عامر خان کي باڪسنگ جو ٽائيٽل واپس ملي ويو...

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    ورلڊ باڪسنگ ايسوسيئيشن طرفان پاڪستاني نزاد برطانوي باڪسر کي لائيٽ ويلٽر ويٽ چيمپيئن جو خطاب واپس ڪري ڇڏيو۔۔
    آمريڪن باڪسر ليمونٽ پيٽرسن 10 ڊسمبر 2011 تي هڪ متنازع مقابلي ۾ عامر کي شڪست ڏني هئي جنهن سان عامر ڊبليو بي اي ۽ آئي بي ايف ٽائيٽل وڃائي ويٺو هو۔۔ ميچ کان پوءِ عامر کي ججن جي فيصلي تي اعتراض هيو ۽ ورلڊ باڪسنگ ايسوسيئيشن معاملي جي تحقيق کان پوءِ مقابلي کي ٻيهر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو۔۔۔ پر اهو مقابلو ٿي نه سگهيو جو ليمونٽ جو ڊرگ ٽيسٽ واڌو آيو هو۔۔ جنهن کان پوءِ باڪسنگ انتظاميه عامرکي سندس وڃايل ٻئي ٽائٽل واپس ڪري ڇڏيا۔۔
    دوستن جي دلچسپي لاءِ ٻڌائندو هلجي ته عامر پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪل 26 مقابلا کيڏيا آهن ۽ انهن مان 24 کٽيا آهن۔۔۔ وري 24 کٽيل مقابلن کي ڏسجي ته انهن مان 18 مقابلن ۾ عامر مخالف رانديگر کي ناڪ آئوٽ ڪيو آهي۔۔

    عامر جي هڪ راند جو منظر​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورلڊ ٽائٽل لاء هاڻي عامر جو مقابلو آمريڪا جي ڊيني گارسيا سان آهي جيڪو به 23 مقابلن ۾ ناقابل شڪست رهيو آهي۔

    ڏسون ته عامر پنهنجي ٽائٽل جو بچاء ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه ؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو