• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عرض

جاويد حسين

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت سنگت کي سلام قبول هجن.

سنڌ سلامت جي مينيجنگ ڪاميٽي کي گذارش آهي ته هن فورم ۾ چيٽنگ جو آپشن به رکيو وڃي ته جيئن هڪٻئي سان سڌو سنئون رابطو رهي. فورم سان گڏوگڏ هڪ بهترين سنڌي فيس بڪ ٿي وڃي.

براء مهرباني هن گذارش تي ضرور سوچجو.
 
صلاح ته سٺي آهي ادا پر ان ۾ فلحال ڪجهه ٽيڪنيڪل مسئلا درپيش آهن

ادا توهان جي صلاح کي نوٽ ڪيو ويو اهي اميد ته توهان فورم جي بهتري لا۽ صلاح مشورو جاري رکندا

توهان جي صلاح اسان جي لا۽ تمام گهڻي قيمتي آهي

سدائين گڏ
 
سنڌ سلامت جڏهن وي بليٽن تي هئي ته ان وقت به چيٽ آپشن موجود هيو پر ان کي گهٽ دوستن استعمال ڪيو۔ سنگت ساٿ جي ڪچهري لاء فيسبوڪ تي سنڌ سلامت ڪچهري جي نالي سان هڪ گروپ آهي جيڪو مخصوص چيٽنگ لاء آهي۔ جڏهن ته سنڌ سلامت تي هڪٻئي سان ذاتي ڪچهري به ڪري سگهجي ٿي۔

ان باڪس ۾ وڃي ڪچهري تي ڪلڪ ڪيو۔ اتان نئين ڪچهري شروع ڪيو تي ڪلڪ ڪيو ۽ اهي دوست جيڪي ڪچهري ۾ شامل ڪرڻ چاهيو ٿا انهن جا نالا ڏيو ، نالن کي الڳ ڪرڻ لاء ڪاما ڏيو، عنوان ۽ پوء پوسٽ لکو۔

 
Back
Top