سهڻا من موهڻا دوست درويش، ڪافي ڏينهن کانپو ظاهر ٿيا آهيو، هڪ ته ان جي خوشي، ٻيو وري غضب جو غزل کڻي آيا آهيو، ان مٿو ڦيرايو آهي ۔۔۔ عشق جا جلوا ۽ جذبا اڀرن ته دماغ ته ڦرندو ۔۔۔
اسانجون دعائون، نيڪ تمنائون ۽ پيار اوهان لا، باقي هن غزل ۾ عاشق ڪافي فرمائشي پروگرام هلايو اهي، هلائڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ عشق آهي ئي اهڙي شئي جو انسان چاهيندو آهي ته ان مان هر قسم جو مزو وٺي ۔۔۔ ميلاپ جو به، جدائي جو به ، نخرن جو به ته نازن جو به جيئن هن غزل ۾ هڪ طرف حياتي گڏ گذارڻ جي خواهش آهي، جئين هيٺ وارو بند
حياتي تو سان گڏ گذارڻ گهران ٿو
توکي ساهه اندر اتارڻ گهران ٿو
هن هنڌ وري لڳي ٿو ته عاشق کي جدائي جي مزي وٺڻ جي خواهش اڀري آهي، جيئن هي بند
هجين ڏور تون جي لڇان تنهنجي سڪ ۾
پکي پريت جا ڪي اڏارڻ گهران ٿو
اسانجون دعائون اوهان سان گڏ آهن، اوهانجي دل ۾ هميشه پيار جا ديپ ٻرندا رهن
آ درويش جي دل ۾ حسرت هميشه
تنهنجي پيار جي ديپ ٻارڻ گهران ٿو
سهڻو غزل جيئن تون پاڻ
مڙئي ڀيرو پيو ڪندو ڪر، اوطاق ته اوهانجي آهي پر اوهان ئي نه هوندا ته مڙئي ڪجهه ٻوساٽ لڳندي آهي۔
لک قرب