ImamBux
سينيئر رڪن
ڪئي بدگمانن آ بدنام عورت
چون عيش عشرت جو آ نام عورت
چوي شيخ کي ڪير هاڻي ڀلا اڄ
چوي ٿو زبان سان ڏئي جام عورت
نه عورت هجي ها نه پيدا ڪو ٿئي ها
ڪيو ڪيڏو ڪم آھ انجام عورت
ڀلي لک لٽائج نه تسڪين ڏسندين
پنهنجي گھر ۾ ڏيندءِ جو آرام عورت
زماني ۾ سو ٿا ٿين ساٿي پر ته به
پرين پرت وارو آ پيغام عورت
لڱائي چڱائي ۾ بيشڪ ڪري ٿي
سا خدمت سدا صبح ۽ شام عورت
نه آھي نه ٿيندي ائين روح راحت
عطا ڪئي آ قدرت ته انعام عورت
کڻي هٿ خدايا گھران ٿو دعا مان
ملي شال مون کي ڪا گلفام عورت
اگر زندگي ۾ پڇين مون کان ”اڪرم“
پسند توکي ڇا آ چوان نام عورت