سائين ! سنڌ ۾ هڪڙو ڇوڪرو ويچارو ننڍي هونديئي يتيم ٿي ويو هو،نالو هيس گامون سچار،اهو نالو سچ ڳالهائڻ جي عادت ڪري پيس ، ڪو پاڻ وٽ ٽڪڻ نه ڇڏيندو هيس ،سندس هڪڙي چاچيءَ رحم کائي پاڻ وٽ رهايس۔ هڪڙي رات سندس چاچو ڪنهن ڪم سانگي ڪنهن ٻئي ڳوٺ ويو ،رات جو سندس چاچيءَ جو ڪو يار اچي نڪتو، جنهن سندس چاچيءَ سان اچي ڪچهري ڪرڻ شروع ڪئي ،يتيم ٻار،ڪري ڪجھ نه پيو سگھي ،ستي هنڌ پيو وٽ کائي، ڪچهريءَ دوران يار چاچهنيس کي چيو ته ” اهڙي سونهڻي ٿي لڳين جو ڪچو کائي وڃانءِ“۔ سڀاڻي تي چاچس اچي نڪتو، زال کان ٻيڙي دکائڻ لاءِ ٽانڊو گھريائين، گامون سچار ڦاٽ کاڌو، چاچا،چاچا! جي ٽانڊو گھر ۾ هجي ها ته رات يار ڪچو ڇو کائيس ها؟