رات جي اونداهي کي ختم ڪري هو ءَ پڄڻ واري هئي ۽ مون هن جي انتظار ۾ پوري رات اسٽيشن جي بينچ تي ويهي گذاري هئي. هن سان پهريون ڀيرو ملاقات ٿيڻي هئي. سچ پچ..... رات جي ننڊ ڦٽائڻ وڏي قرباني آهي ... خاص ڪري اها گهري ننڊ جيڪا رات جي پوئين پهر جي ٿڌڙي هير ۾ ايندي آهي ، اهڙي ننڊ جو اها ننڊ ڦٽائيندي به دل نه چوندي آهي ۽ اها خوبصورت خوابن واري گهري ننڊ مان هن لاءِ قربان ڪري سندس انتظار ڪري رهيو هئس. اها هن لاءِ منهنجي پهرين قرباني هئ. سندس خطن ۾ پڙهيل لکڻي مان اهو اندازو پئي لڳايم ته ڪا هور هوندي جيڪا خاص منهنجي ڪري ئي هن ڌرتيءَ تي ڄمي هوندي. ريل گاڏي جي پهچڻ ۾ اڃا ڪافي وقت هو، هوڏانهن سج به ڄڻ هن جي انظار ۾ ويٺو هو . بالڪل فلمي ڪهاڻي وانگر آءٌ اسٽيشن تي بينچ جي ٻانهين سان ٽيڪ ڏيئي وڏي اتساھ سان سندس انتظار ۾ ويٺو هئس . .................... آهسته ..آهسته .... اونداهي ختم ٿيڻ لڳي هئي ۽ ريل گاڏي به ويجھي پهتي هئي ....... پان!......پان!............. ريل جي پڄڻ جو اعلان ٿيو .....سکر اڪسپريس پليٽ فارم نمبر هڪ تي پهچڻ واري هئي، ڪراچي ويندڙ مسافر پليٽ فارم نمبر هڪ تي وڃن. مان به ڊوڙندو پئي ويس انتظار جي گھڙي ختم ٿيڻ تي هئي ...... وڏي جوش سان وڃي پليٽ فارم نمبر هڪ پهتس ... هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس ....... مون سندس خط جي جواب ۾ لکيو هو ته جڏهن آءٌ اسٽيشن تي کيس وٺڻ ايندس ته اڇي رنگ جي شرٽ، بليڪ ڪوٽ ۽ ڳاڙهي رنگ جي ٽائي پائي ايندس ۽ مان بالڪل اوئين ئي ٿي ويس جئين خط ۾ لکيو هيم. ريل گاڏيءَ مان لهندڙ مسافرن ڏانهن نهاريندي ..پٺين پاسي کان ڪلھي تي ٿورڙي ڇڪ محسوس ڪيم، انهيءَ پل پٺيان آواز آيو....“اڪيس ڪيوز مي! منصور اوهان آهيو؟” .... ۽ .... جڏهن پوئتي ڦري ڏٺو ته ... ٺيڪ انهيءَ وقت سندس سج جو پهريون ڪرڻو چهري تي ڪريس ...... ............۽ مان ڏسندو ئي رهجي ويس!