نثارابڙو
نائب منتظم

رمضان ڙي رمضانجنهن جاءِ تي اسانجي ملڪ ۾ اسانجا مسلمان ڀائر رمضان کي ڀلارو ۽ عبادتن جو مهينو سمجهندي رمضان ۾ عبادتن جو خاص انتظام ڪن ٿا ۽ روزي نماز جون تياريون ڪن ٿا ساڳي جاءِ تي کاڌي پيتي جي شين کي ائين باهه لڳي ٿي وڃي جو گهر جي بجيٽ جيڪا 20 هزار جي لڳ ڀڳ هجي ٿي سا وڃي 40 هزارن کان به ٽپي وڃي ٿي.
هاڻ غريب ماڻهون روزا رکي يا رمضان جي مهانگائيءَ جو روئڻ روئي، عبادتون ڪري يا گهر جي خرچن کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻٽيون نوڪريون ڪري، هڪ سيڌو سامان مهانگو، تيل ۽ گوشت مهانگو، اٽو ۽ چانور مهانگا مطلب ته رمضان ۾ ڄڻ ته شيون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ غريب گربو زمين سان ڳالهيون ڪندو آهي ... بلڪ مون ته ڪيترن کي رمضان جي مهيني کي مهانگائيءَ جو مهينو چوندي ٻڌو آهي ...
مزي جي ڳالهه ته ٻين ملڪن ۾ خاص ڪري عرب ملڪن ۾ رمضان سستائيءَ جو مهينو چورائيندو آهي... هر مارڪيٽ ۾ شين جا اگهه ڪيرايا ويندا آهن، هر مارڪيٽ ۾ اگهن تي خاص رعايت رکي ويندي آهي ۽ ماشاء الله عبادتن سان گڏ ماڻهن جي چهرن تي مرڪون هونديون آهن....
عبادتن جو مزو
سيڌي سامان ۾ سستائي
9 ڪلاڪن جي جاءِ تي نوڪري 6 ڪلاڪ
اوور ٽائيم ۽ پگهارن ۾ واڌارو
رمضان بونس
وغيره وغيره
مطلب ته دنيا جون قومون پنهنجن ماڻهن جي زندگي آسان ڪري ڇڏينديون آهن ... سيڪڙن جي تعداد ۾ سپر مارڪيٽ دنيا ڀر مان ايندڙ مال تي رعايتي اگهه ڏئي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا آهن ۽ ڪيترائي پروموشن ڏئي ماڻهن کي خوش ڪري ڇڏيندا آهن ...
ان جاءِ تي جيڪڏهن پنهنجي ملڪ سنڌ جو جائزو وٺون ته؛
الامان الامان ... رمضان رمضان