ٿورو به عشق اندر ۾ هجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خبر هجي ۽ لطيف جو رسالو کڻي سر سسئي ويهي پڙهجي ته بس پوءِ اندر اڌ ٿيو پوي ... سهڻي لطيف جا لفظ اهڙن ته پيچرن تان گهمائن ٿا جو اکيون آب هارين ٿيون، دل صاف ٿئي ٿي ۽ فڪراتي ڪلئي ٿي وڃي ٿي ... مان ته چوانٿو ته سر سسئي پڙهڻ کانپوءِ ماڻهون عشق جي ڏاڪڻ ڪڏڻ جو ڪوڏيو ٿي پوي ٿو ... پر عشق ناهي راند جو کيڏن ڳڀرو ....
هن بيت ۾ عاجزي جي انتها ڏيکاريل آهي۔۔۔ مٿان توهان جي تصوير ته اصل سڀ وضاحتون ظاهر ڪري ڇڏيون۔۔۔ محبوب کي عاشق هميشه پاڻ کان اوچو ڏسڻ پسند ڪندو آهي۔۔۔ پر هتي انڪساري ڪندي عاشق پاڻ کي محبوب جي پهريل جتي کان به گهٽ ڪندي لکي ٿو ته جهڙي تهڙي به ان جي ٿي سڏائجان ۽ ان ڪري سندس ڪهڙي حجت جو انهن کي وساري سگهان۔۔۔۔ بيت جي گهرائي ۽ لفظن جي بيهڪ ۔۔۔ شاهه صاحب جي شاعري جو هڪ اهڙو انداز آهي جيڪو سمجهڻ ۾ اچي ته تمام سولو ۽ جي سوچجي ته تمام گِهِرو۔۔۔ خوبصورتي سان پيش ڪرڻ جي مهرباني
هُجت هوت پنهون سين مون ڪميڻي ڪيهي هو جا پائن پير ۾ تنهن جُتي نه جيهي ۔۔۔۔۔۔ سچ ٿا ڇئو نثار صاحب ۔۔ ڀٽائي اڄ کان گهڻو اڳيان جو شاعر آهي، ڀٽائي 18 صدي رهي صدين تائين جا ورق لکيا ۔۔۔ ڀٽائي جي شاعري ۾ محبت سان جيڪا عاجزي ڏيکاري وئي آهي اها جيڪڏهن مڙيئي شاعر ملن ته به پنهنجي شاعري ۾ ڪتب نه آڻين۔ اڄ ڪلهه جي شاعر کان جيڪڏهن ڪو پُڇي ته تنهنجو محبوب ايندو ته ڇا ڪندين؟ ته پاڻ روايتي انداز ۾ هميشه ائين چوندو ته اڱڻ ٻهاريندس، گُل وڇائيندس وغيره وغيره ۔۔۔ پر ڀٽائي جي شخصيت محبت جي انتها ٿي ڏيکاري، ڀٽا ئي اهڙي ڪيفيت تي فرمائي ٿو : آئو راڻان رههُ رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان مطلب ته پرين جي جا ته الائي ڪٿي، ڀٽائي جي شاعري ۾ محبت اها ته سڄڻ جنهن جانور تي سفر ڪري آيو، ان کي چندن چارڻ جو ذڪر، پرين لا ته لفظ ئي ناهن جنهن سان مخاطب ڪجي۔ بحرالحال، مون وٽ وري لفظ ناهن جو ڀٽائي تي لکان۔
ڀل توهان سڀ مجازي عشق جون وضاحتون بيان ڪيو، پر منهنجي لاکيڻي لطيف سسئي جي هن عاجزي جي جيڪا روحاني معنٰي بندي ۽ رب سان ڀيٽي آهي ان معنٰي کي سمجهڻ هر ڪنهن جي وس ۾ ڪونهي، الا الا منهنجو لاکيڻو لطيف ڪهڙي نه سهڻي ريت اسان کي پالڻهار جي عظمت بندي جي دل ۾ ويهارڻ ۽ انتها جي محبت ۽ بندي جي عاجزي ۽ سدائين بندي کي ان جي بارگاهه ۾ نوڙت بابت وضاحتون ٿو ڏي. پر افسوس جو اڃان تائين اسان سمجهڻ کان قاصر آهيون... هوٰء جا پائن پير ۾، تنهن جتيٰء نه جيهي۔۔۔ مطلب ته ڌڻي ٻاجهاري جي بارگاهه ايتري ته اُتم ۽ افضل آهي جو مون ڪيمڻي جي ڪهڙي مجال آ ڇو ته مان ان جي در جي جتي جهڙو به نه آهيان۔
ڪَنڊا مون پيرَنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ؛ آڱُرِ، آڱُوٺي نه مِڙي، ڇِپُون پيرَ ڇِنَنِ؛ ويندي ڏانھن پِرِيَنِ، جُتِي جاتِ نه پائِيان.
مٿيون بيت نهٺائي ۽ نماڻاڻيء، عاجزي ۽ انڪساري جو عظيم مثال آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سڀني دوستن تمام سٺي نموني سمجهاڻي ، تشريح ۽ رايا پيش ڪيا آهن۔ هُئِي، جي نه هُئِي؛ ته به ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي؛ اِنَ سَڱَ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَنِ ٿي سُئِي؛ هُنِ تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هَلَڻَ هوتَ ڏي.
وَريتـيُون! وَرو، آئُون نه وَرَندِي وَرَ ري؛ جاڏي هنَ جَبَلَ جو، تانگھيندِيَسِ تَرو؛ جَتَنِ ساڻُ ذَرو، نِينهن نِبيرِڻُ نه ٿِئي. شاه سائين جي شاعري ته سڀ لاجواب آهي۔ واقعي سر سسئي پڙهڻ سان عشق جو آڙاهه اٿيو وڃيسائين نثار جي عڪاسيء جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي لاجواب