آءُ هميشه پنهنجن سنڌي ڀائرن کي دنيا جي ترقيءَ جا منظر ۽ انهن جي ڪيل ترقيءَ بابت معلومات ڏيندو رهندو آهيان، انجو سبب ته آءُ پنهنجن دوستن ۽ عزير وطن سنڌ جي ماڻهن کي اهو ٻڌايان ته اوهان ڪهڙي انڌير جي ننگري ۾ رهو ٿا ۽ دنيا کان ڪيترو پوئتي رهو ٿا ... دنيا ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي آهي ۽ ترقيءَ جون اهي منزلون طع ڪري رهي آهي جنهن جا اسين صرف خواب ڏسي سگهندا آهيون بلڪ اسانجي خوابن ۾ اهڙيون ڳالهيون ناهن جهڙا ڪم دنيا ڪري رهي آهي ۽ زندگي آسان ڪري رهي آهي .... ڀلا هي ڏسو ته دنيا وارا پنهنجن ڳوٺن، واهڻن ۽ شهرن ۾ گهٽيون، رستا ڪيئن پڪا ڪنٿا ۽ ڪيئن خوبصورتي پئدا ڪنٿا ... ياد رکو! الله تعالا به ان قوم جي حالت نٿو بدلائي جيڪا قوم پنهنجي حالت پاڻ نٿي بدلائي ... سوچيو غور فڪر ڪريو پنهنجي ملڪ جي وارثي ڪريو ۽ پنهنجي آل و اولاد جي زندگي آسان ڪريو .... سوچيو ۽ عمل ڪريو ته سڀ ڪجهه نه ته ڍڳي جو ملهه هزار ڍڳو هر نه هلي ... هي ان ئي رستي ٺاهڻ واري مشين جي وديو به ڏسي ڇڏيو
سائين سائين اچو ۽ ڏسو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هتي ڪير سنڌ سان ته ڇا پر پنهنجي گهر ۽ پاڻ سان به سچو ناهي۔ ڪجهه ڏينهن سچل ڳوٺ ۾ ان ئي جڳهه تي ڪرسين تي ويٺا هئاسون جتي اوهان به اچي ڪچهري ڪندا آهيو، هڪ دوست آيو ۽ شڪايت ڪيائين ته سندس وٽ جيڪو پاڻي اچي ٿو ان ۾ بدبو آهي، کانئس پڇا ڪئي سون ته ڀلا تنهنجي ڀر وارا جيڪي ٻئي گهر آهن اتي ڇا پوزيشن آهي ؟ چيائين ته انهن وٽ پاڻي صحيح آهي۔ کيس چيوسين ته پوء پنهنجي لائين کوٽراء چيڪ ڪراء ته ڪٿي تنهنجي لائين ليڪ ته ناهي ۽ ان سان ڪٿي گٽر جو پاڻي ملي ٿو وڃي؟ چيائين مون وٽ ايترو وقت ناهي ۔۔۔ گهڻو گهٽ وڌ به ڳالهائي ويو ته اوهان ڪميٽين ۾ ويٺل ڪم نه ٿا ڪيو، اسان ايم ڪيو ايم ۾ وينداسين ته سڀ ڪم ٿي ويندا۔ مان کيس گهڻوئي سمجهايو ته هي تنهنجي ذاتي لائين آهي اسان به گڏ هونداسين پر تون پڻ به ته موجود هج، وري به گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو۔ هاڻي ٻڌايو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر جي ڪم لاء هڪ ڪلاڪ نه ٿو ڪڍي سگهي ، اهو ماڻهو ڳوٺ ۽ قوم لاء ڇا ڪندو ؟؟ سائين نه پڇو بابا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس ڇڏيو، مونکي چاچي حفيظ قريشي جون ڳالهيون ٿيون ياد اچن۔
سائين وساڻ صاحب سچ ٿا چئو، اسان جا ماڻهو تمام ڪاهل ۽ سست ٿي پيا آهن، پنهنجي گهٽي ۽ گهر جي صفائي وغيره ئي نٿا ڪن ته اهڙن جديد طريقن لا پنهنجي علائقن کي ترقي وٺرائڻ لا ڪهڙا قدم کڻندا، باقي ڏوهه حڪرانن جو به آهي انهن اهڙا ڪي به اپا نه ورتا آهن جنهن سان عوام جو ڪو ڀلو ٿي پوي، پو ڀل اهو ڪهڙي به پارٽي سان واسطو رکندڙ هجي، ڪنهن کي به ملڪي ترقي طرف ڪو به ڌيان ئي ڪونهي۔ نه ئي اهڙي جديد ٽيڪنالاجي هتي آڻن ۽ ان تي ڪم ڪرڻ لا ڪنهنجي مٿي ۾ سور آهي۔
سنڌ سنگت بلڪل صحيح پيا چئو. هلڻ پڄي پيرن کان ڪون پوء ٿڪ لعنت گوڏن کي. بلڪل انهيء وانگي همٿ ۽ جرئت لڀي پاڻ ۾ ڪونه پوء گار گند ٻين کي.
هههههههه ۔۔۔۔ يار سليمان، اهڙيون ته لهنواريون ٻڌائيندو آهي جو چپن تي تالا لڳي ويندا آهن ۔۔۔۔ اها ڳالهه ته سچ آهي ۽ اهم به آهي جيستائين انسان پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائيندو ته ٻيا ان لاءِ ڇا ڪري سگهندا ۔۔۔ ڪجهه آءُ به اڳڀري ٿيان۔۔۔ قومي بيماريون ئي ته آهن جنهن سبب اسين ايترو پوئتي آهيون ۔۔۔ اوهان بلڪل سچ ٿا چئو ۔۔۔ اسانکي پاڻ بدلائڻو پوندو ۽ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، ٻي صورت ۾ نتيجو 0 رهندو، باقي گهڻي ڀاڱي رياستي ادارا به تمام اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ملڪي ترقيءَ ۾، انڪري تاڙي ٻنهي هٿن جي وڄندي ۔۔۔ مٿيان ڌاڙيل ته هيٺيان چور ۔۔۔۔ ائين ڪم ڪون هلندو مٿيان بدلبا ته هيٺيان به فرق پوندو ۽ هيٺيان پاڻ بدلائيندا ته مٿي به فرق پوندو ۔۔۔