الامان الامان ... رمضان رمضان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    رمضان ڙي رمضان

    جنهن جاءِ تي اسانجي ملڪ ۾ اسانجا مسلمان ڀائر رمضان کي ڀلارو ۽ عبادتن جو مهينو سمجهندي رمضان ۾ عبادتن جو خاص انتظام ڪن ٿا ۽ روزي نماز جون تياريون ڪن ٿا ساڳي جاءِ تي کاڌي پيتي جي شين کي ائين باهه لڳي ٿي وڃي جو گهر جي بجيٽ جيڪا 20 هزار جي لڳ ڀڳ هجي ٿي سا وڃي 40 هزارن کان به ٽپي وڃي ٿي.

    هاڻ غريب ماڻهون روزا رکي يا رمضان جي مهانگائيءَ جو روئڻ روئي، عبادتون ڪري يا گهر جي خرچن کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻٽيون نوڪريون ڪري، هڪ سيڌو سامان مهانگو، تيل ۽ گوشت مهانگو، اٽو ۽ چانور مهانگا مطلب ته رمضان ۾ ڄڻ ته شيون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ غريب گربو زمين سان ڳالهيون ڪندو آهي ... بلڪ مون ته ڪيترن کي رمضان جي مهيني کي مهانگائيءَ جو مهينو چوندي ٻڌو آهي ...

    مزي جي ڳالهه ته ٻين ملڪن ۾ خاص ڪري عرب ملڪن ۾ رمضان سستائيءَ جو مهينو چورائيندو آهي... هر مارڪيٽ ۾ شين جا اگهه ڪيرايا ويندا آهن، هر مارڪيٽ ۾ اگهن تي خاص رعايت رکي ويندي آهي ۽ ماشاء الله عبادتن سان گڏ ماڻهن جي چهرن تي مرڪون هونديون آهن....

    عبادتن جو مزو
    سيڌي سامان ۾ سستائي
    9 ڪلاڪن جي جاءِ تي نوڪري 6 ڪلاڪ
    اوور ٽائيم ۽ پگهارن ۾ واڌارو
    رمضان بونس
    وغيره وغيره

    مطلب ته دنيا جون قومون پنهنجن ماڻهن جي زندگي آسان ڪري ڇڏينديون آهن ... سيڪڙن جي تعداد ۾ سپر مارڪيٽ دنيا ڀر مان ايندڙ مال تي رعايتي اگهه ڏئي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن ۽ ڪيترائي پروموشن ڏئي ماڻهن کي خوش ڪري ڇڏيندا آهن ...

    ان جاءِ تي جيڪڏهن پنهنجي ملڪ سنڌ جو جائزو وٺون ته؛

    الامان الامان ... رمضان رمضان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خير اسان وٽ هڪ ڪم چڱو ٿيندو آهي جو آفيس ۾ سختي گهٽ ۽ موڪل به جلدي ٿيو وڃي، باقي ڳالهين ۾ بس الا امان ۔۔۔۔۔۔ هاء ڙي اسان جي مملڪل پاڪستان، اسلامي جمهوري پاڪستان، مهانگائي جي شروعات ۽ تياريون شروع ٿي چڪيون آهن۔

    اهي مٿي ڏنل پوسٽر ۾ جيڪي ڊسڪائونٽ ڏيکاريل آهن ، سي فرضي آهن يا واقعي ملندا به آهن ؟؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم ۔ادا اوهان جيڪو رمضان ڊسڪائونٽ وارو چارٽ لڳايو آهي۔ ميڪرو (Maccro) جو آهي يا هائپر اسٽار(Hyper star) جويا سعودي عرب ۾ ڪنهن ڊپارٽمنٽل اسٽور جو۔ ٻيلي جلدي ٻڌائيندا تاڪي هاڻي سان ئي لائين ۾ وڃي بيهون، ايئن نه ٿئي جو دير ٿئي وڃي ۽ سڄو سامان وڪامجي وڃي۔
    رمضان شريف يا ٻين تهوارين تي سڄي دنيا ۾ ڊسڪائونٽ پيڪج نه رڳو روزمره جي شين تي ڏنو ويندو آهي پر هوائي جهازن جي ٽڪيٽ تي به ڏنو ويندو آهي پر ان جي ابتڙ اسان جي ملڪ ۾ هر شي جي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندي آهي ۽ جڏهن ڪنهن سياڻي سان ان متعلق ڳالهيو ويندو آهي ته فرمائيندو آهي ته دڪان ۽ جهازران ڪمپنين کي به ته عيد ڪرڻي هوندي آهي۔هو ڪيئن پنهنجي منافعي کي گهٽائن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو