڀيڻ ڪريم پونڊر وٺي وڃوس...
    ائي ادي مساڳ وٺي وڃوس...
    عيد جي سوکڙي چوڙيون وٺي وڃوس، سٺيون چوڙيون آهن. ڀاءُ جو قسم ڪوڙ ناهي.
    ”ڀاءُ جو قسم ڪوڙ ناهي، ڀاءُ جو قسم“
    سوچاڻين جو جملو دل ۾ دهرائڻ لڳي. آٿت جو احساس پئي ٿيس.
    ”منهنجو به ڀاءُ آهي... مان به ڀاءُ واري هان... ڀاءُ جو قسم“ اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيس.
    پريان موٽرسائيڪل جي ڀر ۾ ڏانهس جوهه وجهي ڏسندڙ ٻه ڇوڪرا. ڇرڪي وئي.
    پل جي هيٺيان بيهڻ ناممڪن ٿي ويو.
    شام جا پاڇا ڊگها ٿيندا پئي ويا.
    پل جي هيٺيان ويٺل بيٺل ماڻهن مان گهڻا تڻا آهستي آهستي، پنهنجي پنهنجي گهرن ڏي وڃڻ لڳا هئا. لهندڙ سج سان گڏ پريشاني وڌندي پئي ويس.
    ريل جون پٽڙيون گذري مسجد وٽ پهتي. ناديءَ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري پيتائين، مسجد جي دريءَ مان ٻه اکيون مسلسل ڏانهس گهوري رهيون هيون. مڙي پوئتي نهاريائين. مولويءَ جون اکيون لهندڙ سج جي ڪرڻن جئان ڳاڙهيون هيون. اوچتو محسوس ٿيس ته اهي اکيون سندس ڄاتل سڃاتل آهن. انهن اکين وٽ ويهي قرآن پاڪ پورو ڪيو هئائين....... دريءَ مان گهوريندڙ اکين جي ڳاڙهاڻ وڌندي پئي وئي... ان کان اڳ جو اکين جي ڳاڙهاڻ ۾ پورجي وڃي، گلاس ناديءَ تي رکي اڳتي وڌي وئي. اوچتو ياد اچي ويس. مسجد جي پويان اوڀر طرف ويندڙ رستو سندس گهر ڏي ويندڙ رستو آهي.
    دل خوشيءَ جي احساس ۾ ڀرجي ويس. تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ لڳي. موٽرسائيڪل وارا ڇوڪرا گهٽ رفتار ۾ ڀرسان گذري ويا.
    ويندي ويندي منهن ۾ گهوريندا ويس.
    خوشيءَ جو احساس ڊپ ۾ بدلجي ويس.
    اڃان به تڪڙي تڪڙي هلڻ لڳي!
    بخار سان گڏ سڄي جسم ۾ سور، خاص ڪري چيلهه ۽ نَرنَ ۾ وڌيڪ پيڙ، اهڙي پيڙ، جيڪا اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئس. هيٺين ڌڙ ۾ نستائي، ڪجهه ئي قدم هلڻ کان پوءِ رانن جي آس پاس ۽ اڳيان پويان آلاڻ محسوس ٿيڻ لڳيس.... هلڻ ۾ ڏکيائي ڪندڙ آلاڻ.... ليءَ دار سڻڀي آلاڻ... اڻ وڻندڙ احساس ڏياريندڙ آلاڻ....
    ... پياري پنڌ ڇو ٿي ڪرين... اچ موٽرسائيڪل تي ويهه..
    ٻڏندڙ هانءُ، ڏکندڙ اکيون، ٿڙندڙ قدم.
    .... سهڻا ماڻهو، ٿڪجي پوندين... ضد نه ڪر....
    شرمندگيءَ جو احساس
    .... يار هل ته واپس هلون....
    ..... ڇو يار.....
    ..... انڌا ڏسين نه ٿو الاءِ ڪهڙي ظالم جي ور چڙهي وئي آ....
    .....ڇو.....ڇو..... ڇا آهي....
    .....ڏس.... اکيون کولي ڏس....
    ....اڙي ها.... ڪارو منهن ٿئيس....
    ..... انڌيءَ کي خبر ئي نه آهي....
    موٽرسائيڪل ٻي گهٽيءَ ۾ گم ٿي ويو.
    هوءَ معصوميت جي جنت مان تڙجي بلوغت جي دوزخ ۾ داخل ٿي چڪي هئي. دوزخ جيڪو هر ڇوڪريءَ جي نصيب ۾ لکيل هوندو آهي. نصيب جيڪو فطرت لکندي آهي ۽ هميشه رت سان لکندي آهي. ان شام هن لاءِ رستو ڏاڍو طويل ٿي ويو هو. بخار وڌندو پئي ويس. رستو کٽو ئي نه ٿي. ائي ڀاءُ جو قسم ڪوڙ نه آهي.... ڀاءُ جو قسم.... هر هر دهرايائين. پئي..... ڀاءُ جو قسم..... ڀاءُ جو قسم....
    چؤطرف بگهڙن جا ولر، ڄڀون ٻاهر نڪتل، رت هاڻيون ڄڀون، وات ۾ رت، ڏندن ۾ ڳاڙهيون ٻوٽيون، پيرن ۾ رت، جتيءَ ۾ رت، رت ۾ جتي، سڄو رستو رت.
    هوءَ هاڻي رستي تي رت هاڻن پيرن سان هلندي گهر جي در وٽ پهتي ته رت هاڻيون زبانون مرڪائيندڙ بگهڙن جو ولر پوئتي بيهي رهيو.
    هوءَ ڌڙڪندڙ دل ۽ ڏڪندڙ هٿن سان ٻيڪڙيل در جو تاڪ هٽائي اندر گهڙي.
    اکڙين ۾ انيڪ ڳوڙها.
    ڇلڻ لاءِ اڇلون کائيندڙ ڳوڙها.
    گهر ۾ موت جهڙي ماٺار ڇانيل.
    ٻئي ننڍڙا ٻار هيسيل.
    ماڻس جي منهن جو پنو لٿل. ڀاسيس ڄڻ کائنس ڪو وڏو گناهه ٿي ويو آهي. وڏو تمام وڏو گناهه. پر ڪهڙو گناه؟ اهو سمجهه ۾ نه پئي آيس. ڀاڻس جي اکين ۾ ڪاوڙ، شڪ ۽ نفرت جا اُلا...
    سڄي وسامي وئي.
    ان کان اڳ جو هوءَ اڳتي وڌي ماءُ تائين پهچي، ڀاڻس جو هٿ هوا ۾ بلند ٿيو ۽ هڪ زورائيتي چماٽ سندس ڳل ساڙيندي دالان ۾ پڙاڏا ڇڏيندي دروازي کان ٻاهر نڪري وئي...!!



    ____________
    رضوان گُل جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو