245 اٽيچمينٽ ڏسو فرشتن جي دنيا شهاب سومرو جنھن علائقي ۾ سندس ڊيوٽي لڳائي ويئي ھئي، پاڻ پھرين ڪڏھن انھيءَ ڌرتيءَ جي حصي ۾ نه آيو ھو. پاڻ سڀ کان پھرين ان ڳُتيل آبادي جي بازار ڏي رُخ ڪيائين، ھڪ ڪپڙي واري جي دُڪان تي چڙھيو ۽ خاموشي سان دُڪان ۾ ڪُنڊڙي وٺي ويھي رھيو. ڪپڙي جي دُڪان وارو ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي ڀليڪار ٿي ڪئي ۽ پنھنجي دُڪان ڏي سڏ ٿي ڪيو. نيٺ سندس محنت رنگ لاتو ۽ ھڪ خاتون سندس دُڪان تي چڙھي، جنھن کي دُڪان وارو باجي باجي چوندي نٿي ٿڪو، خاتون ھڪ طرف دُڪان ۾ بينچ تي ويھندي چيو: ”ادا ڪو لان جو سٺو ڪپڙو ته ڏيکار. دُڪان واري واڇون ٽيڙيندي: ”باجي اوچو لان جو ڪپڙو ڏيکاريان يا سادو! ”ادا جيڪو سستو به ھجي ۽ سُٺو به ھجي. ”باجي مون وٽ ھر قِسم جو ڪپڙو آھي پر توھان کي خبر آھي ته اوچي شيءَ سستي نه ھوندي آھي. ”چڱو ادا ڏيکار اوچو ڪپڙو پر ٿوري رعايت ضرور ڪجان. دُڪان واري ڦُڙتي سان ڪپڙن جا ٿَانَ لاھڻ شروع ڪيا ۽ گڏ رڙيون به ڪندو ويو: ”باجي ھي ڏسو.... باجي ھي ڏسو بلڪل نئون پرنٽ آيو آھي، مارڪيٽ ۾ صرف مون وٽ ئي آھي. خاتون ھڪ وڳو پسند ڪندي: ”ادا ھن جي قيمت گھڻي آھي! ”باجي ھي بلڪل نج لان آھي، ٻين کي ته پندرنھن سئو جو جوڙو ڏيندو آھيان پر توھان لاءِ صرف ٻارنھن سئو جو آھي، ڇو جو توھان مون کان پھرين واعدو ورتو ته رعايت ڪجو. دُڪان ۾ ھڪ ھلڪڙو ٽھڪ جو آواز اُڀريو، دڪان واري پريشان ٿيندي ھيڏي ھوڏي ڏٺو وري خاتون کي چيائين: ”باجي توھان ٽھڪ ڇو ڏنو! خاتون جيڪا ڪپڙن ڏسڻ ۾ غرق ھئي تنھن کيس عجيب نظرن سان ڏسندي چيو: ”ادا خير ته آھي، مان ڇا جي لاءِ ٽھڪ ڏينديس! توھان ڪو لطيفو مونکي ٻُڌايو ڇا! مان ته ڪپڙو ڏسي رھي آھيان ۽ ھاڻ مون کي صحيح قيمت ٻُڌايو. دُڪان واري پنھنجي سڄي دُڪان ۾ پريشان ٿيندي نظر ڦيرائيندي: باجي مون توھان کي پھريان قيمت ٻُڌائي ڇڏي قسم سان ڪوڙ نٿو ڳالھايان ڀلارو مھينو آھي. ”ادا ھاڻ ٻُڌ اَٺ سئو وٺ وڌيڪ نه ڏينديس. ”باجي توھان يقين ڪريو قسم سان منھنجي گھر جي خريد به اھا نه آھي، ھاڻ توھان مون کي يارنھن سئو ڏئي ڇڏيو مان توھان جي ڳالھ رکان پيو. ” نه ادا انھيءَ قيمت ۾ ھي وڳو ته تمام گھڻو مھانگو آھي! ”باجي توھان پاڻ سوچيو ته ملڪ ۾ ڪيتري مھانگائي وڌي وئي آھي رڳو ڪپڙو ڇا پر اَٽو کنڊ ھر شيءِ. ”پر ادا مان ھتي ڪپڙو وٺڻ آئي آھيان، توکان اَٽي کنڊ جو مُلھ نه پڇڻ آئي آھيان، تنھنجو دُڪان ڪپڙي جو آھي، نه ڪو سوناري جو دُڪان، تنھن ڪري ڪپڙي وڪڻڻ وارو آھين، تون ڪپڙي جو اگھ ئي ٻُڌاءِ ته بھتر آھي، سياستدان ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر. ” او.. ھو ...ھو... باجي ناراض نه ٿيو ھاڻ توھان مون کي ھزار روپيه ڏئي ڇڏيو بس، انھيءَ کان وڌيڪ مان ڇا رعايت ڪري سگھان ٿو! دُڪان واري خاتون جي جواب جو انتظار به نه ڪيو ۽ ڪينچي کڻي ٿاَنَ مان ڪپڙو ڪٽڻ شروع ڪيو، جلدي ۾ پيڪ ڪري خاتون جي اڳيان رکيائين، جنھن پنھنجي پرس مان ھزار جو نوٽ ڪڍي سندس تري تي رکيو ۽ دُڪان تان لھي ويئي. اڃا دُڪان واري ڏوڪڙ کيسي ۾ مس وڌا ته سندس پاسي واري دُڪاندار، جيڪو سندس ۽ خاتون جي سڄي گفتگو ٻُڌندو رھيو ھو، تنھن اَک ھڻندي چيس: ”ميان قسم مڙئي ٿورا گھٽ کائيندو ڪر ڪجھ خدا جو خوف ڪر ايڏو ظالم نه ٿيءُ، مون وٽ به ساڳيو ڪپڙو موجود آھي ۽ آئون ڄاڻان ٿو انھيءَ جي اصل قيمت پر ائين نه ڪر قسم ڪوڙا نه کڻ. ” يار مون ڪوڙو قسم نه کنيو ھو نه ئي ڪڏھن کڻندس، مون گھر جي خريد مطابق ڪپڙو وڪيو. ” گھر جي خريد مان تنھنجي ڇا مُراد آھي! ”يار تو ته حد ڪري ڇڏي تون ڪپڙي وارو ٿي ڪري اھا ڳالھ به نٿو ڄاڻين! گھر جي خريد جو مطلب آھي، ته جڏھن به مان دُڪان لاءِ ڪپڙو آڻيندو آھيان، پھريان اھو سَستي مُلھ ۾ گھر واري کي وڪڻندو آھيان، جيڪا بنا ڪنھن نخري جي مون کان سمورو ڪپڙو سَستي مُلھ ۾ خريد ڪري وٺندي آھي ۽ گھر جي گودام ۾ رکيو ويندو آھي. پوءِ جيئن مون کي ڪپڙي جي ضرورت دُڪان تي پوندي آھي، ته مان پنھنجي گھر واري کان اھو ڪپڙو واپس خريد ڪندو آھيان. جيڪو ھو مون کي مھانگي اگھ ۾ وڪڻندي آھي، اھڙيءَ طرح سان منھنجو قسم سچو ٿي پوندو آھي ۽ انھيءَ کي ئي گھر جي خريد چئبو آھي سمجھئي ڀوڪ بصر. ھن دل ۾ مُرڪي ڏنو ۽ سوچڻ لڳو، اي منھنجا مالڪ تو انسان کي ڪيترو نه خود مختيار ڪري ڇڏيو آھي ڪاش تون اسان کي به ايترو خودمختيار بڻائي ڇڏين ھا! پاڻ جلدي ان دُڪان مان نڪري ھاڻ ان بازار سان گڏ رھائشي علائقي ڏانھن رُخ ڪيو. ھڪ گھٽيءَ مان لنگھندي کيس ھڪ گھر مان ماڻھن جو زور سان ڳالھائڻ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو پاڻ ھڪدم ان گھر اندر گھڙي ويو ۽ ھڪ ڪُنڊڙي وٺي ويھي رھيو. ھڪ عورت رڙيون ڪندي: ”تون پنھنجي ياداشت وڃائي چڪو آھين آئون ڪوڙ ڪونه پئي ڳالھايان! ”اڙي خدا جي بندي ڪجھ ته خوف ڪر، منھنجي مُنھن سامھون مون کي ڪوڙو پئي ڪرين. ھن سوچيو اھو ڪو خانداني جھيڙو آھي، ھتي فضول وقت وڃائڻ آھي پر کيس عورت جي انھيءَ ڳالھ تي ڏاڍي کِل آئي ته ھڪ شخص ياداشت به وڃائي ويٺو آھي ۽ پوءِ به کيس خوفِ خدا ضرور آھي، ھو اھو به سمجھي سگھي پيو ته سامھون وارو ڪوڙ پيو ڳالھائي ته پوءِ ان جي ياداشت ڪيئن گُم ٿي ويئي آھي! پاڻ ھڪدم ان گھر مان ٻاھر نڪتو ۽ سوچڻ لڳو اي منھنجا مالڪ انسان کي تو ڇا صرف ڪوڙ ڳالھائڻ لاءِ تخليق ڪيو ھو ڇا ! ھنن کي ڪا جھل پل ئي ناھي جڏھن چاھين ڪوڙ ڳالھائيندا وتن ۽ ھنن کي اھو به احساس ناھي، ته ھو ڪوڙ ڳالھائي پنھنجو پاڻ کي نقصان ڏئي رھيا آھن. انھن ئي سوچن ۾ گُم ھو ھڪ دفتر ۾ پھتو، ھڪ ڪاموري جي آفيس ۾ گھڙيو. جيڪو پنھنجي ڪُرسي تي براجمان ھو ۽ ڪنھن سان گفتگو ۾ محو ھو، سامھون ويٺل شخص ڊڄندي چَپَ چوريا ”سائين منھنجو ڪم پڪ سان ٿي ويندو. ”ھائو ڇو نه منھنجي پي.اي سان ملو پر ھن وقت نه مغرب جي اذان کان پوءِ ساڻس ملجو. ” پر سائين ھن وقت ڇو نه! ”ٻار آھين ڇا ڀلارو مھينو ھلي پيو، ھن مھيني ۾ ته اسين ڪنھن جو ڪم به نه ڪندا آھيون، تون ته وري سفارش به کڻي آيو آھين ته ھاڻ توکي جواب ڪيئن ڏجي. ”ٺيڪ سائين مان مغرب کان پوءِ سندس گھر وڃي اوھان جي امانت پھچائي ڇڏيندس. ھي ھڪدم آفيس مان ٻاھر ڀڳو ۽ آسمان ڏي نظر ڪندي چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪندي چيائين: ”اي منھنجا مالڪ ھي لفظ امانت ھت تنھنجي ٺاھيل دنيا ۾ ڪھڙي طرح استعمال ٿي رھيو آھي! حيرت جھڙي ڳالھ آھي انسان فقط ھڪ مھيني کي ئي ڀلارو مھينو سمجھي ٿو، ٻي سڄي زندگي ائين ئي ڌٻڻ ۾ گذاري ڇڏي ٿو! ھاڻ وري پاڻ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي بازار ڏي رُخ ڪيائين جتي فروٽ جي ريڙھي وارن سان ماڻھو تِکو تِکو ڳالھائي رھيا ھئا پر کين ڪو به فائدو نه رسيو ٿي، مُرڳو ويتر پنھنجي نڙي خشڪ ٿي ڪيائون. ھر طرف لُٽ مار جو بازار گرم ھو، پاڻ سوچڻ لڳو اي مالڪ ھي ڪھڙو ڌرتيءَ جو حصو آھي، عجيب سان گڏ غريب پڻ آھي، ھتي نه ته ظالم جي خبر پوي ٿي، نه مظلوم جي جنھن کي جتان موقعو ملي پيو، اھو اُتان ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. شايد ھتي شريف اھوئي آھي جنھن کي موقعو نٿو ملي، پر سوچڻ جھڙي ڳالھ ته اھا آھي، تو ھنن کي سڀني مخلوقات کان اشرف بڻائي ڇڏيو! ھنن ۾ تڪبر ۽ احساسِ برتري ايتري حد تائين آھي جو ھيءَ پنھنجو پاڻ کي به اڃا تائين سُڃاڻي نه سگھيا آھن. ھاڻ مغرب جو وقت ويجھو ھو ھر گھٽيءَ ۾ ھڪ مسجد موجود ھئي ھر مسجد جي پُٺيءَ جي ڪَنڊي ۾ ڪنھن نه ڪنھن مسلڪ جو تير ٽُنبيل ھو، دروازن تي تالا چڙھيل ھئا ته متان ڪو خدا جي گھر ۾ گھڙي گھڙيال نه لاھي وڃي يا وضوءُ ڪرڻ واري نلڪي جي ٽونٽي نه لاھي وڃي. پاڻي پيئڻ جون سبيلون پڻ ھن علائقي ۾ گھڻيون ھيون پر گلاس زنجيرن سان ٻڌل ھئا، جيئن علائقي جي ماڻھن جو ايمان ڪنھن بي ايماني جي زنجير ۾ جڪڙيل نظر ٿي آيو. مغرب مھل ھر گھر مان مختلف کاڌن جي خوشبو ٿي آئي، پر مِٺ محبت جي خوشبو جو ھتي نالو نشان نه ھو، صرف نفسا نفسي ھئي، ڪنھن کي ڪنھن سان غرض نه ھو ته پاسي وارو سانجھيءَ جي ماني کائيندو يا بُکيو سُمھي پوندو. ھاڻ مغرب جي اذان اچي رھي ھئي، ھر گھر ۾ ڪو نه ڪو اڇي ٽوپي پائي فروٽ کاڌا پنھنجي اڳيان سجايو ويٺو ھو ۽ خوشي فخر محسوس ڪري رھيو ھو پر ڇا تي! اھا پاڻ ان کي خبر نه ھئي، ته ڪٿي وري ان وقت روزا ڪُشائيءَ جون وڏيون پارٽيون به ٿي رھيون ھيون. جنھن ۾ خبر نٿي پئي ته سچا گھڻا آھن، ته ڪوڙا گھڻا آھن. بس ھر ڪو دعوت ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پھچي ويو ھو، ميزبان پنھنجي شان شوڪت ڏيکارڻ ۾ پورا ھئا. ڪو غريب مسڪين سوالي ٿي آيو ته ان کي جواب ٿي مليو ته ٿوري دير کانپوءِ اچجان. جيئن اوبر سوبر توکي ڏيون باقي پارٽي ۾ شرڪت جي لائق تون نه آھين، ڇو جو نه ته تو وٽ چمڪدار ويس وڳا ڪاٽن جا ڪپڙا آھن، نه تو وٽ چمڪندڙ گاڏي آھي، تون صرف بُکيو آھين. پاڻ اڄ ھن علائقي ۾ اچي سخت مايوس ٿي چڪو ھو، ھاڻ سندس واپس اُڏام آسمان طرف ھئي، ھو صرف اھو سوچي رھيو ھو ته مالڪ جي به آخر رضا ڇا آھي!