شاهجهان سُميل
سينيئر رڪن
منهنجي قوم ۽ با شعور سماج
شاهجهان سُميل
مان سڀني دوستن کي مبارڪباد ٿو ڏيان ته اسان پنهنجي قوم کي آزاد ڪرائڻ لا جلد ئي ڪامياب ٿيڻ وارا آهيون. بس هڪ ڳالهه پريشان ٿي ڪري ته سپهه سالار ڪٿان آڻجي، هلو جيڪڏهن سپه سالار ملي به ويو ته فوج ڪٿان ايندي. دنيا جي وڏن وڏن ڏاهن جا قول منهنجي قوم جي فردن تي اچي هڪ ناڪام مثال بڻجي ويندا آهن. مون کي خبر آهي ته انهن قولن کي ناڪام مثال چئي آئون حقيقت، تاريخ ۽ انهن وڏن ڏاهن سان ناانصافي ڪري رهيو آهيان، پر مان پنهنجي قوم کي ناڪام لکڻ ۾ به شرم محسوس ٿوڪريان. بحرالحال عوام جي فيصلي ۽ دوستن جي خوبصورت راين لا مناسب رهندو ته ڪجهه قولن جا حوالا ڏجن.
ڪنهن ڏاهي چيوته ڪنهن قوم جي اصل دولت ان جي هر فرد جو باشعور هُجڻ آهي ۽ تعليم ئي بهترين شعور جي ضمانت آهي. ڪنهن ٻئي ڏاهي ته ايئن چيو ”ڪنهن قوم کي جيڪڏهن تباه ڪرڻو هُجي ته ان جي تعليم تباه ڪري ڇڏيو“. منهنجي قوم گهڻي سمجهدار هُجڻ جي ڪري اتفاق سان جلد بازي ڪري ويٺي ۽ پنهنجي تعليم پاڻ ئي تباهه ڪري تاريخ جي منهن تي ڪنهن ڪارڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر سچ ته پنهنجي پاڻ کي هميشه صحيح سمجهڻ به غلط هُجڻ جي نشاني آهي. اسان جي هر فرد جي باشعور هُجڻ جو جيڪڏهن ذڪر ٿئي ته ڪو بين الاقوامي سروي ئي ان جو ڪاٿو لڳائي سگهي ٿو ته اسان جو هر فرد ڪيترو باشعورآهي. پر گيلپ ۽ ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل ته اهڙي ڪنهن به سروي ڪرڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو آهي. مان ۽ منهنجا ٻيا تمام دوست ڄاڻن ٿا ته سچ ۾اهو ڏکيو ڪم آهي. اسان جي قوم ۾ ڏاڍ سان مقابلو ڪرڻ لا رڳو هٿن جون لعنتون يا کڻي سولي سنڌي ۾ چئجي ته دريا جي هُن پار بيهي ٿڪ لعنت ڪرڻ کي عظيم جنگ سمجهيو ويندو آهي. ۽ دشمن جي تصويرن تي چاڪنگ ڪري، ان کي ساڙي ياوري ان تي پاڻ ئي ويهي پنهنجي غلاظت ڪڍي اسان پنهنجو بدلو وٺڻ خوب ڄاڻون ٿا۽ شايد دشمن اُن ڪري ئي اسان کان خوفزده آهي. معاف ڪجو آخري جملو لکڻ به منهنجي مجبوري آهي، ڇو ته مان پنهنجي قوم تي ان هوندي به فخر ڪندو آهيان.
تعليم جي ڳالهه هلي ته سوچيم فيس بُڪ جي مخصوص سبجيڪٽ تي به بحث ڪجي. دوستن جوخيال آهي ته پڙهيل لکيل طبقو فيس بُڪ تي گهڻو ويهندو آهي. سچ هوندو شايد! پر سندن تصويرون ۽ اسٽيٽس مان معذرت سان مونکي شڪ ٿيندو آهي. خير مان به انهن جو ئي حصو آهيان.
سعودي عرب جي جهنڊي جي ڳالهه ڪجي ته نه صرف ان ۾ موجود ڪلموشريف ئي پر سندس رنگ جو به پنهنجو تقدس آهي ۽ مسلمانن جي اڪثريت ان ڳالهه کي تسليم به ڪري ٿي. ان ڪري ئي الحاج ملڪ الشهبار المعروف مالڪوم ايڪس، آمريڪي ڪاري نسل جي قوم پرست چيو ته انساني شعور جي موجودگي ۽ پختگي جو اندازو ان ڳالهه سان به لڳائي سگهجي ٿو ته هو فطرت سان ڪيتري قدر پيار ۽ ان جي عزت ٿو ڪري، جيتوڻيڪ رنگ به فطرت (nature) آهن، ۽ ڪجهه رنگن سان ته اسان جو روحاني لڳائو به آهي. پر روحاني لڳائو به هڪ پاسي، ڪنهن به باشعور ماڻهو کي شايد ئي اهو زيب ڏي ته هو هڪ ڪپڙي جي ٽڪڙي تي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍي ٻيو وري اهو به اتفاق ته اُن تي ڪي فطري رنگ هُجن جن سان ڪنهن روحاني عقيدي جو به تعلق هُجي. هتي اهو ذڪر لازمي هو. ڇا جي ڪري ته منهنجو تعلق بدين سان آهي ۽ بدين ۾ هڪ شاعر، عالم، مفڪر، صوفي ۽ اولياه جنهن جا مڃيندڙ سائي رنگ جي ڪنهن به شيءِ کان ان ڪري پاسو ڪندا آهن ته جيئن ڪٿي اُن جي بيحرمتي نه ٿئي. ڳالهه جيڪڏهن روحاني قدرن کان هٽي ڪري به سوچجي ته اها هڪ بين الاقوامي شعور جي به علامت آهي. ان سان اها ڳالهه به واضح آهي ته صوفين جي عقيدي ۾ ڪيترو ته دلفريب ۽ اعلي ذوق ۽ سکيا موجود آهي، پر افسوس ته سنڌ جي اهڙي ئي هڪ صوفي ۽ بزرگ جا مڃيندڙ سندس درس کان پري آهن.
پنهنجي بيوسي ۽ بزدلي جو اهڙو مثال مون کي پنهنجي قوم جي فردن مان مليو، جن گهر ويٺي اهڙي سهڻي جهاد لاءِ شعور کان بغاوت ڪئي.
هڪ عالمِ دين سان ڪچهري ۾ اها ڳالهه زيرِ بحث آئي ته ڇا هن ملڪ ۾ ڪو انقلاب ايندو. اُن عالم چيو ته ڪڏهن به نه. مون پڇيو ته سائين ڇو؟، هن سوال ڪندي مون کي چيو ته انقلاب ڪير آڻيندو. مون وراڻيو، عوام ! چيائين انقلاب هميشه قوم آڻيندي آهي، عوام نه .... ! منهنجو ڪنڌ ڪجهه دير لاءِ جهڪي ويو، ان ڪري نه ته مونکي پنهنجي سوال ۽ ڏنل جواب ته شرمندگي ٿي، نه ! پر ڪجهه دير لاءِ مونکي پنهنجي قوم ياد اچي وئي.
اسان وٽ سچ ۾ ٻڌي جو اهو عالم آهي ته فقط ذاتي اختلافن جي ڪري اسان چڱو ڪم ڪندڙن جون به ٽنگون ڇڪيندا آهيون.
انسان جي ذاتي ڪردار تي بحث ڪرڻ بجاءِ، قومي ڪردار جي ڳالهه ڪجي ته اياز لطيف پليجي ماضي قريب ۾ سنڌ جو ڪيس چڱي نموني وڙهيو، نام نهاد قومي ميڊيا جي جانبدار سوالن جي جوابن ۾ جتي اسان جا سوين قوم پرست اهو چئي چُپ ڪري ويندا هئا ته ”يه لوسي هي مي اس ڪا جواب نهي دونگا“ اتي اياز نه صرف حقيقتون مڃرايون پر سنڌ جي عوام جو سڏ ورنايو. اسان جي بيحسي ۽ بي شعوري جو اهو عالم آهي ته فقط ڪجهه سياسي ۽ ذاتي اختلافن جي ڪري، دوستن نه صرف سوشل ميڊيا تي ان شخص جي ڪردار ڪشي ڪئي پر ماڻهن کي اُن خلاف اتساهيو. چوڻ جو مقصد ته اسان ۾ هڪ به اهڙي ڳالهه ناهي جيڪا اسان کي قوم ٺاهي.
جيتوڻيڪ آزادي جو نعرو هڻڻ، ان لاءِ وڙهڻ، پنهنجي حقن لاءِ اُٿڻ هر انسان جو جمهوري حق آهي، پر دنيا جي ڪنهن به باشعور سماج ۾ اهڙين ننڍين (cheap) حرڪتن سان انقلاب نه آيو آهي نه وري آزادي ملي آهي. پنهنجي بزدلي ۽ بيوسي جي انتها سان ڪپڙي جي ٽڪڙي کي ساڙي يا ان تي پنهنجي غلاظت هاري نه ته اسان ڪنهن جنگ کي کٽي سگهنداسين نه وري اندر جي غلاظت ماري سگهنداسين.
ان هوندي به مونکي اڄ به منهنجي قوم جي مفڪرن تي پورو يقين آهي ته اهي اسان جي قوم کي نه صرف گڏ ڪندا پر اسان کي حقيقي معني ۾ قوم ٿيڻ لاءِ اسان جي مدد به ڪندا. ۽ اسان جي نوجوانن ۾ هڪ قومي شعور سان گڏ اخلاقي قدرن جي فقدان جو به خال ڀريندا. آزادي يا حقن جي جدوجهد لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان باشعور ٿيون ۽ هڪ قوم ٿيون. آخر ۾ مان پنهنجي قوم جي هر انهي فرد کان معافي گهرندس جنهن کي منهنجي لفظن سان ايضاءَ رسيو هجي، پر مونکي اها حقيقت لڳي، ان ڪري لکيم. مان شايد غلط به هجان، ته اصلاح جا در به کليل آهن.