جوکيو شفيق احمد
سينيئر رڪن
علم ۽ سوسائٽي کي بچائڻ لاءِ فوجي طاقت (سگهه) جو هجڻ تمام ضروري آهي.
تعليمات افڪار ۽ فلسفه امام انقلاب عبيد الله سنڌي.
شفيق احمد جوکيو.
هڪ علم وارو (ڏاهو مفڪر فلسفي حڪيم) انسان پنهنجي علم کي انساني سوسائٽي لاء فائده (لاڀ) وارو سمجهي ٿو. پوء ان کي جيڪي به ماڻهو ملي ٿو ان کي علم سيکاري ٿو ۽ شاگردن (اسٽوڊنٽس) کي گڏ ڪري انهن جي هڪ جماعت (پارٽي) بڻائي (جوڙي) ٿو ته جيئن سڀ هڪ ٻئي جي مدد ڪن پوء جيڪڏهن اهو مفڪر (فلسفي حڪيم) انسان گهرندو ته ان جي علم کي ڪوبه نه بگاڙي ۽ ان جي ٺاهيل (جوڙيل) جماعت کي ڪير به برباد نه ڪري ته ڇا ان لاء هي ڳالهه ضروري نه آهي ته؛ هو پنهنجي جماعت ۾ فوجي
طاقت (سگهه) به پيد ڪري!؟
اتان معلوم ٿيو ته علم پکيڙن لاء حڪومت حاصل ڪرڻ به ضروري آهي.
تفسير الهامُ الرحمٰن،
في تفسير القرآن،
سنڌي
امام انقلاب عبيد الله سنڌي،
مڪتبه اصلاح و تبليغ،
هيرآباد مارڪيٽ ٽاور،
حيدرآباد-سنڌُ.
نوٽ:-
حڪومت حاصل ڪرڻ لاء فوجي سگهه جو هجڻ لازمي عنصر آهي. شفيق احمد