مگسي
سينيئر رڪن
هڪ ٻيلي ۾، ٻيلائي شينهن هو، تنهن جانورن کي تباه پئي ڪيو. جانورن گڏجي، لومڙ کي عرض ڪيو ته ”تون، جانورن ۾ ڏاهو آهين. هن شينهن کان اسان جي جند ڇڏاءِ“. لومڙ ڇا ڪيو، جو ڇپندي ڇپندي وڃي شينهن کي عرض ڪيو ته، ”قبلا سائين ، هيءُ ٻيلو تنهنجي بادشاهي جو آهي، جنهن ۾ ٻيو شينهن اچي رهيو آهي. هلو ته ڏيکاريانو.“ پوءِ هڪ کوھ تي وٺي وڃي، پڳَ جي مٿان کيس بيهاري، سندس پاڇو کوھ ۾ ڏيکاريائين. شينهن کي غيرت آئي ۽ گجگوڙ ڪري، کوھ ۾ ٽپو ڏنائين ۽ اُتي ئي مري ويو. انهيءَ تان ڪنهن ائين چيو.
مطلب: ٻه طاقتون هڪ هنڌ رهي نه سگهنديون. هر هڪ ائين چاهيندي ته سڀ ڪجھ منهنجي ئي هٿ ۾ هجي
مطلب: ٻه طاقتون هڪ هنڌ رهي نه سگهنديون. هر هڪ ائين چاهيندي ته سڀ ڪجھ منهنجي ئي هٿ ۾ هجي