سنڌ يوٿ ڊولپمينٽ فورم!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جولائي 2012۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    دوستو! جيئن ته اسان پنھنجو پاڻ کي لاوارٽ مذھبي سياسي قومي تنظيمن ۾ ورھايل ڏسي ڏسي سنڌيوٿ ڊولمينٽ فورم ”ڪراچي“ تيار ڪيون سين، دوستن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي سين دوست ھا ڪئي ۽ شروعات ڪئي سين فورم شروعات جي مرحلي ۾ آھي، ۽ فورم کي دوستن جي ساٿ جي سخت ضرورت آھي، اسان جو مقصد صرف سنڌيت جي خدمت ڪرڻ آھي، سنڌسلامت سٿ اسان سان گڏ آھي، ڪوبه دوست اگر اسان جو ساٿ ڏيڻ چاھي ته اسان سان رابطو ڪري ٿو سگھي،
    فورم جو مقصد ۽ ڪم
    نثار ابڙو
    سنڌي نوجوانن، مزدورن يا هنرمندن کي ڪراچيءَ ۾ برسرروزگار ڪرڻ ۽ رهائڻ لاءِ جيڪي دوست ڪراچيءَ ۾ رهنٿا ... اهي گڏجي سڏجي هيٺيان ڪم ڪن؛

    1. جيڪي سنڌي دوست ٻين شهرن کان اچن انهن کي ڪجهه ڏينهن رهائش ڏيڻ.... نوڪري لڳڻ کانپوءِ هو پنهنجو بندوبست ڪن ... ۽ جيڪي خرچ ٿئي ته اهو به ادا ڪري سگهن .... انهن کان مليل پئسا وري نون ضرورتمندن تي خرچ ڪجن... جڳهه ڪرايي تي يا ڪنهن دوست جي خالي جڳهه ڪنهن سنڌي علائقي ۾ هجي، جنهن ۾ 8 يا 10 ماڻهون عارضي رهي سگهن. حاصل ڪرڻ.

    2. آفيسن ۾ يا ڪارخانن ۾ يا دڪانن تي مزدورن جي گهرج هجي ته اتي سنڌين کي ڀرتي ڪرائن،. وس وارا، سنڌي دڪاندار، سنڌي واپاري يا وري سنڌي ڪارخينيدار يا وري سنڌي نوڪرين وارا ان ڏس ۾ مدد ڪري سگهنٿا ...

    3. ڪجهه پئسن جي مدد، سنڌ سميت جيڪي دوست ٻاهر رهنٿا ۽ هو سمجهن ٿا ته 50 ، 100، 500 يا 1000 يا پنهنجي وس آهر ماهوار مدد ڪري سگهن ته اهي پئسا جمع ڪري سنڌي نوجوانن کي نوڪريون لڳرائڻ يا انهن کي رهائڻ يا ممڪن ڪجهه ويلا کاڌي تي خرچ ٿين ته اهي ڪري سگهجن.

    4. فيسبڪ، انٽرنيٽ ۽ ٻين ذريعن ذريعي سموري سنڌ ۾ اعلان ڪرايو وڃي، رابطي جا ذريعا ڏنا وڃن ته جيڪي مدد ڪرڻ چاهن سي مدد ڪن ۽ جيڪي مدد وٺڻ چاهن سي پڻ رابطو ڪري مدد وٺي سگهن.

    مطلب ته ان ڪم لاءِ پهريان مناسب تعداد سموري ڪراچيءَ ۾ سلڇڻا دوست گڏ ڪريو، جيڪي ڪم ڪري سگهن ۽ مدد وٺي سگهن يا مدد ڪري سگهن. ۽ ان ڪم لاءِ پنهنجيون خدمتون ڏئي سگهن ....

    ڪراچي سنڌي روزگار ڪاميٽي جوڙي وڃي ... مول متا ٺاهي ڪم شروع ڪيو وڃي ... پنهنجي پاران جيڪي مدد ٿي سگهي يا جيڪو ڪم اوهان رکيو سو ڪري وينداسون ...

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ....

    سنڌ جي سڀني سڄاڻ ، سلجهيل ۽ هلندي پڄندي وارن دوستن کي عرض آهي ته هو اڳتي وڌن ۽ هن ڪار خئير ۾ هٿ ونڊائن

    قوم جو ڀلو ڪرڻ اصل ۾ پنهنجو ڀلو ڪرڻ آهي



    دوستن کي ڪھڙو ساٿ ڏيڻو آھي۔۔۔۔۔۔؟؟


    پنهنجو صلاحون ۽ رايا ڏين ته ان ڪم کي ڪيئن نڀائجي.
    2. سرندي پڄنديءَ وارا دوست پنهنجون خدمتون آڃن ته هو ڪيئن مدد ڪري سگهندا
    3. اهڙا دوست جيڪي ڪراچيءَ ۾ ڪارخانن ، دڪانن ، افيسن يا ٻين انجنيئرنگ جي ڪمن ۾ سنڌ کان آيل دوستن کي ڀرتي ڪرائي سگهن سي پڻ پنهنجي مدد ڪرڻ جي حامي ڀرن
    4. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ دوست پنهنجن پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن احبابن ۽ ٻين ضرورتمندن کي ڪراچيءَ ۾ وٺي اچن ۽ انهن جي مدد ڪري انهن کي دڳ لڳائين روزگاري سان لڳرائن.
    5. ڪراچيءَ ۾ لکين ڪم آهن ... دنيا سموريءَ مان ماڻهون اچي روزگار حاصل ڪنٿا ۽ پيٽ پالن ٿا .... اچو ته سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ برسر روزگار ڪري پاڻ ملهايون.

    اوهان دوستن جا هر هڪ ذري ذري جي مدد ڪنهن سنڌي دوست کي روزگار سان لڳائي سگهي ته ان کان وڌيڪ نه ڪا خدمت نه ثواب ...
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    + ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهيو. هي هڪ فلاحي ڪم آهي، جنهن ۾ عهديدار گهٽ ڪاميٽيون وڌيڪ هونديون آهن ... پوري ڪراچيءَ جي مختلف علائقن تائين اها ڳاله سنڌين تائين پهچائڻي آهي ... دوست گڏ ڪريو پر ڪم وارا ۽ سلڇڻا

    + ڪاميٽي کان پوءِ هن فورم جا مول متا ۽ مقصد پڌرا ڪيو ....

    + فيسبڪ ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي انهن مقصدن جو هڪ وال پيپر ٺاهي عام ڪريو ...

    + هر ڪم جون ڪيٽيگريون ٺاهيو ... اهم ۽ ضروري ڪم، اڳ انکانپوءِ ٻيا ڪم ... نيت صاف مراد حاصل
    انشاء الله

    + فنڊن جي جڏهن ضرورت پوندي ته انشاء الله، ان لاءِ ڪم ٿيندو، في الحال بنيادي ڪم ڪريو جن ۾ في الوقت فنڊن جي ضرورت گهٽ عقلمنديءَ جي وڌيڪ آهي ...

    + اوهان جيڪي دوست پاڻ ۾ گڏ ٿيندا، انهن جو ڪم هوندو ڪراچيءَ ۾ ڪهڙين ڪهڙين جاين تي سنڌين کي نوڪريون ڏياري سگهجن ٿيون .... جنهن لاءِ صرف معلومات حاصل ڪرڻي آهي ...

    + سنڌ جي شهرن ۾ اوهان اهو مشهور ڪندا ته جنهن نوجوان کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ جي تلاش آهي کيس مشڪل آهي ته اوهان سان رابطو ڪري ته جيئن اوهان سندس اخلاقي مدد ڪري سگهو ...۽ ممڪن ٿيو ته کيس ٻه ٽي ڏينهن رهائي به سگهو ... بلڪ ڪيتري حد تائين نوڪري ڳولهڻ وارو پاڻ به خرچ پکو ڪري سگهندو، ڇاڪاڻ نوڪري ڳولهڻ وارا صفا ڪي فقير به نه هوندا آهن.

    + انڪري اوهانجي ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ سان وڌيڪ ڪم آسان ٿيندو ... آهستي آهستي جيئن جيئن ڪم اڳتي وڌندو تيئن تيئن ان جا خدو خال نڪرندا ۽ اوهانکي ڳالهه سمجه ۾ ايندي ويندي ... انکانپوءِ ماڻهن کان مدد به گهري سگهبي ...

    + سنڌي نوجوانن کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريون وٺرائڻ کان شروعات ڪريو، ته جيئن نوڪرين ملڻ کانپوءِ هو پنهنجو پاڻ پنهنجا باقي بندوبست ڪري وٺندا ...

    هڪ مثال ته آءُ جڏهن برطانيا ويم ته مونکي سنڌي دوستن دلبرداشته ڪيو ۽ مونکي موٽي وڃڻ جي صلاح ڏني جڏهن ته هڪ سرائڪيءَ مونکي آسرو ڏنو ۽ چيو ته برطانيا ۾ آيو آهين ته ائين تڪڙو واپس ڇوٿو وڃين ...؟

    مونکان پڇيائين ته مون وٽ پئسا ڪيترا آهن،
    مون کيس پنهنجو حال ٻڌايو
    چيائين ته ٺيڪ تو وٽ اڃان پندرهن ڏينهن جي رهڻ جو خرچ آهي، مونکي هڪ ڪمرو ڪرائي تي وٺي ڏنائين ۽ منهنجا پئسا پاڻ وٽ جمع ڪري مونکي صرف هڪ هفتي جا پئسا ڏنائين ۽ هدايت ڪيائين ته آءُ ٽئڪسي تي نه چڙهان، هوٽل جو کاڌو نه کاوان بلڪ پاڻ پچائي کاوان ۽ گهمڻ وڃان ته يا بس ۾ يا وري پنڌ جيترو گهمي سگهان ته گهمان ...

    هن واعدو ڪيو ته ان دوران هو مونکي ڪم ڳولهي ڏيندو ... سچ پڇو ته منهنجو حيانءُ وڏو ٿي ويو ۽ ٿيو به ائين ئي هن مونکي هفتي جي اندر ئي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڪم وٺي ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته هن مونکي گهرڻ جي جاءَ ڳولهي ڏني آهي، باقي ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ منهنجو ڪم آهي ...

    ۽ ان جي اخلاقي مدد سبب مون پورا ٻه سال برطانيا ۾ گذاريا ۽ خوب ڪمايو به ، گهميو به ...

    مون اهو مثال انڪري ڏنو ته هُنُ ڏاهي ماڻهونءَ جي اخلاقي مدد منهنجي لاءِ ڪيتري ڪارآمد ثابت ٿي .. انڪري اوهان دوست جيڪي ڪراچيءَ ۾ رهو ٿا اوهانجي اخلاقي مدد، سنڌ جي ٻين شهرن کان آيل سنڌين کي ڪم ايندي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو