گل دنيا جي هر ماڻهن کان سهڻا هوندا آهن پر ڪي ماڻهو انهن گلن کان سهڻا هوندا آهن انهن سهڻن کي شام جو پيار ڀريو سلام.....
وعليڪم السلام اسان ادا عباسي صاحب جن کي اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔ تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي جڏهن وطن کان دور پرديس ۾ رهندڙ سنڌي هن (سنڌ سلامت) اڱڻ تي ڪٺا ٿيندا آهن، ۽ پنهنجي قوم کي سڄاڳ ڪرڻ لا ويچار ڪندا آهن۔
وعليڪم سلام ڀليڪار پيارا ، سنڌي ماڻهو سهڻا من موهڻا ۽ وري سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل دوست به هڪ گلن جي هار جيان آهن، اوهان جا قرب ، شال سدا خوش هجو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سنڌي ماڻهو سٻاجهڙا، جنهن جنهن جو وڃن، ،توڙي ڏور رهن، تن ۾ مهڪ ملير جي۔۔۔۔وعليڪم اسلام منهنجا مٺڙا دوست شل جتي به هجو خوش هجو، ساٿ سلامت رکجو۔
توهان جي مهرباني طاهر صاحب۔ پرديس ۾ اچڻ کان بعد سنڌ جي ڪمي محسوس ٿيندي آ۔ اهي پيارا سنڌي ماڻهو، انهن جو پيار، انهن جي مهمان نوازي، (سنڌ سلامت)
جي ادا عباسي صاحب يقينن سنڌ امڙ محبتن واري پياري ڌرتي آهي، جنهن جي ڪمي يقينن اوهان کي محسوس ٿيندي هوندي۔ ادا عباسي صاحب اسان کي وڌيڪ خوشي ٿيندي جيڪر اوهان هن پياري محبتي اوطاق سنڌ سلامت تي محبتي دوستن سان اوهان پنهنجو ڪجھ تفصيلي تعارف ڪرائيندا۔ لک لائق، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جي طاهر صاحب اسان جو ڪو وڏو تعارف نه آهي اسان جو مختصر تعارف آهي مان پاڻ لاڙڪاڻي شهر سان تعلق رکندڙ آهيان هاڻي مونکي دبئي ۾ هڪ ننڍڙي نوڪري آهي۔بس توهان ڀائرن جي دعا سان گذر سفر هلي ٿو۔
ادا عباسي صاحب مختصرا اوهان جو سنڌ جي محبوب شهر لاڙڪاڻي سان واسطو رکڻ جي خبر پئي، جنهن لا ٿورا۔ ادا عباسي صاحب در اصل سنڌ سلامت جو مقصد ته صرف اهو آهي ته جيئن سنڌ جا سگهڙ محبتي منٺار سنڌي ڀائر دنيا ۾ ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجن کين انٽرنيٽ جي هن دنيا ۾ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ڏيڻ، ۽ مٺڙي ٻولي جو انٽرنيٽ جي دنيا ۾ واٍڌ ويٍجھ جو ڪم ڪرڻ، تاڪه منهنجي مٺڙي ٻولي انٽرنيٽ جي هن وسيع ميدان ۾ پنهنجا قدم ڄمائي سگهي۔ ان ڪري ئي ته هي اڱڻ سنڌ سلامت دنيا جو سڀ کان پهريون ۽ وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن لا اسان سڀئي سنڌي سائين ذيشان رشيد صاحب جن جا شڪر گذار آهيون۔ ادا عباسي صاحب اوهان کي يقينن هن محبتي اوطاق مان گهڻو پرائڻ لا به ملندو، ۽ اسان جي اوهان کي به گذارش آهي ته اوهان به پنهنجي نڪور لکڻين سان اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا۔ اوهان جي لکڻين موتي داڻن جو شدت سان انتظار رهندو، خصوصي طور اوهان جي فيلڊ جي متعلق جو هڪ ته اوهان دبي ۾ رهو پيا ۽ ٻيو ته ڪمپيوٽر ڪمپني جا سيلز مين آهيو، جيڪو يقينن تمام سٺو ۽ ذميوراڻو شعبو آهي۔ ٻاهرين دنيا ۾ آئي ٽي، ڪمپيوٽر، سافٽ ويئر جا ڪم گهڻو تيز ٿين، پر اهي ساڳيون ئي شيون تقريبن اسان وٽ سنڌ ۾ ان وقت پهچن ٿيون جڏهن ٻاهرين دنيا انهن کي ڇڏي چڪي هجي جنهن مان ثابت ٿيو ته اسان اڃان ان ميدان ۾ گهڻو پٺتي آهيون۔ اوهان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي آئي ٽي، ڪمپيوٽرز، سافٽ ويئرز جون نت نيون تازيون خبرون چارون، ورزن وغيره بابت ڄاڻ اسان سان شيئر ڪندا رهجو، تاڪه سنڌي سٻاجهڙا به ان ميدان جي خبرن چارن کان اپڊيٽ ٿيندا رهن۔ سنڌ سلامت
ادا نادر عباسي صاحب توهانکي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئجي ٿو انشاالله هن اوطاق تي توهانکي پهنجائپ محسوس ٿيندي اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو 250 اٽيچمينٽ ڏسو
جي طاهر صاحب ضرور اوهين ڀائرن سان اهي ڳالهيون شيئر ڪبيون ڪمپيوٽر فيلڊ ۾ ڪيترا ئي شعبا آهن، پر اسان جو واسطو ڪمپيوٽر ايڪسسريز ۽ ليپ ٽاپ سان آهي۔ ليپ ٽاپ هن مهل جديد ٽيڪنالاجي ،، ڪور آ سيون،، جي آهي ليپ ٽاپ ،،ڊيل، توشيبا،، ايڇ پي،، انهن برانڊ جي سٺي ڊماند آهي۔ ليپ ٽاپ اسان پرديسن لا هڪ سهولت آهي۔ جمع جي ڏينهن پنهجي گهر ڀاتين سان آن لائين چيٽ ڪري پنهنجي پوري هفتي جي ٿڪاوٽ دور محسوس ڪندا آهن۔ ليپ ٽاپ رکڻ ۾ سولو آهي ڇو ته هتي ننڍن ڪمرن ۾ وڏو ڪو به سامان نٿا رکي سگهون۔ سائين توهان پنهجو تعارف ڪرائيندا سائين جن جي مهرباني ٿيندي۔
ادا عرس پريو صاحب توهان جي وڏي مهربانيانشاالله هميشه سنڌ سلامت تي ساٿ رهندو۔ ۽ پنهنجائپ سمجهي ان ڪري ته اسان سنڌ سلامت جوائن ڪيو آهي هڪ ڀيرو ٻيهر توهان جي وڏي ۾ وڏي مهرباني۔