• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل

جاويد حسين

سينيئر رڪن
تنهنجي وس م آ مونکي ڀلائڻ پرين۔
منهنجي وس ۾ نه توکي مڃائڻ پرين.
مان ڇو ناراض ٿيان تنهنجي ڪاوڙ مٿان.
تنهنجو ڪم ئي ته آ دل جلائڻ پرين.
بيوفائي جاالزام ڇو ٿي مڙهين.
مان ته چاهيان ٿو چاهت نڀائڻ پرين.
ٿورو خيال ڪر ڪنهن جي جذ با ت جو.
ٿئي چڱو ڪونه ڪنهن کي ڏکا ئڻ پرين.
مون رنو تون کلئين منهنجي ئي جيت آ.
مون ته چاهيو ٿي توکي کلائڻ پرين.
 
Back
Top