Ktnسنڌي ڪلچر کي عام ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي

'راءِ شماري' فورم ۾ فيضان طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2009۔

  1. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اوهان جي نظر ڪي ٽي اين سميت تمام سنڌي ٽي وي چينلز سنڌي ڪلچر کي عام ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب وئي آهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
    ڇا واقعي سنڌي ڪلچر انهن چينلز جي مدد سان هٿي ملي آهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين سنڌي ڪلچر ۽ تمام سنڌي چينلز &۾ ته ڏينهن رات جو فرق آهي
    افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڊراما سيريل ۽ فلمون فقط هڪ ئي اسٽوري تي آهن
    وڏيرو ،ڌاڙيل ، ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس اهائي اسٽوري مختلف روپن ۾ پيش ڪئي ويندي آهي
    غريب وڏيري جي ظلم کان وڃي ڌاڙيل ٿئي ٿو پوءِ پلاند ڪندو آهي
    ڇا غريب وٽ فقط اهوئي طريقو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اهڙين اسٽورين مان اڄ ڪلھ نوجوان ڇا مطلب حاصل ڪن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟
     
  3. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    محترم دوستو!
    جيسيتائين سنڌي چئنلز خاص طور تي ڪي ٽي اين Ktn جو سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو تعلق آهي، ته سڄڻ اسان منجھان هر سنڌي ان ڳالھ کان ڀلي ڀت وقف آهي، ته اڄڪل ڪي ٽي اين تي جهڙي صسم جا ڊراما ۽ فلمون پيش ٿي رهيا آهن، اهي هر سؤ اسان جي ثقافت کي صحيح نموني اڳيان ڪونه پيا آڻين. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪي ٽي اين اڄڪلھ جي اسان جي معاشري ۾ اصلاح جي بدران رهندو سهندو گند کي ٿو ڦهلائي، جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال آهي ڪي ٽي اين تي هلندڙ سوپ سيريل ”پٿر دنيا“ جيڪو معاشري ۾ بگاڙ جو وڏو سبب بڻجندو پيو وڃي، اوهان نوٽ ڪيو هوندو ته ڊرامي ۾ فقط دشمني ئي پلندي ڏيکاري پئي وڃي، پر ير! اسان جو سنڌي معاشرو هر ڀرو اهڙو ته ڪونهي جو بندوق جي گندي زبان کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رهي،
    ڇا اسان وٽان محبت مورڳو ختم ٿي وئي آهي، جو ڊرامي ۾ فقط خون خون لڳي پئي هوندي آهي. اوهان پاڻ ئي ان ڳالھ مان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته ڊرامي ۾ جيڪو ڪردار پيار جو پرچارڪ ڏيکاريو وڃي ٿو ايندڙ قسط ۾ ئي ان جو منهنڪارو ڪري کيس بد ترين قسم انسان ٿو ٻڌايو وڃي ۽ هينئر ته اهو حال آهي جو ڊرامي ۾ ڪنهن جو به پازيٽو ڪردار ڪونهي ڀل اها ڇو نه مائي خيران، جنت ڍولو، مولو يا محبتي ماڻهو هجي. يار انهن ڪي ٽي اين جي انتظاميه تائين ڪو اها ڳالھ ته پهچائي ته بيلي اسان جي ثقافت هرو ڀرو به رڳو ڌاڙيلن ۽ دشمنيءَ واري زندگيءَ تي ٻڌل ناهي.
    اسان جو معاشرو صدين کان وٺي پيار ۽ پاٻوھ سان ڀرپور ڪردارن جو معاشرو به رهيو آهي، ڪجھ رحم ڪيو اسان جي ايندڙ نسلن تي، اهي ڇا اوهان جي ڊرامن ڇا سکي پروان چڙهندا.

    ٿورو سوچيو!
    ايس ايم صارِم
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا سارم صاحب تمام سٺي ڳالهه ڪئي آهي پر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ بيماري نموني ڪلچر جيڪو ڪي ٽي اين ۽ ٻيا نام نهاد سنڌي چينلز ڏيکارين پيا اهو آهي بيهودگي ۽ بي حيائي تي ٻڌل ڊانسون، گانا ۽ ڊراما،،
    هنن چينلز جي هوندي اسان سنڌين کي واقعي انڊين ۽ انگريزي چينلز جي ڏسڻ جي ضرورت ڪانه رهي آهي ڇو ته پنهنجي ڏسندڙن جي تعداد وڌائڻ ۽ پيسو ڪمائڻ لا هي چينلز بلڪل پٽڙي تان لهي پيا آهن۔۔۔
    ڇا اسان جي سنڌ جو ڪلچر اهو آهي جو ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ڳلي ملي ڊانس ڪن؟؟؟
    ڇا اسان جي سنڌ جو ڪلچر اهو آهي جو رڳو ڇوڪرين جي مٿان ئي شاعري ڪجي؟؟؟ ڇا سنڌ امڙ تي شاعري ڪرڻ جي هاڻي ضرورت نه آهي۔۔۔؟
    سڀني کان وڌيڪ مونکي اسان جي مشهور پراڻي اداڪاره محترمه روشن عطا جا لفظ ياد ٿا اچن جن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هي ته اسان جو ڪلچر نه آهي۔ هي سنڌ جي چينلز تي ڇا هلي رهيو آهي۔ سنڌ جو نياڻيون بنا رَوَي جي ۽ هاڻي ته پيٽ اگهاڙي گهٽ ڪپڙن سان ڏيکاريون وڃن ٿيون۔۔
    ڇا روشن عطا صاحبه جي ڳالهه وانگر اهو اسان جو ڪلچر آهي۔۔۔؟
    ماڙي جهڙن ڊرامن سان آخر اسان جي سنڌي ڀائرن ڀينرن کي ڪهڙو سبق ڏنو وڃي ٿو۔۔؟
     
  5. حبيب ساجد

    حبيب ساجد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    271
    ڌنڌو:
    انچارج گارڊ پاڪستان ريلويز، روهڙي
    ماڳ:
    اڄ ڪلهه گارڊس ڪالوني روهڙيءَ ۾
    ٿري ڇوڪري جا ڀروان

    دوستو !
    سنڌي چئنل ڏسڻ جو موقعو تمام گهٽ ملندو آهي پر هڪ ڳالهه ڏاڍي محسوس ٿيندي آهي ، ٿرياڻي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ ايڪٽريس جا آءِ بروز سيٽ ٿيل هوندا آهن ..
    آهي نه عجب جهڙي ڳالهه...ا
     
  6. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    اسان جا سنڌي چئنل۔ واه جي مزيدار ڳالهه کولي اٿو، دوستون هيئر رات جا 2 ٿي ويو آهي صبح 8 بجي آفيس به ونڃڻو آهي پر انهي هوندي به جيئن ئي هن موضوع تي نظر پئي ته آنڱريون مرڳو رهي نه سگهيون ته ڪجهه نه ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪجي، سو عرض هن ريت آهي ته،
    اسان جا سنڌي چئينل جيڪي ڪجهه به پيش ڪندا آهن انهن ۾ 99 سيڪڙو مزاق، بي حيائي، ڪوڙو ڪلچر، غير معياري ثقافت، ۽ غير معياري پروگرام ۽ 70 سيڪڙو ڪوڙيون خبرون هٿ ٺوڪيا ڊائيلاگ، اسڪرپٽ بيڪار، ڊرامه رڳو ڌاڙيل ڪلچر، انهيءَ سموري ڳالهه جا ڪجهه هي سبب آهن، جيئن ڊاريڪٽر اڻپڙهيل، پروڊيوسرن کي ڪنهن ڳالهه جي ڄاڻ ئي ڪون، ۽ ٽي وي جي انتظاميه کي ڪهڙي خبر ته سنڌ جو ڪلچر ڪهڙو آهي، ڇو انهن سموري عمر گهاري ڪراچي يا دبئي ۾، سو اهي رڳو يقين ڪندا آهن ٻڌل سڌل ڳالهين تي ۽ ڊرامن کي پئسا ڏيندڙ ڪمپنيون به مهاجرن جون يا وري غير سنڌين جون انهن کي صرف ٿرل ۽ ڏهڪاژءَ وارا پروگرام گهربل هوندا آهن، جن کي ڏسي عوام ڇتو ٿئي۔ هرون ڀرون اهي سمورا چئنيل اسان جي ڪلچر جي وڌ کان وڌ تباهيءَ جو ڪارڻ ثابت ٿي رهيا آهن، مان ته چوندس ته انهن جو بائيڪاٽ اهو ئي آهي ته انهن جا اهي پروگرام ڏٺا ئي نه ونڃن جيڪي اهڙي قسم جي سوچ پکيڙيندڙ آهن،

    دعاگو
    عزيز منڱريو
    سعودي عرب
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    عزيز صاحب صحيح پيا چئو
     
  8. آفتاب

    آفتاب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    خوشي ٿي ته سڀئي دوست ان متعلق سرگرم آهن. ليڪن ڇا پنهنجي انهن ڪمينٽس سان ڪجهه ٿي سگهندو؟ مون کي ته نٿو لڳي! اچو ته سڀئي گڏجي ڪري ٽي وي چينلز جي مالڪن کي اي ميلز ذريعي ۽ ”ڪاز“ ٺاهي انهن ذريعي انهن کي باور ڪرايون ته سنڌ جو باشعور طبقو انهن جي ڪردار کان ڪيتري قدر خوش آهي؟
     
  9. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    ادا آئون صرف اهو چوڻ چاهيندس ۔ ته اسان سنڌين جي سڃاڻپ ٿي ئي ڪي ٽي اين جي اچڻ کانپو۽ آهي۔ چينلز جي اچڻ کانپو۽ سڄي دنيا ۾ سنڌي سڃاتا ويا آهن۔ اگر توهان آمريڪا ۾ ويٺا آهيو ته توهان پنهجي سنڌي کي ڪي ٽي اين ۽ ٻين سنڌي چينلز تي ڏسي سؓگهو ٿا۔ بيشڪ اخبارون به آهن۔ پر چينلز جي اچڻ کانپو۽ اخبار جي ؓپڙهڻ جو رجهان به ؓگهٽ ٿي ويو آهي۔ اسان جي سنڌ جي ثقافت کي ڪي ٽي اين جي ذريعي ٻاهرين ملڪن ۽ پاڪستان جي ٻاهرين علائقن ۾ ڏٺو ويو آهي۔ بيشڪ ڪي ٽي اين جي اچڻ کانپو۽ اسان سنڌي سنڌ کان ٻاهر سڃاتا ويا آهيون۔ ڪي ٽي اين زنده باد
     
  10. محمد ادريس

    محمد ادريس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منهنجي خيال ۾ ڪي ٽي اين جي پهريان واري ڪارڪردگي ۽ هاڻي واري ۾ تمام گهڻو فرق آهي۔ اڄڪلهه جي حساب سان ڪي ٽي اين معياري پروگرام پيش نه ڪري رهيو آهي ۽ ماڻهن جو ڌيان ٻين سنڌي چينلس ڏي آهي، مثال طور سنڌ ٽي، مهراڻ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي ڏي، منهنجي ڪي ٽي اين جي ٽيم کي صلاح آهي، ته بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري چينلز ۾ وڌ کان وڌ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سڀني دوستن جو مهربانيون

    ادا جن دوستن به هن مسئلي تي ڳالهايو تن جو ٿورائتو آهيان واقعا ادا هي هڪ معمولي مسئلو ناهي بلڪه ٽي وي ڪلچر جي وڌندڙ اثرن کي ڏسندي اسان کي ڌيان ڌيڻ گهرجي ته اسان پنهنجي مٿان ڪهڙي قسم جي ڪلچر کي حاوي ڪري رهيا آهيون ۽ ان جا اسان جي معاشري ۾ ڪهڙا اثر اڃا پوڻ جوخدشو آهي؟
    اچو ته سڀ گڏجي سنڌ سلامت فورم تان ڪي ٽي اين جي واڳ ڌڻين جي ڪنن تائين پنهنجو آواز پهچايون
    اوهان جو ان بابت ڇا خيال آهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟sadayeen gudsindhsalamatsaathsalsindhsalamatsaathsalsindhsalamatsaathsal
     
  12. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين غلام علي شاه صاحب
    سڀ کان پهريان ته ڪي ٽي ان اسان سنڌين جي سڄاڻپ نه ڪرائي آهي سنڌي قو م هزارين سال پراڻي آهي ڪي ٽي اين کي چندسل مس ٿيا آهن
    ڪي ٽي اين سنڌين جي سڄاڻپ آهي پرسائين بحث اها آهي سنڌين کي ڪهڙي روپ پيش ڪري ٿي
    ڇااسان سنڌي رڳو ڌايل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ڇا غربت جو حل ڌاڙيل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    وڏيري جي ظلم جو حل ڌاڙيل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وغيره
    ڇا ٽيليويزن جو مقصد فقط ناچ گانو بي حيائي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اسان سنڌين جي اهائي ثقافت آهي
    سنڌي جي هزارين سال پراڻي تهذيب واري قوم جو اهو ڪلچر آهي ؟؟؟؟؟؟؟
    suhnan saansuhnan saansuhnan saan
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم آفتاب ٽالپر سنڌ سلامت فورم تي توهان جي قدم ڀرڻ سان سچي به تمام گهڻي سرهائي ٿي۔۔۔۔ اهي اسان جا ڀلا ڀاڳ آهن ته توهان جهڙي شخصيت جن سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۔۔۔ اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهن۔۔۔۔
    اميد ته پنهنجي اچڻ کي جاري رکندي ۽ سنڌ سلامت فورم جي سفر کي اڳتي وڌائڻ ۾ اسان سان ٻانهن ٻيلي ٿيندا۔۔۔ توهان جي بهترين مشورن ۽ راين جو به انتظار رهندو۔۔۔۔

    رهيو ڳالهه ڪي ٽي اين تائين ڳالهه پهچائڻ جي ته ان سلسلي ۾ مختلف اخبارن سميت سندن جي ئي پبلش ٿيندڙ اخبار ۡڪاوش جي هائيڊ پارڪ ۽ ڪالمن ۾ ڪڏهن ڪڏهن دٻيل ۽ ظاهر لفظن ۾ ان ڳالهه کي ڇيڙيو ويو آهي پر ڪو خاص فرق به نه پيو آهي ۔۔۔۔ شروعات ۾ ڪي ٽي اين سنڌي ثقافت کي پنهنجي گيتن، ڊرامن ۽ ڊاڪيومينٽريز سان بهترين طريقي سان عوام تائين پهچايو پر هاڻي اشتهار ذريعي پئسا ڪمائڻ خاطر اهڙا ڊراما ۽ پروگرام پيش ڪرڻ لڳا آهن جنهن سان نئين نسل کي سڌرڻ بجاءِ بگڙجڻ جو عنصر وڌيڪ ملي ٿو۔۔۔
    ادا ادريس جي ڳالهه درست آهي ته ڪي ٽي اين جي مقابلي ۾ مهراڻ ٽي وي سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڪجهه اڳڀرو ڪردار ادا ڪري رهي آهي۔۔۔
     
  14. فيضان

    فيضان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادي رشيد سمون کي گذارش

    آء هن مسئلي تي راءِ ڏيندڙ سڀني دوستن جو شڪريو ادا ڪندي lajwab-sharingasul mattshabashhall chariادي رشيد کي گذارش ٿو ڪريان ته اسان جي هن راٌءِ شماريء جا انگ اکر ڪي ٽي اين جي واڳ ڌڻين تائين پهچائين
    جيڪڏهن ادي کي فرصت ملي وڃيshal judy hujeensindhsalamatsaathsal
     
  15. janisp

    janisp
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    جواب: Ktnسنڌي ڪلچر کي عام ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي

    سند 5000 سالن کان آباد آهي ۽ ڪي ٽي اين ٻين چينلن کي ڪجھ عرسو ٿيو آهي

    اهو چئي سگجي ٿو ته هنن چينلن ڪجھ ژحد تائين ھٿ ونڊايو آهي
     
  16. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: Ktnسنڌي ڪلچر کي عام ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي آهي

    السلام عليڪم
    مان سڀني دوستن جي راءِ پڙي آهي هر هڪ ماڻهون ڪي ٽي اين کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي
    پر ڪي ٽي اين حقيقت بيان ڪري ٿو ڀٿر دنيا ڊارمي وڏيرن جا سر جهڪائي ڇڏيا ۽ ڌاڙيلن جو انجام برو ڏيکاريو آهي
    ڪي ٽي اين سنڌ جي ڪلچر کي اوڀاريو آهي ان حقيقت کي ڪوئي نه ٿو ٺڪرائي سگهي
    تواهان ته گهمدڙ فردڙ ماڻهو آهيو تواهان کي خبر آهي سنڌ جي ڪلچر جي پر جيڪي ٻار شهرن ۾ رهن ٿا انن تائين ڪي ٽي اين سنڌ جو آواز پهچايو آهي هوٽلن تان انڊين فلمن کي ختم ڪيو آهي پر اسان ڪي ٽي اين کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو