• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀون ڀلاري کي مان ڀلايان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان (اڪرم ٻورڙائي)

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ImamBux
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ImamBux

سينيئر رڪن
ڀون ڀلاري کي مان ڀلايان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
ديس ڇڏي پرديس وسايان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
سرڪ سنڌو مان پي سوائي ان الحق ٿي وات وائي
مان نه سولي تي سچ سڻيان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
ديس پنهنجي جو ٻچو ٻچو هوشو هيمون آھي دودو
گيت انهن تي مان نه ٺاهيان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
وقت هزارين آيا ويئڙا ناڻي دودو ڪين وڪاڻا
ويهي هر کر هنئين هنڍايان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
ڏاڍي ڏٻري ڏيھ ڏاڍاڻي رمز انهيءَ کي ڪير ٿو ڄاڻي
ڳالهيون ڳجھڙيون ويهي وايان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
جنهن جو کائون تنهنجو ڳايون ملڪ جا مانجھي مارو آهيون
ڌرتي هن جومان نه سڏايان اهڙو ناهيان هڙوناهيان
پنهنجي ڀلي لاءِ هرڪو سوچي لال لهي جو لالڻ لوچي
ويهي وطن ۾ واندو کاوان اهڙو ناهيان هڙوناهيان
سنڌ جو مانجھي آھيان مان سنڌي جي ڌرتي سوني ڌرتي
مان جڳ نه ان کي جاني ڳايان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
ڌرتي هن ۾ آھي قلندر ڌرتي هن ۾ نوح آ سرور
شان ان جو مان نه ڳايان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
هتي ڀٽائي“اڪرم” ڀلارو سچل بيدل حمل هاڪارو
شعر انهن تي مان نه ٺاهيان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
 
واه امام بخش غضب جي شاعري آهي.

ديس ڇڏي پرديس وسايان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان
هتي ڀثائي “اڪرم” ڀلارو سچل بيدل حمل هاڪارو
شعر انهن تي مان نه ٺاهيان اهڙو ناهيان اهڙوناهيان

ناياب سٽون آهن.
 
Back
Top