• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ازل کان ئي گھر جو ٿي سينگار عورت (حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي(

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ImamBux
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ImamBux

سينيئر رڪن
ازل کان ئي گھرجو ٿي سينگار عورت
اجڙيل گھر بنائي ٿي گلزار عورت

ڪفايت شعار آھي قانع بلاشڪ
ڪري ٿي هي شب روز ڪم ڪار عورت
کڻي سر مٿي تي سڄو بار گھر جو
ٻچن جي نپائڻ لئه تيار عورت
وزير ۽ مشير آھي ھمدرد همدم
سدا مرد جي غم ۾ غمخوار عورت
سدا ناز عورت تي اهل وطن کي
ٿئي علم ۾ جا ٿي هوشيار عورت
قفس ۾ ڀلا خوش سدا ڪير رهندو
ڪيو پاڻ تي ڪم هي هموار عورت
حيا شرم جو ان کي پردو پنھ آ
سچائي جو پتلو وفادار عورت
سڄي گھر جو عورت تي دارومدار آ
جو ٿي مملڪت گھرجي مهندار عورت
ڏکن ۽ بکن ۾ رهي روز راضي
سدا مرد جي ٿي مددگار عورت
سندس ترتيب ڄڻ ته تعليم آھي
۽ اولاد جي لئه نگھدار عورت
نظر نيڪ ان جي ڪري نيڪ گھر کي
جنهين گھر ۾ ٿي نيڪ ڪردار عورت
اهو گھر ٿيو مثل جنت جي “اڪرم”
جنهين گھر ۾ ٿي احسن اطوار عورت
 
ازل کان ئي گھرجو ٿي سينگار عورت
اجڙيل گھر بنائي ٿي گلزار عورت

تمام سهڻي شيئرنگ ، عورت دنيا جي خوبصورت تخليقن مان هڪ آهي، اهائي آهي جيڪا گهر کي جنت بڻائي ٿي

پر اسان جي يار چاچي ڪريم چانڊيو کي هي شعر نه ٻڌائجو، اصل صفا باهه ٿي ويندو
 
م
ازل کان ئي گھرجو ٿي سينگار عورت
اجڙيل گھر بنائي ٿي گلزار عورت

تمام سهڻي شيئرنگ ، عورت دنيا جي خوبصورت تخليقن مان هڪ آهي، اهائي آهي جيڪا گهر کي جنت بڻائي ٿي

پر اسان جي يار چاچي ڪريم چانڊيو کي هي شعر نه ٻڌائجو، اصل صفا باهه ٿي ويندو
مهرباني
 
Back
Top