روايتي ووٽ جو رخ تبديل ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2012۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ايڊووڪيٽ زاهد حسين سومرو ـ
    موت جو هڪ قسم شهيد ٿيڻ آهي. هن قسم جو موت اڪثر ان وقت تي رونما ٿيندو آهي جڏهن غدار ۽ ڌاريو مٽي ماءُ يا سر زمين تي قابض ٿيڻ چاهيندو آهي. سنڌ ڌرتي به اڄڪلهه اهڙي ئي دشوار وقت مان گذري رهي آهي، جتي سنڌ جي غيرتمند پٽن ۽ نياڻين کي پنهنجي ڌرتي ماءُ لاءِ قرباني ڏيڻي پئجي رهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جا ڪي ئي عظيم ۽ غيرتمند پٽ پنهنجي مٽي ماءُ تان قربان ٿي ويا آهن، انهن شهيدن ۾ هوشو شهيد کان وٺي مظفر ڀٽو ۽ غزاله صديقي تائين نه کٽندڙ هڪ ڊگهي قطار آهي. جن پنهنجي زندگي کي اهميت نه ڏني ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويا يا وري ڪراچيءَ توڙي دادو ۾ سنڌ جي عظيم ۽ غيرتمند جوانن ۽ نياڻين پنهنجي پاڻ کي ڌرتيءَ ماءُ تان قربان ڪري ڇڏيو. اسان سنڌي، موت کي ته امر ٿا سمجهون ۽ ان جي ذائقي کي ماکيءَ جي پيالي کان به مٺو ۽ لذت ڀريو ٿا ڀائيون. ان جو مثال دادو ضلعي جي پوليس جي وحشياڻي تشدد ۽ فائرنگ مان لڳائي سگهجي ٿو، ائين محسوس ٿي رهيو هو ته هي سنڌ جو ڪو شهر نه پر ڪشمير ۽ فلسطين جو ڪو شهر آهي، جتي انڊين يا اسرائيلي فوج مسلمان کي ڪچلي رهي آهي. اسان سنڌين لاءِ ڌرتيءَ کي تنگ ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اسانکي پنهنجي ئي ملڪ جي پنهنجي شهر ۾ گولين سان چچريل لاش پنهنجي محافظن طرفان تحفي ۾ ڏنا ٿا وڃن. اسان کان پنهنجي ملڪ ۾ پر امن احتجاجي جلوس ڪڍڻ جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اهي رياست جا نامرد غنڊا هميشه اهو ڇو ٿا ويساري ويهن ته شهادت حاصل ڪرڻ اسانجي فطرت ۾ آهي ۽ اسين جڏهن انتقام تي لهي آياسين ته دنيا ڏندي آنڱرين ۾ هوندي! اسين دشمن جي مورچن ۾ گهڙي کين موت جي ننڊ سمهاري سگهون ٿا پر اسانجي پر امن رهڻ کي رياستي غنڊا ڪمزوري نه سمجهن. هي ڪيڏي نه اندهير نگري آهي جو هڪ طرف ملڪ ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ لاءِ نڪتل احتجاج ۾ ماڻهو هر قسم جي سرڪاري توڙي پرائيوٽ پراپرٽيءَ کي نقصان ٿا ڏين ته کين ڪو به نٿو روڪي پر ٻئي طرف اسان سنڌين کي پنهنجي ئي سنڌي شهرن ۾ پرامن احتجاج جي سزا اها ملي رهي آهي، جو اسانجي جوان توڙي عزتن (عورتن) تي گولين جي بوڇاڙ ڪئي پئي وڃي ۽ کين گرفتار ڪري ڪوڙا ڪيس ڪيا پيا وڃن. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ئي شهر ۾ پنهنجي سنڌي ورديءَ وارن جي هٿان قتل ٿي رهيا آهن، خبر ناهي ته ان ڳالهه جي پويان ڪنهن جا هٿ آهن؟ هي وردي پهريندڙ دهشتگرد خبر نه آهي، ڪهڙي سبب جي ڪري پنهنجي غيرت چند نوٽن تي وڪڻي رهيا آهن. پنجاب ۾ نڪتل ريلي ۾ اگر آفيسر گوليءَ جو حڪم ڏين ٿا ته اتان جو عملو پنهنجو بيلٽ آفيسرن کي لاهي ٿا ڏين ۽ چون ٿا ته اسين گولي نه هلائينداسين پر اسان جي سنڌ ۾ غيرتمند ۽ جوڌن جو خبر ناهي ڇو گولين سان استقبال ٿي رهيو آهي. دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ نڪتل پر امن احتجاج کي نه روڪيو ويندو آهي بلڪه انهن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي پر اسان وٽ ته گنگا ئي ابتي ٿي وهي. دنيا ۾ پنهنجي ملڪ ۽ خطي سان محبت جو اظهار هوندو آهي پر هتي اسان سنڌين کي سنڌ سان محبت ڪرڻ جي سزا اها ملي رهي آهي جو اسانکي نت نون طريقن سان لاش ملي رهيا آهن، ڪجهه جوان گولين جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا ته ڪيترائي معزور بڻجي وڃن ٿا ۽ ڪيتريون ئي نياڻيون زيادتيءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون! حڪومت جي ڌڙن جي ايتري وڏي خاموشيءَ کي اسين ڪهڙو نانءُ ڏيون؟ اگر اسان پنهنجي ئي گهر ۾ محفوظ نه آهيون ته ان تي رياست خاموش ڇو آهي؟ سنڌ ۾ رت جي راند تي صدر، وزير ۽ عدالتي ڌڙا خاموش ڇو آهن؟ اهي سڀئي سوال هڪ نئون رخ ۽ نئين انقلاب جي تياري جي خبر ڏئي رهيا آهن. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي عورت پنهنجي جوانن ۽ مردن کي پڻ اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته اگر سنڌي جوان ۽ مرد سنڌ امڙ لاءِ ميدان ۾ نه آيا ته اسين عورتون رت جي آخري ڦڙي تائين سنڌ امڙ لاءِ جدوجهد ڪنديون رهنديون سين! هڪڙو سوال پڻ حڪمران طبقي کان اهو آهي ته اوهين اسانجي ووٽن تي اسيمبليءَ ۾ آيا آهيو ته اسان جي ئي خون سان راند ڇو؟ ياد ڪيو توهان پنهنجو اهو وقت جڏهن ووٽن جو رخ توهان ڏانهن تبديل ٿي ڪري سنڌ جي مفادن واري پاسي ڏي ويندو، تڏهن اوهين بي خيالي جي ننڊ مان جاڳندا ۽ اهو ئي خوف حڪمرانن کي پڻ لاحق آهي ته اگر اسان انهن ننڊن ننڊن احتجاجن تي خاموش رهياسين ته آخر ڪار سنڌي ماڻهن جو رخ اسان ڏانهن تبديل ٿي ويندو، جنهن سبب جي ڪري هو پر امن احتجاجن تي گولين جي بوڇاڙ ڪري رهيا آهن. پر کين خبر نا هي ته اسين سنڌي مٽي جي اولاد آهيون. توهان اسانکي ماري ڇڏيو، اسان وري جنم وٺنداسين ۽ توهان کان رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺنداسين ۽ سنڌ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين. هر دور ۾ پنهنجي جان جا نذرانا پيا ڏيندا رهنداسين ڇو ته شهيدن جي تاريخ سنڌي جي حلالي پٽن کي وري سڏي رهي آهي. جيئن هڪ شعر ۾ شيخ اياز پڻ چيو آهي ته​
    ”هن لال لهوء جي سرگم تي، ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري،“​
    ”منهن هيڊ ٿيا غدارن جا، بي شرم وڏيرن پيرن جا“​
    سنڌ جنرل جي ٿورن سان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڃان تائين مونکي ڪا خاص تبديلي نظر ڪانه پئي اچي۔ ماڻهو آخر ۾ سڀ ڳالهيون وساري ويهندا آهن ۽ اسان جي روايتي سياستدانن جي روايتي ڳالهين ۾ اچي روايتي تاريخن کي ياد ڪندي روايتي فيصلا ڪندا آهن۔

    شهيد غزاله ۽ سنڌين جي شهادت پنهنجي جاء تي پر سياست لاء اهو ضروري آهي ته اوهان ماڻهن سان سماجي طور ڏک سور ۾ گڏ هجو، جنهن جي اسان جي قومي سياست ڪندڙن پارٽين ۾ کوٽ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو