چيو ويندو آهي ته چين ۾ صنعتن لاءِ ۽ جاپان ۾ شاگردن لاءِ بجلي جي فراهمي جي ڏس ۾ وڌيون مراعتون آهن، هندوستان، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪوئلي مان لڳ ڀڳ اڌواڌ بجلي پئدا ڪئي ويندي آهي، ڊينمارڪ ۽ سوئيڊن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هوا ذريعي بجلي پئدا ڪرڻ بنيادي ذريعو آهي، چين ۽ برازيل ۾ گند ڪچري مان بجلي پئدا ڪرڻ جا وڏا وڏا پلانٽ لڳل آهن پر پاڪستان ۾ بجلي دستياب هجڻ باوجود، ماڻهن کي بجلي دوا جي ڊوز جيان ڏني ويندي آهي. ٽي ڪلاڪ نيرن کان پهريان، ٽي ڪلاڪ مانجهاندي ۽ ٽي ڪلاڪ رات جي مانيءَ کان بعد ۾. ٻارنهن کان چوڏنهن ڪلاڪ بجلي جو وڃڻ ته هاڻي ڄڻ عام ڳالهه آهي. بتيءَ (بجلي) سان مسئلو ڇا آهي؟ ڇا ملڪ ۾ بجلي پئدا ڪرڻ جا ذريعا موجود نه آهن؟ ڇا بجلي پئدا ڪرڻ جا پلانٽ گهٽ آهن، ڇا بجلي جا گهرج، بجلي جي پئداوار کان وڌيڪ آهي؟ ڇا بجلي لوڊ شيڊنگ جي پويان سموري ذميواري حڪومت جي آهي؟ ڇا بجلي جي کوٽ کي صوبن ۾ برابري جي بنيادن تي ورهايو پيو وڃي؟ انهن سمورن سوالن جو جواب مڪمل طور تي نهڪر ۾ آهي. اچو ته انهي مسئلي کي سمجهڻ لاءِ ان جي مختلف پهلوئن جو جائزو وٺون. پاڪستان ۾ بجلي جي گُهرج ۽ رَسد ڪيتري آهي؟ پاڪستان ۾ جڏهن جون جي مهيني ۾ ماڻهو سج جيان جلندا آهن، بجلي جي گُهرج 17 کان 18هزار ميگاواٽ جي لڳ ڀڳ هوندي آهي. سياريءَ ۾ اها گُهرج 10 کان 12 هزار ميگاواٽ هوندي آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ بجلي پئدا ڪرڻ جا پلانٽ يا ڪارخانن جي استعداد يا بجلي پئدا ڪرڻ جي گنجائش Installed Capacity جملي 23 هزار ميگاواٽ آهي. انهن مان ڪجهه ڪارخانن جي مشينري پراڻي آهي ۽ ڪجهه کي لاڳيتو مرمت ۽ سارسنڀال جي ضرورت هوندي آهي، تنهن ڪري اها صلاحيت يا گنجائش De-rated Capacity گهٽ ٿي لڳ ڀڳ 17 هزار ميگاواٽ ليکبي آهي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ملڪ ۾ بجلي جي گُهرج موجب بجلي پئدا ڪرڻ جي استعداد موجود آهي. هاڻي اها ڳالهه واضح ٿي ويئي ته مسئلو بجلي سان بالڪل به نه آهي، بلڪه مسئلو بجلي پئدا ڪندڙن (واپڊا، آءِ پي پيز) ۽ بجلي ورهائڻ وارن (حيسڪو، سيپڪو وغيره) سان آهي ۽ انهي تي ضابطو آڻيندڙن (نيپرا ۽ حڪومت) ۽ واهپيدارن (اسان) سان آهي. 30 جون 2012ع تي 17079 ميگاواٽ جي گهُرج جي ڀيٽ ۾ بجلي جي پئداوار 11407 ميگاواٽ هُئي. جنهن جو مقصد اهو ٿيو ته بجلي جي کوٽ 5672 ميگاواٽ (33 سيڪڙو) هئي. انهي حساب سان لوڊ شيڊنگ به 33 سيڪڙو معني ته لڳ ڀڳ 8 ڪلاڪ ٿيڻ گهرجي ۽ برابري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي پر مجموعي طور تي سنڌ ۾ ڏٺو ويو آهي ته اهو فرق 12 ڪلاڪن جو آهي. گذريل مهيني لاهور ۾ بين الصوبائي ڪانفرنس ۾ پنجاب ان شرط تي شرڪت ڪئي هئي ته بجلي جي کوٽ کي برابر تقسيم ڪيو ويندو. پنجاب جي چوڻ تي سمورن صوبن ۾ بجلي جي کوٽ برابر تقسيم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو پر انهي فيصلي کي شايد اڃا سنڌ ۾ لاڳو نه ڪيو ويو آهي. شايد ڪي سياسي مصلحتون آڏو آهن. ملڪ جي سياست ۾ بجلي آهي ته ملڪ جي بجلي ۾ به سياست آهي. بجلي پئدا ڪرڻ جي سياسي اقتصاديات سموري سال دوران پاڪستان ۾ پئدا ٿيندڙ بجلي جو 33.6 سيڪڙو پاڻي مان، 35 سيڪڙو تيل مان، 27.3 سيڪڙو گئس مان، 4 سيڪڙو ايٽمي توانائي ۽ درآمد ذريعي حاصل ٿيندو آهي. پاڻي واري بجلي سستي ۽ باقي وسلين ذريعي بجلي مهانگي پئدا ٿئي ٿي. 30 جون 2012ع تي پئدا ٿيندڙ جُملي پئدا ٿيندڙ بجلي مان 51 سيڪڙو (5820 ميگاواٽ)، خانگي پاور پلانٽ پئدا ڪري رهيا هئا، جنهن جو سولي سنڌيءَ ۾ مقصد اهو ٿيو ته بجلي پئدا ڪندڙ ادارا جهڙوڪ آءِ پي پيز يا جينڪوز کي جڏهن ڏوڪڙ ملندا تڏهن اهي بجلي پئدا ڪندا، نه ته پلانٽ بند ڪري ويهي رهندا. سندن واضح پاليسي به اها ئي آهي ته حڪومت پنهنجي ادارن کي پئسا ڏيندي ته اهي اڳتي خانگي ادارن (آءِ پي پيز) کي پئسا ڏيندا ۽ وري اهي بجلي پئدا ڪري بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين حوالي ڪندا. خانگي ادارن جي بجلي پئدا ڪرڻ جي صلاحيت يا گنجائش 8500 ميگاواٽ جي ويجهو آهي پر ادائيگيون نه ٿيڻ سبب هو 2000 هزار ميگاواٽ گهٽ بجلي پئدا ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي بجلي پئدا ڪرڻ جو وڏو حصو پاڻي ذريعي بجلي پئدا ڪرڻ مان ايندو آهي. ملڪ ۾ نصب ٿيل اهڙن بجلي گهرن جي استعداد يا گنجائش 6500 ميگاواٽ آهي پر 30 جون 2012ع تي انهي مان 4208 ميگاواٽ بجلي پئدا ٿي رهي هئي. انهي جو بنيادي سبب درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ٻيا ٽيڪنيڪل مسئلا آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي استعداد کان گهٽ بجلي پئدا ڪندا آهن. سرڪاري شعبي ۾ تيل يا گئس سان بجلي پئدا ڪندڙ بجلي گهرن جي استعداد 4900 ميگاواٽ آهي پر انهي مان به رڳو 1379 ميگاواٽ بجلي پئدا ٿئي پئي. اهي سرڪاري ادارا ڇو نٿا پنهنجي استعداد موجب بجلي پئدا ڪن؟ خانگي شعبو ته سڌو سنئون پئسن جي کوٽ کي بنياد بنائيندو آهي پر سرڪاري شعبو وٽ ٻين ٽيڪنيڪل سببن سميت مالياتي سبب به ذري گهٽ ساڳيو آهي. اهي تيل پاڪستان اسٽيٽ آئيل (پي ايس سو)، آئيل ريفائنريز ۽ گئس، سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن کان وٺندا آهن، جڏهن انهن ادارن کي تيل ۽ گئس جون ادائيگيون نه ڪيون وينديون آهن، ته اهي به تيل ۽ گئس جي فراهمي بند ڪري ڇڏيندا آهن. ڦرندڙ قرض Circular Debt ڇا آهي؟ انهي سڄي معاملي جو اهو نڪتو ته مسئلو بجلي جي پئداوار سان نه آهي بلڪه رقمن جو آهي. جيڪڏهن حڪومت اڄ 150 کان 200 ارب روپيا انهن ادارن جي ادائيگي ڪري ڇڏي ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ هڪ ڏينهن ۾ ختم ٿي سگهي ٿي ۽ ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن ٿا پر اهو به مسئلي جو عارضي حل هوندو. موجوده صورتحال جي نتيجي ۾ نه رڳو عام ماڻهو عذاب ۾ مبتلا آهي پر ملڪ جي مجموعي اقتصاديات، ننڍي وڏي ڪاروبار ۽ صنعتن، ڪاريگر طبقي ۽ واپارين کي سخت نقصان ٿي رهيو آهي. ملڪ جي اقتصادي حالت انتهائي رحم جوڳي آهي. ملڪ جا درآمدي اڪنامڪ مئنيجرز ان ڏس ۾ انتهائي سخت پاليسي اختيار ڪيو ويٺا آهن. سندن چوڻ آهي ته سرڪاري ادارا ڪارڪردگي ۽ نج ڪاروباري بنيادن تي پنهنجو ڪارونهوار انجام ڏين، پوءِ ظاهر آهي پي ايس او، سئي ناردرن ۽ سئي سدرن جهڙا ادارا پنهنجي پراڊڪٽ (تيل ۽ گئس) انهي خريدار کي وڪرو ڪندا، جيڪو ڏوڪڙ ڏيندو. جنرل مشرف دور ۾ بجلي جي مد ۾ ڳريون سبسڊيون ڏيندي هئي، هاڻي ”عوامي حڪومت جي خواصي اقتصادي مئنيجرز“ سبسڊي تي هلڪو هٿ رکيل آهي. جاري مالي سال 2011.12ع دوران بجلي جي مد ۾ 512 ارب جي سبسڊي کي گهٽائي ايندڙ مالي سال کان 208 ارب روپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن جو مطلب آهي ايندڙ سال جيڪڏهن بجلي پئدا ڪندڙ ادارن تيل ۽ گئس پئدا ڪندڙ ڪمپنين کي پئسا نه ڏنا ويا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. توهان ميڊيا ۾ سرڪيولر ڊيٽ (ڦِرندڙ قرض) بابت گهڻو پڙهيو هوندو. بجلي جي مسئلي جو بنياد اهو ڦرندڙ قرض آهي. انهي جي جملي ماليت 350 ارب روپيا ٻڌائي وڃي پئي پر اصل ۾ انهي جي ماليت 150 کان 200 ارب آهي. مثال طور ٽي ماڻهو آهن. انور، اصغر ۽ اڪبر. اهي ٽنهي ماڻهن جا هڪ ٻئي کي پئسا ڏيڻا آهن. انور جا اصغر ڏانهن 100، اصغر جا اڪبر ڏانهن 150 ۽ وري اڪبر جا اصغر ڏانهن 150 روپيا ڏيڻا آهن. هاڻي رڳو هڪڙي کي 150 روپيا ملي وڃن ۽ هو ٻئي کي ڏيئي ڇڏي ته ٽنهي جو مسئلو حل ٿي ويندو. ٽنهي جي گڏيل رقم 350 روپيا بنجي ٿي. بجلي جي معاملي ۾ بالڪل ائين ئي ادارن جون هڪ ٻئي ڏانهن رهتون آهن، هاڻي رڳو بجلي ورهائيندڙ ئي بجلي وڪرو ڪندڙ جا پئسا ڏيئي ڇڏي ته مسئلو حل ٿي ويندو پر ڳالهه ڦِري گهري وري به اتي ئي ٿي اچي وڃي ته اهي 200 ارب جي لڳ ڀڳ آخر ايندا ڪٿان؟ جڏهن هي حڪومت اقتدار ۾ آئي ته مارچ 2008 ۾ ڦِرندڙ قرضن جو حجم 70 ارب روپيا هو، جيڪو هاڻي وڌي 350 ارب کي پهتو آهي. انهي جو بنيادي سبب اهو آهي ته جيڪڏهن حڪومت انهي معاملي تي پهرين ڏينهن کان ڌيان ڏيئي ها ۽ ادارن جو هڪ ٻئي ڏانهن رهتُن جي معاملن کي سنجيدگي سان وٺندي اچي ها ته اڄ ماڻهن کي ڏکيا ڏينهن نه ڏسڻا پون ها. رٿابندي جي کوٽ ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي بجلي پئدا ڪرڻ جا انيڪ وسيلا موجود آهن. پاڻي، گئس، تيل، ڪوئلو، هوا، اُس (سج جي توانائي) ايتري ته مقدار ۾ موجود آهي جو هتي هڪ سيڪنڊ لاءِ به بجلي نه وڃڻ گهرجي پر جيڪو ملڪ سال 2000ع ۾ هندوستان سميت ٻين ملڪ کي بجلي برآمد ڪرڻ لاءِ تيار هو، اهو آخر بجلي جي هڪ هڪ ميگاواٽ لاءِ جو محتاج ڇو آهي. هڪ محتاط ڪاٿي موجب ملڪ ۾ پاڻي ذريعي 50 هزار، ڪوئلي مان 10 هزار (ايندڙ 10 سالن ۾)، هوا مان 50 هزار (آمريڪي ڪاٿو) ميگاواٽ بجلي پئدا ڪري سگهجي ٿي پر ان جي لاءِ ضروري آهي ته جامع رٿابندي، گُهربل سيڙپ، سيڙپڪارن کي مراعتون، رعايتون ۽ تحفظ ڏنو وڃي ته ايندڙ چند سالن ۾ هي مسئلو جٽادار بنيادن تي حل ٿي سگهي ٿو. ڪوئلي مان بجلي پئدا ڪرڻ وارو معاملو اوهان جي آڏو آهي. 80 واري ڏهاڪي کان دريافت ٿيندڙ ڪوئلي تي رٿابندي ساز سُتا رهيا. ڪڏهن سيڙپڪارن کي ڀڄايو ويو ته ڪڏهن سيڪيورٽي جي مسئلي کي جواز بنايو ويو، ڪڏهن جنرل ذوالفقار جهڙا بجلي اگهن تي نه ٺهيا ته ڪڏهن وري سيڙپڪار مختلف سببن ڪري موٽي ويا. هي حڪومت پنهنجي سوا چئن سالن واري مدي ۾ ڪوئلي تي ميڊيا ۾ بيانن ذريعي ته جهڙوڪر هزارين ميگاواٽ بجلي پئدا ڪري ورتي آهي پر زمين تي ڪجهه به ناهي. ٿر جو ڪوئلو ته ڇڏيو، خانوٽ ۽ لاکڙا ۾ دستياب ڪوئلي مان بجلي نه پئدا ٿي سگهي آهي. هن حڪومت جي شروعات ۾ هڪ ڪمپني کي ڪوئلو کوٽي انهي مان بجلي ٺاهڻ لاءِ زمين ليز تي ڏني ويئي پر هاڻي خبر پئي آهي ته اها ڪمپني معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي بجلي پئدا ڪرڻ وارو ارادو تَرڪ ڪري ڪوئلو کي وڪرو ڪري منافعو ڪمائي پئي. سنڌ جي ڪوئلي مان بجلي ڇو نٿو پئدا ٿئي، انهي جو وڏو سياسي سبب اهو آهي ته ڪوئلو ”خوشقسمتي يا بدقسمتي“ سان سنڌ ۾ دريافت ٿي پيو آهي. هاڻي اچو Wind Power تي. اها اسان سڀني کي خبر آهي ته سنڌ ۾ ضلعي ٺٽي ۾ هوا ذريعي بجلي پئدا ڪرڻ جو Potential موجود آهي ۽ هڪ آمريڪي اڀياس موجب ٺٽي ضلعي ۾ جيڪڏهن پاور پلانٽ هنيا وڃن ته اتي 50 هزار ميگاواٽ بجلي پئدا ڪري سگهجي ٿي. جنهن علائقي ۾ هوا مان بجلي پئدا ڪرڻ جو ذريعو موجود آهي، انهي کي گهارو لنگهه Gharo Corridor ڪوٺيو ويندو آهي. سال 2003ع کان انهي مقصد لاءِ ادارا ۽ پاليسيون جوڙيون ويون آهن ۽ اربين روپيا خرچ ٿي چڪا آهن پر هوا مان ذڪر جوڳي بجلي پئدا ناهي ٿي سگهي. جيتوڻيڪ ترڪي جي زورلو ڪمپني 7 کان 8 ميگاواٽ پئدا ڪن پيا، پاڪستان جي فوجي فائونڊيشن، اينگرو ۽ ٻين ڪجهه ڪمپنين ڪجهه اڳڀرائي ڪئي آهي پر 10 سال گذرڻ باوجود نتيجو زيرو آهي. انهي جو سبب به ساڳيو آهي ته هوا مان بجلي پئدا ڪرڻ وارو علائقو سنڌ ۾ آهي. ٻئي پاسي سنڌ ۾ گرمي پد 52 ڊگري تائين پهچي وڃي ٿو پر پاليسي ساز ۽ حڪمران شمسي توانائي کي ڪتب آڻڻ لاءِ تيار نه آهن. گذريل 20 کان 30 سالن ۾ رٿابندي ڪندڙ ادارا دستياب بجلي کي عياشي سمجهي نه رڳو استعمال ڪرائيندا رهيا پر مستقبل جي رٿابندي ڪرڻ بدران ان معاملي کي ايتري اهميت نه ڏني ويئي. ٻيو اهو ته اهي رٿابندي ساز ماڻهن کي اهو چئي اکين ۾ سُرمو وجهندا رهيا ته ڪالاباغ ٺهيو ته بجلي جو مسئلو اک ڇَنبَ ۾ حل ٿي ويندو. اڄ به توهان پنجاب ۾ وڃو ته ماڻهو چوندا آهن ته ”اگر سنڌي ڪالاباغ ڊيم بناني دين تو بجلي ڪا مسئلا حل هوجائيگا.“ اها پَٽي انهن کي ساڳين رٿابندي سازن ۽ سندن سياسي مالڪن پڙهائي آهي. همراهه 20، 30 سالن تائين انهي آسري ويٺا رهيا ته دنيا ۾ بجلي جي مسئلي جو حل رڳو ڪالاباغ ٺهڻ سان ئي آهي نه ٻي ڪنهن رٿا تي ڌيان ئي ڏنو ويو ۽ نه ان ڏس ۾ معاملن کي اڳتي وڌايو ويو پر انهن ”معصومن“ کي ڪير ٻڌائي ته رٿابندي ڪندڙن وٽ ڪالاباغ ڊيم جو مقصد بجلي پئدا ڪرڻ نه پر پوڇڙيءَ وارن (سنڌ) جو پاڻي روڪڻ آهي. اسان پهرين ڏينهن کان چوندا رهيا آهيون ته ڪالاباغ ڊيم جو بجلي جي بحران کي حل ڪرڻ سان ڪو تعلق ناهي. رٿيل يا رد ٿيل ڪالاباغ ڊيم ۾ بجلي پئدا ڪرڻ جي گنجائش 3600 ميگاواٽ آهي، جيڪڏهن مثال طور اهو ٺهي به وڃي ته جٿي بجلي جي کوٽ 10 هزار ميگاواٽ کي وڃي ڇيهه ڪندي آهي، اتي هي هڪڙو پراجيڪٽ ڇا ڪندو. جنرل مشرف جي دور ۾ پاڪستان ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد جو مسئلو نه هو. جنرل مشرف جي سموري دور ۾ رٿابندي ته ٿيندي رهي پر اضافي بجلي نه پئدا ٿي سگهي. طلب وڌندي ويئي ۽ رسد زيرو رهي. انهي کان بعد پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي، انهن به بجلي جي مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران سياسي مسئلن ۽ ڇڪتاڻ کي گهڻو وقت ڏنو. مٿان وري ”راجه رينٽل“ جا مسئلا سندن ڳچي ۾ پئجي ويا. جيتوڻيڪ سندن دور ۾ ساڍا 3 هزار ميگاواٽ کان مٿي بجلي جي رسد وڌائي ويئي آهي پر انهن مان به گهڻي جنرل مشرف جي دور ۾ رٿيل هئي. پيپلزپارٽي دور ۾ چند سو ميگاواٽ بجلي فراهم ٿي سگهي آهي. انهي ڏوهه ۾ راجه پرويز اشرف ۽ سيد نويد قمر کي وزارت تان لاٿو ويو جو اهي بجلي جو مسئلو حل نه ڪري سگهيا. پيلزپارٽي جي فيصلي سازن جو موقف آهي ته جيڪڏهن بجلي جو مسئلو عام چونڊن تائين حل نه ٿيو ته پيپلزپارٽي جا پنهنجا ووٽر لوڊ شيڊنگ جي اونڌاهه ۾ گم ٿي ويندا. هاڻي وري احمد مختار کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي. پيپلزپارٽي دور ۾ چار پنج ناڻي وارا وفاقي وزير اقتصادي مسئلا ۽ ٽي بجلي وارا وزير بجلي جو بحران حل نه ڪري سگهيا ته گجرات جي چوڌري احمد مختار وٽ وري ڪهڙي ”گِدَڙسِنگهي“ آهي. پوءِ مسئلو حل ڪيئن ٿيندو؟ ٻه ٽي هفتا اڳ مهراڻ يونيورسٽي جو پوزيشن هولڊر جيالو ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر ولي محمد راهمون مسئلن جا حل ساڻ ڪري اسلام آباد آيل هو. راهمون، فريال ٽالپر جي حڪم تي چوڌري احمد مختار ۽ وزيراعظم راجه پرويز اشرف (ان وقت انفاميشن ٽئڪنالاجي جو وزير هو) زرداري هائوس ۾ ڪراچي ۾ بجلي جو مسئلو 90 ڏينهن ۽ ملڪ ۾ بجلي جو مسئلو 180 ڏينهن ۾ حل ڪرڻ جو هڪ پلان پيش ڪيو. جنهن جو تَتَ اهو ئي هو ته بند پيل يا گهٽ بجلي پئدا ڪندڙ بجلي گهرن کي انهن جي صلاحيت موجب هلايو وڃي. احمد مختار کي سندس ڳالهه گهڻي سمجهه ۾ نه آئي. هن راهمون جي پلان ۾ گهڻي دلچسپي نه ڏيکاري ۽ ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي. منهنجي ناقص راءِ موجب 200 ارب روپيا هٿ ڪري به وٺجن ۽ بجلي گهرن کي سندن استعداد موجب هلائي به وٺجي پر مسئلي جو جٽادار حل پوءِ به بجلي واري شعبي جي اختيارن جي تفويض ۾ آهي. ان معاملي تي پڙهندڙن آڏو تفصيل سان جواز ۽ دليل پيش ڪبا پر فلحال ايترو سمجهڻ ڪافي آهي ته مضبوط مرڪز بجلي بحران کي حل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ واپڊا ۽ پيپڪو جهڙا هاٿي ۽ ”وڏي ڀاءُ“ جو خواهشون ۽ ضرورتون پاليندي پاليندي ننڍا صوبا ٿَڪجي پيا آهن. تنهن ڪري اقتصادي، انتظامي، سياسي، فني بلڪه هر لحاظ کان مسئلو ”بتيءَ سان نه پر بابُو سان آهي.“ (پاڪستاني انگريزي ميڊيا ۾ ڪاموري يا سرڪاري فيصلي سازن کي بابُو به چوندا آهن) جيئن هن ملڪ جو جياپو هاڻي رڳو صوبن کي مڪمل ۽ هر قسم جا فيصلا ڪرڻ جي خود مختياري ڏيڻ ۾ آهي، بالڪل اهڙي طرح بجلي جي مسئلو جو جٽادار حل به بجلي واري شعبي کي مڪمل طور تي صوبي حوالي ڪرڻ ۾ آهي. (هي ليک روزاني ڪاوش جي 2 جولاءِ واري شماري ۾ ڇپجي چڪو آهي.)
واقعي ئي بتيء جي مسئلي منجهايو آهي۔ محسن ٻٻرتمام سٺو ۽ معلوماتي لکيو آهي۔ اسان جا چينل به اهڙي ڄاڻ ڏيڻ بجاء سياست ڪري انهن کان پيسا پيا ڪڍن۔ ڪير به سچي ۽ صحيح رپورٽنگ ڪونه پيو ڪري۔ ڪي اي ايس سي کي ئي وٺو ان جا ڪل 17 کن يونٽ آهن پر سدائين ڪي ڇهه يا ست ئي آپريشنل هوندا آهن ۽ اها حالت سڀني بجلي پيدا ڪندڙ ادارن جي آهي۔