اکيون ، لطيف ۽ اسانجي دل

نثارابڙو

نائب منتظم
اکيون علي الصباح، دوست ديـــکڻ آيون،
اڀينديون ارداس ۾، ٻي نه ڪنديون ڪا،
رچنديون ري پاه، پرچنـــديون پرينِ سيــــن.​
سر آسا
آءُ ته سهڻي لطيف جي مشاهدي واري اک جي سوچ ۾ غرق ٿي ويو آهيان .... واه سهڻا لطيف تنهنجو مشاهدو ۽ بيان ...
واه سهڻا لطيف ،،، اسانجي دل جا احوال ائين بيان ڪيا اٿس، ڄڻ اسانجي اندر ۾ ويٺل هجي.​
اکيــــــــن مـــون کي اوچتـــــــــو، اتــــي اڙايـــــــو،
لنئون تت لڙايو، جت ڪڇڻ ٿئي ڪون ڪو.​
539668_10151014519603948_2039803114_n.jpg
 
سائين نثار بهترين ۽ دل وٽان چونڊ

سُر آسا مان سهڻي چونڊ، اکين جي ڳالهه ۽ وري جڏهن اکيون صرف پريئن کي پسن ته باقي کا گهرجي۔ لطيف سائين هڪ ٻئي بيت ۾ ساڳي سُر ۾ چوي ٿو:

اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نه پَسَندِيُون؛
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي.
 
کوڙي کڻ مَ سپرين کنيئي تان کوڙ،
اهل اکڙين جي نيئي نڀائج توڙ،
مون ۾ عيبن کوڙ، تون پاڻ سڃاڻج سپرين.
 
شاه لطيف جي شاعري ۾ عورت کي پروموٽ ڪرڻ منهنجي خيال ۾ ته صحيح نه آهي.
ڪاش لطيف سائين جي شاعريء کي ڪو سمجهي۔۔۔۔۔۔۔ الائي ڇو لطيف هر هر اديون لفظ استعمال ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔

هن ڪيئن نه عشق کي ڳايو آهي ؟ لطيف سرڪار ڪيئن نه سورمين کي پيش ڪيو آهي، اوهان سسئي، سهڻي، نوري، مارئي کي وساري ويهندا ؟ يا ان کان انڪاري ٿيندا؟

باقي ها ۔۔۔۔۔ لطيف جي بيت جون رمزون ۽ معنائون مختلف آهن۔۔۔۔۔ هر بيت کي هر ماڻهو پنهنجي دل جو آواز ٿو سمجهي۔
 
Back
Top