نثارابڙو
نائب منتظم
اکيون علي الصباح، دوست ديـــکڻ آيون،
اڀينديون ارداس ۾، ٻي نه ڪنديون ڪا،
رچنديون ري پاه، پرچنـــديون پرينِ سيــــن.
سر آسا
آءُ ته سهڻي لطيف جي مشاهدي واري اک جي سوچ ۾ غرق ٿي ويو آهيان .... واه سهڻا لطيف تنهنجو مشاهدو ۽ بيان ...
واه سهڻا لطيف ،،، اسانجي دل جا احوال ائين بيان ڪيا اٿس، ڄڻ اسانجي اندر ۾ ويٺل هجي.
اکيــــــــن مـــون کي اوچتـــــــــو، اتــــي اڙايـــــــو،
لنئون تت لڙايو، جت ڪڇڻ ٿئي ڪون ڪو.