مست
سينيئر رڪن
هڪ جهنگ جو سردار شينهن رٽائر ٿي ويو، هاڻي طئي اهو ٿيو ته ڪو نئون سردار ٺاهجي،
ان جي لاءِ لومڙيءَ جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽي ٺاهي وئي،
جهنگ جي سردار جي اميدوارن ۾ هاٿي، چيتو، گينڊو، رڇ پڻ شامل هئا۔۔
انتخاب ڪرڻ لاءِ جهنگ جا سڀ جانور موجود هئا۔۔۔
اوچتو انهن سڀني جانورن کي هٽائيندو هٽائيندو ۔۔ جهنگ جو ڪُتو سامهون آيو،
ڪتي وڏائيءَ سان چيو۔۔ جهنگ جو سردار مون کي ڪيو وڃي
لومڙي پنهنجي پڇ کي لوڏائيندي چيو۔۔۔۔
صدقي وڃان سهڻا، هي جهنگ آهي ڪو پاڪستان ناهي، جهنگ جي به ڪا عزت ٿيندي آ۔۔۔