• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌڙي سنڌڙي ڪيئن ٿيان ۔۔۔ !

شاهجهان سُميل

سينيئر رڪن
مان سنڌڙي سنڌڙي ڪيئن ٿيان ۔۔۔۔۔ !
(شاهجهان سُميل)
اي جيجل تو ۾ سُور گهڻا
۽ ديس تنهنجي جا پُور گهڻا
هتي ماڻهو ڀي مجبور گهڻا
۽ ڌاريا ڏاڍا زور گهڻا
مان ڪهڙي تنهنجي ڳالهه ڪيان
۽ ڪهڙا تنهنجا درد ونڊيان
مان سنڌڙي سنڌڙي ڪيئن ٿيان
مان جيجل جيجل ڪيئن ٿيان
هڪ جيجل تون هڪ جيجل سا
بستر تي سُتل هئي بي پرواهه
وئي ڪُسجي رات سان بي گناهه
بس لالچ لوڀ ۽ پئسي لا
هُن ماري ننڍڙن ٻچڙن ما
۽ ائين چيائين ڪاري آ
تنهن ڌينئر جا ڪسجي رات وئي
مان ڪهڙو ان جو داد ڪيان
۽ د رد سندو فرياد ڪيان
مان سنڌڙي سنڌڙي ڪيئن ٿيان
مان جيجل جيجل ڪيئن ٿيان
اڄ سنڌو تنهنجو ٻيٽ بڻيل
۽ ڌرتي جي آ سينڌ سُڪل
ڪجهه گهائو ڌارين جا بخشل
ڪجهه ٿورا پنهنجن جا به ڪيل
ڪلهه سائو اڄ صحرا آ بنيل
ڪلهه سون سان اڄ واري سان سجيل
هر واهه ندي بس ڌوڙ لٽيل
مان ڪيئن تن جي ڌوڙ اُگهيان
۽ آب سندو آباد ڪيان
مان سنڌڙي سنڌڙي ڪيئن ٿيان
مان جيجل جيجل ڪيئن ٿيان
مان پيٽ بکايل هاري جي
۽ ماني پنندڙ ناري جي
مان ديس جي هر دکياري جي
۽ سڪل سنڌو جي واري جي
بي ڏوهي ڪسندڙ ڪاري جي
يا حاڪم کان بيزاري جي
يا پنهنجن جي غداري جي
ڏس ڪنهن ڪنهن جي مان ڳالهه ڪيان
۽ ڪنهن ڪنهن جو مان نان کڻان
مان سنڌڙي سنڌڙي ڪيئن ٿيان
مان جيجل جيجل ڪيئن ٿيان
اي مالڪ تو کان آهي دعا
جا گهري ڀٽائي گهوٽ دعا
هر وات ۾ آهي ساڳي صدا
جا سنڌ گهري ٿي صدين کان
ڪر غيرت جي سا واڳ عطا
اي مالڪ تو وٽ کوٽ نه آ
ڪر سنڌو سيني آب عطا
ڪر سميل مٿي ڪو مهر خدا
هر جهولي ڀر هر عرض اگها
اي مالڪ منهنجي سنڌ بچا
اي خالق منهنجي سنڌ بچا (آمين)
 
اي جيجل تو ۾ سُور گهڻا
۽ ديس تنهنجي جا پُور گهڻا
هتي ماڻهو ڀي مجبور گهڻا
۽ ڌاريا ڏاڍا زور گهڻا
مان ڪهڙي تنهنجي ڳالهه ڪيان
۽ ڪهڙا تنهنجا درد ونڊيان
مان سنڌڙي سنڌڙي ڪيئن ٿيان
مان جيجل جيجل ڪيئن ٿيان

خوبصورت شاعري

شاهجهان سُميل جا نظم ۽ شاعري پنهنجو مٽ پاڻ پر سندس سنڌ امڙ لاء ڪيل هي شاعري ۽ ان جي هر سٽ لازوال آهي۔ سنڌ جا سور، سنڌ جي ڳالهه ، سڀني جو آواز، سڀني جي ڳالهه۔
 
Back
Top