صنم کوڙ تُنهنجيون ادائون مِليون هِن ................

غلام مصطفي ا

سينيئر رڪن
هي غزل پنهنجي پِرين کي ارپيان ٿو ، جيڪو هن غزل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ شامل آهي اوهان جي اصلاحي راين جو منتظر

صَنم کوڙ تُنهنجون اَدائون مِليون هِن،
وَفائون مليون ڪجهه جَفائون مِليون هِن.

مُحبت ۾ جيڪي مِليا درد توکان،
اکين تي رکيون جي سزائون مِليون هن.

هٿين خالي تنهنجي اڱڻ تان ورياسين،
رڳو لڙڪ سڏڪا عطائون مِليون هن.

وساري خُدا کي ڇڏيو عِشق ۾ آ،
سَڄڻ مئه پئڻ سان ئي لائون مِليون هن.

ٿي قربان پنهنجون بَهارون ويون سڀ،
هي آڪاش نِٽهڻ خزائون مِليون هِن.
 
اوهانجو غزل ت پنهنجي جا تي تمام سهڻو ۽ پرترنم آهي، چترڪاري به دل لڀائيندڙ آهي ۔۔۔ لفظ به مٺڙا آهن پر اوهانجي غزل ۾ صنم ڪٿي آهي، اهو ڳولهي ڳولهي بيک ڪڍي وڌي اٿوَ ۔۔۔۔ وفائن، سزائن، سڏڪن، ڏکن ۾ يا مئه ۾ صنم ڪٿي آهي ۔۔۔۔؟؟؟؟ ڳولها جاري آهي ۔۔۔۔

لک قرب ۔۔۔ سهڻو ونڊ
 
Back
Top