اسين پنهنجو پاڻ کي سمجھي نه سگھيا آهيون. اسانکي پنهنجو پاڻ لاءِ جئڻ نٿو اچي. اسين مان ڪوبه پنهنجي لاءِ نٿو جيئي. اصل ۾ اسين پنهنجو پاڻ لاءِ ٺهيا ئي ناهيون. اسانجو پنهنجو پاڻ تي ڪوبه اختيار ڪونهي. اسين ڪجھھ به پنهنجي مرضيءَ سان نٿا ڪيو. مڃڻ جهڙي ڳالھھ اسين وٽ سمجھھ جو ڪوبه فقدان ڪونهي. پوءِ اسين اهو نه سمجھي سگھيا آهيون ته اسين پنهنجو پاڻ لاءِ فائديمند ڪيئن ناهيو؟ اسين جو وجود اسانجي ڪنهن به ڪم جو ڪونهي. اسان جا جزبا، احساس، خواب، خواهشون، حسرتون سڀ بي معنيٰ آهن. اسان جو چونڊيل رستو به اسانجي مطابق ناهي، اسان جي منزل ڪهڙي آهي اهو به اسان جي اختيار ۾ ناهي. اسانجي محنت، آرام، کائڻ پيئڻ، اسان جو گھمڻ ڦرڻ به اسانجي ڪم جو ناهي. عجيب قسم جي ڪهاڻي آهي، زندگي بي مقصد...! ان ڳالھھ جو احسان هوندي به ته اسين پنهنجو پاڻ لاءِ ناهيون، اسان جي اختيار ۾ ڪجھھ به ناهي تنهن هوندي به... فڪر نه ٿا ڪيون ته جيڪڏهن اسان جي وس ۾ ڪجھھ به ناهي ته ڪا ته هستي هوندي نه! جنهن جي اختيار ۾ سڀ ڪجھھ آهي جنهن جي مرضي سان اسان هلون ٿا... جيڪڏهن ائين آهي ته ان ڳالھھ جو احساس هوندي به اسين ان آڏو ڳاٽ کڻڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪيون؟ اسين نافرمان غلام آهيون........!
اسان پوء به ڪجهه ضرور آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها اسان غلام آهيون، بي سمجهه آهيون، پر پوء به سنڌ جا چاهيندڙ ۽ لطيف جي ٻولي ۽ لطيف جي ثقافت جا وارث آهيون۔ ها اسان هڪ ڏينهن ضرور جاڳنداسين ۽ اهو ڏينهن اسان پاڻ لاء، سنڌ لاء ۽ سنڌيت لاء جاڳنداسين ۔۔۔۔