• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

استاد بخاري

جاويد حسين

سينيئر رڪن
ڇاقوم تي لکان مان يا حسن تي لکان مان.
افسوس زندگي هڪ پورو نٿو پوان مان.
مظلوم پيو پڪاري محبوب پيونهاري.
ڪيڏي ڀڄي ڀڄان مان ڪيڏي ڊڪي ڊڪان مان.
هي قوم پئي ٿي ڦٿڪي هي دل به پئي ٿي تڙپي.
هن قوم تي رئان يا هن حال تي رئان مان.
هو وقت ٿو سڏي پيو هي يار ٿو اچي پيو.
ترسان وڃان ڪيان ڇا، بيٺو ٻڏان تران مان.
هي راه خارزارا آ، هي واٽ پيار پيار آ.
آڏو اٿم ٻه واٽون ڪيڏي لڙي لڙان مان.
”استاد“ فيصلو ڪر هي قوم حُسن آهي.
اي حُسن تنهنجي سر لئه ٿو قوم کي کڻان مان.
 
واهه واهه ۔۔۔۔ استاد جي شاعريء مان لاجواب چونڊ، استاد جو هڪ شعر ياد پيو اچي۔

هڪ ٽانڊو منهنجي اک ۾ رک، هڪ ٽانڊو منهنجي دل تي رک
اها آڳ سهي مان ويندس پر هڪ غير نه هن محفل ۾ رک
 
واه واه سليمان وساڻ صاحب زبردست شيئر آهي.لاجواب .
استاد بخاري نوجوانن جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهي.
 
جي تون اچين ته منهنجي محفل مچي پوي،​
دل هي درد ورني، جهومي نچي پوي،​
آ شهر ۾ پچار ته ”استاد“ ٿو مري​
جي سونهن ساٿ ڏي ته، ”بخاري“ بچي پوي۔​
 
ديد گلابي دلبر تنهنجي
مرڪ چنبيلي
ماشاءَ الله
نازڪ انگڙا
ريشم ڪپڙا
دل پٿريلي
ماشاءَ الله
طرحين طبيعت تنهنجي دنيا وانگر
ڪٿي نخريلي
ڪٿي شرميلي
ڪٿي اربيلي
ماشاءَ الله.
 
سنڌ جي ڪري ڪفن مونکي منظور آ۔
آزادي خاطر ڪيو دفن مونکي منظور آ۔
هڪ پاسي هي سنڌ ٻئي پاسي هي سنڌ.
مان مسڪرائي چوندس سنڌ مونکي منظور آ۔
 
Back
Top