منهنجي زندگي جو تلخ تجربو..... مون کي انتهائي افسوس به ٿيو

'راءِ شماري' فورم ۾ غلام مصطفي ا طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2012۔

  1. غلام مصطفي ا

    غلام مصطفي ا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2012
    تحريرون:
    108
    ورتل پسنديدگيون:
    227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    143
    ڌنڌو:
    انساني حقن واري تنظيم ۾ ڪوآردينيٽر جي حيثيت.
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    آءٌ 2011 کان وٺي سوشل نيٽورڪ فيسبوڪ باقاعده سان جوائن ڪيو ان دوران آءٌ اين جي او ۾ نئون نئون ڪم ڪندو هئس سو ان حوالي سان رپورٽس تصويرون وغيره دوستن سا شيئر ڪندو هئس ايمرجنسي دوران اداري جا پيجز ٺاهيندو هئس۔۔ ڪافي وڇڙيل دوست مليا منهنجي لئه ڄڻ ڀاڳ هئو۔ آهستي آهستي ڪجهه ادبي دوست جي فهرست ۾ شامل ٿيندو ويس انهن کي ڏسي مون کي لکڻ جو شوق ٿيو، آءٌ خيال لکڻ شروع ڪيا سائين نثار احمد ناز ادا آغا جان آعا ۽ ادا گلبهار باغائي جن منهنجي مدد ڪئي منهنجي حوصله افزائي ڪئي ۽ مان باقاعده ڪجهه مهينا پهريان لکڻ شروع ڪيو منهنجيون غزلون پوسٽ ٿيڻ شروع ٿيون۔ دوستن حوصله افزائي ڪئي مان لکندو رهيس ان دوران ڪافي ادبي دوستن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويس ۔ منهنجو تعلق سنڌ جي آخري پرڳڻي ضلعي ڪشمور سان آهي جتي ادبي چرپر نه ويو هجڻ جي برابر آهي فيسبوڪ مون کي ادبي فورم مهيا ڪيو ڪافي ڪجهه سکيو۔۔ فيسبوڪ جي مشهور گروپ موتين جي مالها جوئن ڪيم جتي ادبي دوستن سان ڪچهري چٽا ڀيٽي جو موقعو مليو ۽ گهڻو ڪجهه سکيو۔ منهنجي لئه ادبي ماڻهو وڏي معنيٰ رکندا هئا ۽ هاڻ به رکن ٿا۔۔ ڳالهه اڳتي وڌايان ته ڪجهه ڏينهن پهريان مون کي بنا ڪنهن سبب جي ان گروپ مان ڪڍيو ويو مان سوڇيس منهنجي ڪا غلطي هوندي پر ڪو نه ٻڌائي وئي وري ايڊمن صاحبه مون کي چيو ته غلطي ۾ ٿي ريموو ٿي ويو آهي اوهان وري عرض موڪليو مون وري موڪليو۔۔ هن گروپ جي جي اصل مالڪ جنهنجو نالو نه وٺندس مون سان لهجو خراب رکيو بدقسمتي سان آءٌ هن کي وڏو ڀاءُ سمجهندو هئس سٺي گفتگو هوندي هئي ڪنهن ادبي دوست جا منهنجي غزل تي ڪمينٽ آيا ته هو ڪاوڙجي پيو ۽ مون کي ان ادبي دوست کان بلاڪ ڪرايو ويو مون کي محسوس ٿيو پر آءٌ چپ رهيس مان جهڳڙو ڪرڻ ڪو نه آيو هئس۔ ان پنهجي گروپ جي ويجهن دوستن کي چيو ته ڪيئن به ڪريو ان کي هتان ڀڄايو منهنجي غزلن تي بي معنيٰ رايا ڏيڻ، ڪافي ادبي ۽ سٺن دوستن کي چئي مون کي بلاڪ ڪرايو ويو ۽ اڄ رات مون کي ان گروپ مان تڙي ڪڍيو ويو ايڊمن ۽ ڪجهه دوستن مون کي بلاڪ ڪري ڇڏيو۔۔ ۽ ان منهنجي ڀاءُ مون کي فون ذريعي پيغام موڪليو ته اڃا تون ننڍو ٻار آهين ، اڳتي ڏس ڇا ٿو ٿئي پيغامن ۾ الائي ڪهڙيون ڳالهيون لکيون جيڪي مان ونڊ نه ٿو ڪري سگهان۔۔۔
    مان اوهان دوستن کان ڪجهه پڇڻ چاهيان ٿو۔۔
    منهنجو گناه شاعري يا خيالات لکڻ آهي ؟
    منهنجو گناه اهو آهي ته مان ڪنهن هٿ ٺوڪيل گروپ ۾ شامل ڪو نه ٿيس؟
    منهنجو گناهه اهو آهي ته مان انهن جي چاپلوسي نه ڪئي ؟
    منهنجي دل اڄ رُني آهي ته مان هت ڪجهه سکڻ آيو هئس پر مون کي ڪو نه سکڻ ڏنو ويو الٽو مون کي ٿريڊ ڪيو ويو، صرف دوستيون ملهايون ويون، جنهن کان به سبب پڇ ايئن چون پيا ته ابا تون اڃا نئون آهين تو کي ڪا خبر ناهي مان حيران ٿيس ته آخر هي ڇا آهي سنڌ ڌرتي جا ڄاوا آهيون، سڀ ڀائر آهيون هي فرق ڇا جو ؟ سڀ ادبي دوست هڪجهڙا ناهن ساائين سليمان وساڻ صاحب ادا نثار احمد ابڙو هميشه منهنجي حوصله افزائي ڪندا رهيا آهن بيا به ڪافي دوست آهن ۔۔ مون کي مايوسي کان سواءِ ڪجهه نه مليو ادبي دنيا مون کي ظالم لڳي مان لکڻ ئي ڇڏي ڏنو اڄ کان پوءِ شايد نه لکي سگهان۔۔ منهنجي زندگي جو هي تلخ تجربو هئو جنهن سان مون کي انتهائي ڏک پهتو، سکڻ بجاءِ مون کي مايوسي ملي اوهان دوستن جو ٽائيم ورتس اوهانجي مهرباني۔۔

    جت هجو خوش هجو سدا سلامت رهو

    اوهانجو ننڍڙو ڀاءُ
    مصطفيٰ آڪاش
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    اد ، منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ اوهان کي اهڙن دوستن جا نالا ضرور کڻن گهرجن ۔۔۔۔ ۔ !
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجا ڀا مايوسي گناهه آهي، توهان ڇو ڏکارا ٿيا آهيو،؟ انٽرنيٽ جي دنيا محض اهو گروپ ته نه آهي،جتان توهان کي ڪڍيو ويو،کوڙ سارا هتي فورم آهن، سموري انٽرنيٽ جي دنيا توهان جي مائوس جي ڊبل ڪلڪ تي ۽ توهان جي آڱرين جي چرپر تي ٻڌل آهي، توهان لکو، پنهنجا آدرش، پنهنجا جذبا ڪوڙن ، کوکلن ۽ چاپلوس بازن جي ڪري دٻائي نه رکو، اهو به هڪ وڏو ڏوهه آهي ته توهان وٽ ڪا به صلاحيت آهي ته توهان چند ماڻهن جي جهڻڪارڻ تي پنهنجي اها صلاحيت مايوسي جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏيو؟ نه نه اها ته ڪا ڏاهپ نه آهي، توهان اهو سڀ ڪجهه ڪيو جيڪو توهان جي اندر ۾ موجود آهي،،اهڙا ڪيئي مثال آهن جيڪي اسان ۽ توهان جهڙن بي لوث خدمت ڪندڙن جي پلئه پوندا رهيا آهن، پر توهان اهڙن سڀني بڇڙاين کان بي نياز ٿي پنهنجو ڪم جاري رکو، توهان کي ڪير به روڪڻ ٽوڪڻ وارو پيدا ئي نه ٿيو آهي۔ اهو توهان جو فطرتي حق آهي۔
    سِي ڏوري ڏُونگَـرَين، واٽَ وِڃائِي جَنِ؛
    ڪُرَندان ڪِي پَرُوڙِيو، رَندُ سي نه رِڙهَنِ؛
    ٻيئِي دارَ دَيُون ڪَيو، پِيرَتِ تان نه پُڇَنِ؛
    ڌُوڙِپِرِيان لَءِ ڌارِ ڪَيو، ويچارا وِجَھنِ؛
    خَبَرَ کاهوڙِيَنِ، آهي لِکَ لاهُوت جي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    ادا مايوس نه ٿيو ڇا موتين جي مالها ئي صرف هڪڙو گروپ جنهن تي شاعري ونڊ ڪجي توهان مٺڙن دوستن لاءِ سنڌ سلامت ئي هڪ وڏو فورم آهي توهان هتي شاعري پوسٽ ڪيو انشا الله هتي توهان کي سٺي موٽ ملندي ۽ ها انهن دوستن کي منهنجي ننڍڙي التجا آهي ته دوستو ڪنهن سان به حسد نه ڪيو ۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پيارا دوست سلام

    چڱي ڪم ڪرڻ جي بدلي مون سٺي موٽ رکڻ ڇڏي ڏني آهي، اهو ئي سبب آهي جو مان لکندو رهان ٿو۔ فيسبوڪ ۽ ادب جي دنيا به ڪجهه اهڙي ئي آهي جتي ڪي تمام سٺا ماڻهو به آهن ته وري ڪي اهڙا به آهن جنهن کي ٻئي جو اڳتي وڌڻ سٺو ناهي لڳندو۔ تنهنڪري چند اهڙي دوستن جي ڪري اسان جيڪو چڱو ڪم ڪيون ٿا اهو به ڇڏي ڏيون ؟؟؟ نه دوست ۔۔۔۔۔ ايئن ناهي ڪبو۔

    چڱا ڪن چڱايون ، مَٺايون مَٺن
    جو وڙ جڙي جن کي سي وڙ سيئي ڪن

    اسان جو ڪم وري به چڱايون ڪرڻ ۽ سٺو وڙ ڪرڻ آهي۔ اهي ڳالهيون نه پڇو جيڪي اسان سان وهيون واپريون هيون۔ ڪيئن اسان جي تصويرن کي ڪراس لڳائي، ڪارا ليڪا پائي اسان کي سنڌ جو غدار ۽ نائون مل ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اڄ اهي سڀ ڪٿي به ناهن پر اسان جي چڱي ڪم سبب اسان اڄ به فيسبوڪ ۽ سوشل ميڊيا تي موجود آهيون ۽ دوست مان ڏين ٿا، موٽ ڏين ٿا، خلوص ڏين ٿا ۽ پيار ڏين ٿا۔

    اوهان جذباتي نه ٿيو، اوهان جي ڏک کي سمجهي سگهجي ٿو پر پوء به سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سٺن دوستن کي مان ۽ موٽ ڏيڻ لاء اوهان کي موجود هجڻو پوندو ۽ اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اوهان صحيح هيا۔

    ٻي ڳالهه ته اوهان سڀ ڪجهه مبهم ۽ لڪ ۾ چيو آهي، ڪنهن گروپ جو نالو به ناهي ورتو، نه ئي وري ڪنهن دوست جو نالو ڏسيو آهي، هاڻي اسان ڪهڙا مفروضا ٺاهيندا وتون؟ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن گروپ ۾ پاڻ کي ايڊجسٽ نه ٿا ڪري سگهو يا ڪو اوهان کي برداشت نه ٿو ڪري ته پوء اوهان اهڙن گروپن کي ڇڏي ڏيو ۽ انهن گروپن ۾ شامل ٿيو جتي اوهان کي موٽ ملي يا نه پر عزت ضرور ملي۔ اسان جي سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء هر وقت موجود آهي۔ اوهان لاء اسان وٽ پيار، محبت ۽ عزت آهي۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. شاهجهان سُميل

    شاهجهان سُميل
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2011
    تحريرون:
    96
    ورتل پسنديدگيون:
    306
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    بدين، سنڌ
    ادا سليماڻ وساڻ سهي ٿئو چوي ۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سج لهڻ سان اعلان ڪيو ته منهنجي لهي وڃڻ کانپوءِ دنيا جو ڇا ٿيندو، هڪ ننڍڙي ڏيئي جواب ڏنو هو ته“ مان جو آهيان“

    منهنجا ڀاءُ،! دنيا تمام وڏي آهي، ڪيترائي ڏيئا موجود آهن، اوهان پاڻ روشني ڏيندڙ ڏيئا آهيو، انڪري هوائن کان نه گهٻرايو يا وري هوائن جي سبب ٻرڻ ڇڏي نه ڏيو ۔۔۔ جوت جلائڻ وارا سنڌي ۔۔۔ سچ جي ٻيڙي لڏڻي آهي ٻڏڻي ناهي ۔۔۔

    دنيا آهي ئي تجربن جو نالو ۔۔!!! اسين آهيون اوهانجي روشني جهپڻ لاءِ

    صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيسون

    ٿوري لکيو گهڻو سمجهندا ۔۔۔ اوهانجي همٿ ۽ دوستي اسان لاءِ مشعل راهه ٿي سگهي ٿي۔

    سدائين جڙيل هجو ۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا غلام مصطفا ڪنڌڪوٽي ڀا! فيس بوڪ تي ادبي حلقن ۾ اها ڪا نئين ڳالھ نه آهي، نه وري حيران ڪندڙ، اوهان ڪجھ ماڻهن جي ڪري پنهنجو لکڻ جو ڪم ڇڏي ڏيو اها وڏي زيادتي چئبي، اوهان کي گذارش آهي ته پياري محبتي اڱڻ سنڌ سلامت جون ٻئي ٻانهون اوهان لا کليل آهن، اوهان پنهنجي خيالن جو اظهار هت ڪندا ڪريو، ۽ فيس بوڪ تي به۔
    لکڻ نه ڇڏجو، پليز۔۔۔۔ پليز۔۔۔۔ پليز۔۔۔
    طاهر سنڌي ڪنڌڪوٽي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ساجد جمالي

    ساجد جمالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2012
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا مايوس نه ٿيو ڇا موتين جي مالها ئي صرف هڪڙو گروپ جنهن تي شاعري ونڊ ڪجي توهان مٺڙن دوستن لاءِ سنڌ سلامت ئي هڪ وڏو فورم آهي توهان هتي شاعري پوسٽ ڪيو انشا الله هتي توهان کي سٺي موٽ ملندي ۽ ها انهن دوستن کي منهنجي ننڍڙي التجا آهي ته دوستو ڪنهن سان به حسد نه ڪيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    مولااميرالمومنين حضرت علي عليه سلام جو فرمان آهي تيار رهو اُن جي شِر کان بچڻ لاءِ جنهن سان اوهان چڱائي ٿا ڪريو۔
    ڀٽ ڌڻي ٿو فرمائي ته
    جيڪي ايندي چوني آءُ ، جيڪي ويندي چوني ويه
    پوءِ ڇڏي سارو ڏيه اڱڻ وڃجي انهن جي
    جيڪي ايندي چوني نه آءُ ، جيڪي ويندي چوني نه ويه
    پوءِ کُٽو ٿي سارو ڏيه جو اڱڻ وڃين ٿو انهن جي
     
  11. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا سائين توهان مايوس نه ٿيو ٻيو گروپ جوائن ڪريو

    اهڙا واقعه انٽرنيٽ تي توهان کي جام ملندا

    توهان پنهنجي دل سان لکندا ڪريو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو