توهان سڄڻن کي عرض آهي ته مان ايم بي سنڌي انسٽال به ڪيو آهي پر پو به سنڌي ۾ ڪم نٿو ڪري، جڏهن فيسبوڪ يا ايم ايس ورڊ تي ڪجهه به سنڌي ۾ لکڻ چاهيان ٿوته هيٺ ٽاسڪ بار ۾ آپشن ئي نٿو اچي جو ان کي تبديل ڪري سنڌي لکي سگهان، جڏهن ته ان کان اڳ مون وٽ ٺيڪ ڪم ڪري رهيو هو، هاڻ ونڊو ٻيهر انسٽال ڪئي آهي ۽ جڏهن ته ايم بي سنڌي به انسٽال ڪيو آهي پر پو به ظآهر نٿو ٿئي، مهرباني ڪري مدد ڪندا۔۔سدائين گڏ
مون کي لڳي ٿو ته توهان ايم بي سنڌ پروگرام انسٽال ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ عربي سپورٽ انسٽال نه ڪئي آهي جيڪا ونڊوز 7 ۾ ته پاڻمرادو انسٽال ٿيل هوندي آهي جڏهن ونڊوز ايڪس پي مينيوئلي طريقي سان ڪرڻي پوندي آهي۔۔۔ عربي سپورٽ انسٽال ڪرڻ جو طريقي ڪار هن وڊيوز جي پهرين ڏيڍ منٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو۔۔۔ جڏهن ته تفصيل لاءِ ادا مست جي هن موضوع جو ڀيرو ڀڃو۔۔۔