تون خوبصورت خوابن جي راڻي آهين!

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2012۔

  1. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [​IMG]
    تون خوبصورت خوابن جي راڻي آهين ... آزادي جا واڪا ڪندڙ ڪوئل آهين .... تون خوشيءَ جي ڪونج آهين ... تون .. بي پنهاھ خوشيءَ جي آسمان جي اوچائين تي اڏرين ٿي... تون سچ جي سويري جي مٺي ڪوڪ آهين ..... ٻڏتر لاءِ آسرو آهين.... تون مهڪندڙ فزائن جي پري آهين ... تون ڏکڻ جي ٿڌڙي هير آهين.... ساگر جي نچندڙ لهر آهين
    .تون کير ٿر جو چشمون آهين ..... تون اجالو ، تون ديپ آهين... تون مٽيءَ جو گيت آهين ... تنهنجي نظر ۾ ڪجهه خاص آ .... تنهنجي لبن جي ڇا بات آ.... تنهنجا وار نم جي ڇانو وانگر... تنهنجي آڏو چنڊ به خاموش آ .... تنهنجو سهرو نعت آ ...... صوفي جي سر جو ساز آهين.. سنڌ امڙ جو ناز آهين... تون ڪا هستي خاص آهين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گهڻن ڏينهن کانپوء پياري منصور کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار۔ اوهان کي روزانه ڪاوش جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيڻ تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون۔ اميد ته پنهنجي مصروف وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي سنڌ سلامت سان ساٿ نڀائيندا رهندا۔

    تون مٽيءَ جو گيت آهين ... تنهنجي نظر ۾ ڪجهه خاص آ .... تنهنجي لبن جي ڇا بات آ.... تنهنجا وار نم جي ڇانو وانگر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔


    خوبصورت سٽون۔ جنهن کي نثري نظم سڏيان يا وري ڊائريء جا ورق، پر لفظ دل ۾ گهري ٿا وڃن، سنڌ جي سونهن، محبوب جي سونهن ٻئي نروار آهن ۔۔۔۔۔

    اوهان دير سان آيا پر هڪ بهترين شيئرنگ سان گڏ آيا ۔۔۔۔۔ ڀلي ڪري آيا
     
  3. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني سرڪار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو