سامي ميمڻ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي بنا روڪ وهڪري لاءِ سنڌي ماڻهن طرفان اڻ ڳڻيون تحريڪون هلايون ويون آهن. تڪليف ڏيندڙ پيادل لانگ مارچون به ڪيون ويون، مسلسل جدوجهدن جي نتيجي ۾ ڪجهه معاملا حل به ٿيا آهن، پر اڃا به جدوجهد جي ضرورت آهي. ڀلي کڻي في الحال ڪالاباغ ڊيم نه اڏڻ جا اعلان ڪيا ويا آهن، پر حڪمرانن تي ڪو به ڀروسو نه آهي. هن حڪومتن کي هٿ جو ٺاهيل ارسا نٿو مڃي ۽ جيڪي پنهنجي 1991ع واري پاڻي معاهدي تي اڄ تائين عمل نه ڪري سگهيا آهن، تن مان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. ملڪ جي مٿين حصن واري علائقن جي ڪامورن ۽ بااثر ڌرين تي حڪمرانن جي گرفت ايتري ته ڪمزور آهي جو انهن ڊيم ٺاهڻ کانپوءِ سمورو پاڻي گڏ ڪرڻ بهاني سمورو پاڻي روڪي سنڌ خاص طور پوڇڙ واري علائن کي سوهڪڙي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. پاڻي وڌي ته هو ڄڻ سنڌ تي ٿورو ڪري سمورا در کولي پاڻي ايتري ته گهڻي مقدار ۾ موڪلين ٿا جو سنڌ ٻڏي وئي، ماڻهو دربدر ٿيا ۽ هڪدم وري پاڻي روڪي سنڌ ۾ ڏڪر پيدا ڪيو ويو. سوڪهڙي ۽ ٻوڏ کان علاوه هنن حڪمرانن وٽ سنڌ لاءِ ڪو ٻيو رستو آهي ئي ڪون، پاڻي جي منصفاڻي ورهاست جو حڪمرانن وٽ تصور ئي ڪونهي. اهڙي حالتن ۾ آخر ڪجي ڇا؟ هٿ تي هٿ رکي حڪمرانن جي رحم ڪرم تي ذلت جا ڏينهن ڏسون يا گڏجي انهن جي بد نيتن کي پڌرو ڪري پنهنجي پاڻي جي حصي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻون. پاڪستان ۾ پاڻي جي صورتحال خطرناڪ حد تائين غير پائيدار آهي، پاڻي جي موجودگي 1950ع ۾ 5000 ڪيوبڪ ڪلوميٽر في ماڻهو مان گهٽجي اڄ 1500 ڪيوبڪ ڪلو ميٽر کان به گهٽجي ويو آهي. FAO جي 2008ع جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ في ماڻهو پاڻي جي موجودگي ايشيائي ملڪن ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ 26هين نمبر تي آهي، پاڪستان 2035ع تائين پاڻي جي کوٽ جو شڪار ٿيندو. جڏهن ته ڪجهه محققن جو خيال آهي ته صفا ويجهو نه ته به 2020ع تائين پاڪستان پاڻي جي کوٽ واري صورتحال کي منهن ڏيندو. اڄ پاڪستان جي گهٽجندڙ پاڻي جو گهٽ ۾ گهٽ 90% آبپاشي ۽ زراعت کي مهيا ڪيو وڃي ٿو. اها حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي جو پاڪستان خشڪ ساليءَ جو شڪار زرعي ملڪ آهي. بدقسمتي سان وسيع آبپاشي نظام ۽ ڪمزور نيڪال جي سرشتي سبب پاڪستان جي ٻهراڙيءَ جا علائقا سم ۽ ڪلر جو شڪار ٿي چڪا آهن. نتيجي طور هن ملڪ جون شاهوڪار زمينون سم ۽ ڪلر جي ڪري سٺي زرعي اپت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿينديون پيون وڃن. پاڪستان جي محدود پاڻي جو هڪ وڏو حصو زراعت کي مختص ڪرڻ کانپوءِ 10% کان به گهٽ پاڻي پيئڻ ۽ نڪاسي لاءِ بچي ٿو، تنهن ڪري ملڪي عوام جو وڏو انگ انهن سهولتن کان وانجهيل آهي، جيتوڻيڪ ڪاٿو لڳايل انگ اکر هڪٻئي کان ٿورو مختلف آهن، پر اهو چئي سگهجي ٿو ته اٽڪل 40 کان 55 ملين پاڪستاني ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ميسر ناهي. ملڪ جا شهري علائقا گدلو پاڻي واپرائڻ سبب پاڻي سان لاڳاپيل انيڪ بيمارين جي ور چڙهيل آهن. روزانو 630 ٻار گدلي پاڻيءَ سان لاڳاپيل بيمارين جهڙوڪ دستن جي ڪري موت جو کاڄ بڻجن ٿا. پاڻي جي شديد کوٽ جون نشانيون سنڌ صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏسي سگهجن ٿيون، جيئن ته ملڪ جي آبادي تمام گهڻي وڌي رهي آهي. سنڌو درياءَ جي مٿانهين وهڪري مان پاڻي جو وڏو مقدار پنجاب صوبي جي زراعت ۽ شهري استعمال لاءِ ڪتب آندو وڃي پيو، نتيجي طور هيٺانهين وهڪري جو سنڌو جيڪو ڪڏهن ”درياءَ بادشاهه“ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، سوڙهو واهه جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته درياءَ جي حيثيت هڪ دُٻي کان مٿي ناهي رهي. درياءَ جي اهڙي طرح غائب ٿيڻ سبب سنڌوءَ جي وسيلن تي ماڻهن خاص طور تي ماهيگيرن جي روزگار ۽ سندن رهڻي ڪهڻي تي موت واري سانت طاري آهي. اهي ماڻهو ڪاٺيون وڪڻي گذر ۽ ٽينڪرن مان ڳري ملهه تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. پاڻيءَ جي کوٽ سنڌو درياءَ جي وهڪري بابت ڄاڻايل مٿين صورتحال کانپوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسين ڪٿي بيٺا آهيون. ڀل ته هن وقت سانوڻيءَ جي موسم هجي، موسميات کاتي جي عملدار ۽ حڪومتي ماهر اهو دُهل وڄائي رهيا هجن ته هيلوڪيون بارشون ايندڙ بارشن کان وڌيڪ هونديون ۽ 2010ع واري ٻوڏ کان وڌيڪ خطرناڪ ٻوڏ اچي سگهي ٿي. اهڙين اڳڪٿين سنڌي ماڻهن کي پريشان ضرور ڪري ڇڏيو آهي، پر ان جو اهو مطلب ناهي ته سـُڪل سنڌوءَ جي وهڪري لاءِ آواز ان وقت تائين بلند نه ڪجي جيستائين ٻوڏون اچن ۽ موٽي وڃن يا اڻ مندائتا مينهن وسي بس ڪن. اصل مسئلو سنڌو درياءَ جو ڊيلٽا تائين وهڻ جو مسئلو آهي. قدرت ۽ فطرت سنڌوءَ کي جيڪا سونهن ۽ جواني ڏني آهي اها برقرار رهڻ کپي. پاڻيءَ سان انسان ترقي ڪري ٿو، جيڪو ان جو پيدائشي حق آهي، اهو ڪنهن به حالت ۾ کسجڻ نه ڏبو. هيستائين وفاقي سرڪار، پاڻيءَ جي ماهرن ۽ ارسا سميت ڪيترن ئي ادارن جي ڪامورن کي اڻ ڳڻيا دليل ۽ انگ اکر ڏئي ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌو درياءَ ۾ گهربل پاڻي ڇڏيو وڃي، پر انهن تي جونءِ به نٿي سـُري. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مهاڻن جي ان تنظيم انڊس ڊيلٽا کي ايئرڪنڊيشن آفيسن، نمائشي ليڊرن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انڊس ڊيلٽا جو نالو وٺي پاڻ کي ماهر سڏائيندڙ ماڻهن جي پنجوڙ مان ڪڍي عوامي سطح تائين آندو ۽ ميڊيا، عوامي جلسن ۽ ٻين ذريعن وسيلي انڊس ڊيلٽا جي اهميت کي ايترو ته اجاڳر ڪيو جو انڊس ڊيلٽا ۾ رهندڙ ماڻهو اڄ پنهنجي انڊس ڊيلٽا سان حد کان وڌيڪ پيار ڪن ٿا ۽ ان کي آباد رکڻ لاءِ گهربل پاڻي جي لاءِ نه رڳو آواز بلند ڪن ٿا، پر عملي طرح خالص ڊيلٽا جي رهواسين تاريخ ۾پهريون ڀيرو پيرين اگهاڙين پنهنجي عورتن ۽ ٻارن ٻچن سان گڏجي کاروڇاڻ ڦاٽ کان پيرين پنڌ لانگ مارچ ڪري المنظور ڄامشورو وٽ درياءَ جي پيٽ ۾ گڏ ٿي سرڪار کي مڃرايو ته ڊيلٽا ۾ پاڻي انساني حياتي ۽ درياءَ جي جياپي لاءِ ضروري آهي. هاڻ صرف هڪڙو ئي رستو بچي ٿو ته پاڻي ۽ درياءَ کي بچائڻ ۽ سندس آزاد ۽ فطري وهڪري لاءِ ڪا اهڙي علمي ۽ سائنسي حڪمت عملي جوڙي جدوجهد ڪجي جنهن کي نه رڳو سنڌ پر سڄي دنيا مڃتا ڏئي ۽ هر ڪو ماڻهو، ادارو ۽ تنظيم پنهنجي وس پڄندي هن تحريڪ ۾ پنهنجو حصو پتي ملائي. ان سلسلي ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم درياءَ جي بحالي واري تحريڪ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪري جدوجهد جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن سرگرمين ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ اسلام آباد ۾ سول سوسائٽي تنظيمن جا مشاورتي اجلاس سڏائڻ، مشعل بردار ريليون ڪڍڻ، قومي سطح تي درياءَ کي گلن جي ڀيٽا ڏيڻ، ميڻ بتيون ٻاري درياءَ سان عقيدت جو اظهار ڪرڻ، سڄي سال تائين صحيح مهم هلائڻ، دريائن جي ڪنارن تان مارچ ڪرڻ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ تقريري، معلوماتي ۽ ڊرائنگ جا مقابلا ڪرائڻ ۽ ان جهڙيون ٻيون اڻ ڳڻيون ڪيتريون ئي سرگرمين جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو آهي. انهن سرگرمين جي آخر ۾ مارچ 2013ع کان سنڌو درياءَ جي ڪپ المنظر ڄامشورو وٽان “سنڌوءَ جو آزاد وهڪرو بحال ڪريو“ جي عنوان هيٺ 2 مارچ کان 2013ع کان قابلو ڪڍيو ويندو، جيڪو سڄي سنڌ لتاڙي، پنجاب جي مختلف شهرن مان ٿيندو مسلسل 13 ڏينهن سنڌو درياءَ جا گيت ڳائيندو، نعرا هڻندو، ماڻهن کي ميڙيندو، ذهني سجاڳي پکيڙيندو 14 مارچ 2013ع دريائن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اسلام آباد پارليامينٽ هائوس اڳيان پهچندو، جتي ڌرڻو هڻي عام جلسو ڪيو ويندو. سڄو سال هلندڙ هن پاڻيءَ واري تحريڪ سان ضرور نه رڳو سنڌ جو عوام سجاڳ، متحد ۽ منظم ٿيندو، پر سڄي ملڪ جا ۽ سڄي دنيا ۾ انصاف، حق ۽ سچ جا علمبردار ضرور پاڪستاني رياست تي دٻاءُ وجهندا ته سنڌ خاص طور تي پوڇڙ وارن علائقن جي ماڻهن سان انصاف ڪري اتان جي تهذيب ۽ تاريخ ۽ حياتيءَ جو اهڃاڻ بڻيل سنڌو درياءَ جي فطري وهڪري کي بحال ڪندي کيس گهربل پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن نه رڳو سمنڊ تائين مٺو پاڻي پهچي سگهي پر سڄي سنڌ سرسبز ۽ آباد ٿي سگهي ۽ انسانن کي گهربل پاڻي مهيا ٿي سگهي. اتي اميد ڪري سگهجي ٿي ته پاڪستان فشر فوڪ فورم جي هن پاڻيءَ واري تحريڪ کي مان ڏيندي سنڌ جون سموريون سياسي توڙي سماجي ڌريون ان جدوجهد ۾ ضرور شريڪ ٿينديون ته جيئن سنڌ جي ٻين مسئلن سان گڏ حياتي سان جڙيل پاڻي جي هن مسئلي کي به حل ڪرائي سگهجي.