منصور ميراڻي
سينيئر رڪن
مان به ڊوڙندو پئي ويس انتظار جي گھڙي ختم ٿيڻ تي هئي ...... وڏي جوش سان وڃي پليٽ فارم نمبر هڪ پهتس ... هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس ....... مون سندس خط جي جواب ۾ لکيو هو ته جڏهن آءٌ اسٽيشن تي کيس وٺڻ ايندس ته اڇي رنگ جي شرٽ، بليڪ ڪوٽ ۽ ڳاڙهي رنگ جي ٽائي پائي ايندس ۽ مان بالڪل اوئين ئي ٿي ويس جئين خط ۾ لکيو هيم. ريل گاڏيءَ مان لهندڙ مسافرن ڏانهن نهاريندي ..پٺين پاسي کان ڪلھي تي ٿورڙي ڇڪ محسوس ڪيم، انهيءَ پل پٺيان آواز آيو....“اڪيس ڪيوز مي! منصور اوهان آهيو؟” .... ۽ .... جڏهن پوئتي ڦري ڏٺو ته ... ٺيڪ انهيءَ وقت سندس سج جو پهريون ڪرڻو چهري تي ڪريس ...... ............۽ مان ڏسندو ئي رهجي ويس!