سوچيو ... غور فڪر ڪريو دنيا جي ملڪن جي زراعتي زندگي ڏسڻ کانپوءِ سنڌ جي زراعت ڏانهن نهارجي ٿو ته ائين ٿو لڳي ته اسين ڪنهن پٿر جي دور جا رهواسي هجون ...
سائين نثار اوهان جيڪا غور طلب سوال ڪيو آهي، ان لاء ايترو چوندس ته هي زرعي ملڪ آهي پر ناج به ٻاهران پيو اچي، کير به ٻاهران پيو اچي ۽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس ڇڏيو۔ اسان جديد طريقن جو استعمال ۽ تحقيق ڇڏي ڏني آهي۔
اسان وٽ هاريء ويچارو سڄو سال محنت ڪري ٿو ء فصل تيار ٿيڻ محل وڏيرو سڄو قرض ۾ کڻي ٿو وڃيس وري هاري سڄو سال اڌار تي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هيتري محنت کانپوء به هاريء کي ڪجهه نٿو ملي رهي ملڪ جي زرعي ترقيء جي ڳالهه ته وري لاهيندس پادر اهڙن حڪمرانن تي جيڪي عوام جو خون پي رهيا آهن ته پوء سائين نثار سميت گهڻا ڪاوڙجي ٿا وڃن۔ دنيا جي ترقي ڏسي اها حستر پيدا ٿئي ٿي ته ڪاش اسانجي ملڪ ۾ به اهڙو زرعي نظام اچي وڃي ته هوند ملڪ خوشحال ٿي وڃي۔
سائين وساڻ صاحب معذرت سان عرض ڪندس ته سنڌي ماڻهن تحقيق کي ڪڏهن به ناهي ڇڏيو، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ منهنجا ڪيترا ئي دوست زير تعليم آهن، ۽ ڪي تعليم مڪمل ڪري چڪا آهن، زراعت جي حوالن سان سندن تحقيق ۽ سنافسز ۽ ٿيسز جي اسٽڊي ڪندا ته اوهان حيران ٿي ويندا ته ايڏو ٽيلينٽ آهي سنڌ ۾؟؟!!! تازو ادا عبد الحفيظ لغاري جي ريسرچ جو يورپي ملڪن ۾ چرچو اوهان کي ضرور ياد هوندو۔ فرق صرف ايترو آهي ته اسان وٽ نوجوانن جو قدر ڪونهي، سندن ٽيلينٽ جو قدر ڪونهي، نوجوانن جي حوصله افزائي ڪرڻ بجا سندن حوصله شڪني ٿئي پئي، نه روزگار جو ڪو سسٽم نه سندن ٿيسز ڇپرائڻ ۾ ڪو حڪومتي تعاون!! پو ڪيئن اسان جي زراعت شعبي ۾ ترقي ايندي؟؟