ڊاڪٽر نسيم ميتلو ـ هن موضوع جي شروعات ۾ پڙهندڙن آڏو چند سوال رکڻ گهران ٿو ته جيئن موضوع اندر بحث کي سمجهڻ ۾ سولائيءَ ٿي سگهي. ڇا سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه تي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي؟ ڇا سنڌ کي ورهائڻ جو مطالبو اڪثريت اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي طرفان آهي ؟ ڇا سنڌ جو ورهاڱو به پنجاب ۽ پختونخواهه جي ورهاڱي برابر آهي؟ ڇا سنڌ جي ورهاڱي جي مطالبي جو تعلق اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي احساس محرومي جو نتيجو آهي؟ ڇا سنڌ ورهاڱو هڪ عالمي سازش آهي؟ ڇا اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين جي مستقبل جا تعلقات ۽ رابطا، ايم ڪيوايم ۽ پي پي پي جي پاليسين جا محتاج آهن؟ ڇا اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي به اخلاقي ۽ قومي ذميواري آهي ته اهي سنڌ جي ورهاڱي خلاف ۽ سنڌ جي وحدت لاءِ آواز بلند ڪن؟ هاڻي اچو ته مٿين سوالن جي روشني ۾ تاريخ جي مدد سان اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته دراصل مهاجر صوبي جي تحريڪ ڇا آهي ۽ ان جا ذميوار ڪير آهن ۽ ان نجا نتيجا ڪهڙا نڪرندا. ڪجهه ڏينهن کان عام طور تي پاڪستاني ميڊيا ۽ خاص طور تي سنڌي ميڊيا جي اندر سنڌ جي ورهاڱي بابت بحث جاري آهي. اهڙو بحث تڏهن شروع ٿيو، جڏهن اردو ڳالهائيندڙ پاڪستاني جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان ٻڌايو وڃي ٿو. نيويارڪ، آمريڪا ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ انهن سنڌ کي ورهائي هڪ نئون صوبو (ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص) ٺاهڻ جي گهر ڪئي. ان پريس ڪانفرنس جي نتيجي ۾ پوري سنڌ اندر اهڙي گهر کي نه صرف رد ڪيو ويو پر ان کي سنڌ جي خلاف هڪ وڏي سوچي سمجهي سازش قرار ڏنو ويو. اخبارن جي اندر سنڌ جا اديب، دانشور، ليکڪ وڏا وڏا مضمون لکي تاريخ ۽ قانون جا حوالا ڏئي اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته سنڌ جي تقسيم غير فطري ۽ غير آئيني آهي، جنهن لاءِ مختلف حوالا ۽ دليل پڻ پيس ڪيا پيا وڃن، انهن دليلن مان ڪجهه ذڪر ڪرڻ ضرور ٿو سمجهان. پهرين حوالي يا دليل اندر سنڌ اندر انهن علائقن جن اندر مهاجر صوبو ٺاهڻ جي گهر ڪئي وئي آهي، جي آدم شماري جا انگ اکر پيش ڪري، سنڌي جي زميني حقيقت جو خاڪو پيش ڪيو ٿو وڃي، ٻئي پاسي اهو پڻ چيو ٿو وڃي ته عام طور تي سنڌ اندر ۽ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر اردو ڳالهائيندڙ سنڌ ٻين قومن (پنجابي، پختون، سرائيڪي، بلوچي، ڪشميري ۽ سنڌي) سان گڏ رهندا. ان ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد شهر مڪمل طور تي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آبادي جا شهر نه آهن ۽ جيڪڏهن ان صورت ۾ نئون صوبو ٺهي به وڃي ته وري پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇا هندستان جي ورهاڱي جي تاريخ کي ورجايو ويندو؟ لڏپلاڻ، رت، لاش ۽ عظمتون لٽيون وينديون! ۽ ٻئي وڏي اهم دليل يا حوالو اهو به پيش ڪيو ٿو وڃي ته اها عالمي سازش آهي جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي، بندرگاهه ۽ سمنڊ جي عالمي اهميت پيش ڪئي وڃي ٿي ۽ سنڌ کي ورهائڻ ۾ عالمي طاقتن جا مفاد خاص طور تي آمريڪا جي ملوث هجڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. ڪجهه دوستن جو اهو به خيال آهي ته الطاف حسين جو بيان ته ”هو سنڌ جي تقسيم نه ٿو چاهي“ جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ گهرجي، ان کان اڳ ۾ جو الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم مجبور ٿي وڃن سنڌ کي ورهائڻ لاءِ ۽ پوءِ ان جو ڏوهه يا ذميواري الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم تي نه پر سنڌي قوم پرست پارٽين ۽ سنڌي ماڻهن تي هوندي. اهي دوست تاريخ جي مدد سان هندستان جي ورهاڱي کي ڪانگريس ۽ هندن جي سازش ۽ هٺ ڌرمي چئي، جناح، مسلم ليگ ۽ عالمي سياست جو ڪو به عمل دخل نه هو، اهو سڄو ڏوهه هندن ۽ ڪانگريس وارن جو هو. مون کي خبر نه آهي ته جناح، مسلم ليگ ۽ تحريڪ پاڪستان جا حمايتي ان دليل کي ڪيترو مڃين ٿا پر انهن دوستن جو اهو چوڻ ته جيڪڏهن سنڌ ورهائجي وئي ته پوءِ ان جي ذميواري الطاف حسين، ايم ڪيو ايم يا وري مهاجر صوبي تحريڪ جي تنظيم تي نه پر سنڌين تي هوندي. انهي ڪري سنڌي ماڻهن کي موجوده حالات ۾ گهرجي ته وڏي پيماني تي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين سان پنهنجا رابطا وڌائن. آءُ ان دليل کي سمجهڻ کان بلڪل قاصر آهيان ته سنڌ جي ورهاڱي کي بچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ گهرجي يا سندن عسڪريت پسندي واري سوچ ڏانهن نرم رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، اهو به انهن حالتن ۾ جڏهن اهو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته شايد ايم ڪيو ايم اڻ سڌي طرح مهاجر صوبي جي تحريڪ کي مدد ڪري رهي آهي! باقي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين جي وچ ۾ انفرادي ۽ اجتماعي طور ي رابطا ضرور هجڻ گهرجن، ان ڳالهه جو تفصيلي جائزو مضمون ۾ اڳتي هلي وٺنداسين ان کان پهريان پنهنجي پڙهندڙ جي آڏو هڪ تاريخ جو جائزو پيش ڪجي ٿو. هندوستان جي تاريخي ۾ پاڪستاني قومي 1940ع جي قرارداد کي وڏي اهميت ڏيندي آهي. چيو وڃي ٿو ته هن قرارداد ۾ پاڪستان جي آزاد ۽ خودمختيار هجڻ جو تصور ڏنو ويو، جيڪو مشتمل هوندو مختلف ”رياستن“ تي ۽ بعد ۾ مسلم ليگ ان کي ”رياست“ ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اها ٽائيپنگ جي غلطي هئي. جهيڙو اصل اُتان شروع ٿيو. ڪنهن ٻئي مضمون ۾ 1940ع واري ٺاهه تي بحث ضرور ڪبو ڇو ته هن مضمون جو عنوان ڪجهه ٻيو آهي. آخرڪار پاڪستان 1947 ۾ ٺاهيو ويو، جيئن اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان ته ڪجهه دوستن جي خيال ۾ پاڪستان جو ٺهڻ ڪانگريس ۽ هندن جي غلطي هئي. جنهن ۾ خاص طور تي پٽيل جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. انهن موجب هندستان جي تقسيم جا ذميوار جناح ۽ مسلم ليگ نه آهن پر جناح ۽ تحريڪ پاڪستان جا حمايتي، پاڪستان جي وجود کي مسلم ليگ ۽ جناح جي عظيم تحريڪ جو نتيجو چون ٿا. بحرحال پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ پاڪستان مان هندو آبادي هندستان ڏانهن ۽ هندستان مان مسلمانن پاڪستان ڏانهن هجرت ڪئي. جنهن دوران هزارين ماڻهون مارجي ويا ۽ عورتن جون عزتون پڻ پامال ڪيون ويون پر اهڙو ذڪر 1940 واري ٺهراءُ ۾ بلڪل ڪو نه هيو. چيو وڃي ٿو ته پاڪستاني قومي ۽ خاص طور تي سنڌي قوم انهن جو آڌر ڀاءُ چڱي طرح ڪيو ۽ هندستان مان ايندڙ مسلمانن جي هڪ وڏي تعداد اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا خاص طور تي ڪراچي ۾ ڇو ته ڪراچي ان وقت پاڪستان جو گاڏي جو هنڌ هو ۽ ڪجهه ماڻهن جو اهوو چوڻ آهي ته ڪراچي جي اندر وڏي تعداد ۾ هندستان جي مختلف علائقن کان آيل ماڻهن هڪ دم ڪراچي جي پراڻي ڪلچر کي تبديل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندن وري هندستان وڃڻ لاٰءِ لڏ پلاڻ شروع ڪئي. ان وقت سنڌ جي سنڌي هندن جي لڏڻ سان سنڌ کي هڪ وڏو تاريخي نقصان پهتو ۽ جنهن جا اثر هينئر وڌيڪ نظر اچڻ لڳا آهن. منهنجي نظر ۾ ان وقت جي مسلمان سنڌين جي هڪ وڏي ۽ تاريخي غلطي اها هئي ته انهن سنڌي هندن کي لڏڻ کان نه روڪيو پر ابتو سنڌي مسلمان وڏيرن انهن تي حملا پڻ ڪرايا ته جيئن هو خوف کان ڀڄي وڃن ۽ جيڪي سندن زمينون هندو سنڌين وٽ گروي رکيل هيون اهي انهن کي واپس ملي سگهن. ان سان گڏوگڏ هندن جي مللڪيتن تي پڻ قبضو ڪرڻ جي لالچ هئي. ٻيو وڏو نقصان سنڌ کي اهو رسيو ته سنڌ جو هڪ وڏي ۾ وڏو شهر جيڪو نه صرف وڏو شهر ۽ ڪاروبار وارو شهر هيو پر اهو سمنڊ جي هجڻ جي ڪري صدين کان سنڌ ۽ سنڌين کي سڄي دنيا سان رابطي ۾ رهڻ جو ذريعو پڻ هيو. منهنجي مراد ڪراچي آهي، جنهن کي پاڪستان جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو ۽ رات پيٽ ۾ سنڌي پنهنجي ئي تاريخي شهر (ڪلاچي ۽ ڪراچي) ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيا ويا. ڪراچي اندر سنڌي اسڪول بند ڪيا ويا ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌي وڏيرن ۽ سياستدانن ان فيصلي جي مخالفت نه ڪئي. هندستان مان لڏپلاڻ ڪري آيل مسلمان ڀائرن پنهنجي مرضي سان ڪليم (زمينن تي دعوي) ڪيا ۽ انهن کي ڪئمپن مان شهرن ۾ منتقل ڪيو ويو. پوري سنڌ ۾ انهن جي اچڻ ۽ آباد ٿيڻ خلاف وڏا احتجاج ۽ مظاهرا نه ڪيا ويا. ان ڳالهه جو اعتراف ڪافي اردو ڳالهائندڙ سنڌي ڪري چڪا آهن ته جيڪڏهن اسان جا لٽيل قافلا سنڌ اندر داخل ٿيا ته سنڌ جي سنڌي ڀائرن اسان جي دل جي گهراين سان آجيان ڪئي ۽ ڪيترن ئي کي پنهنجن گهرن ۾ پڻ رهايو. منهنجو هڪ اردو ڳالهائيندڙ ڪميونسٽ دوست اهو ذڪر ڪندي روئندي روئندي چوندو آهي ته اسان سنڌ ۽ سنڌ واسين جا ٿورا ڪيئن لاهيندسين انهن اسان جي ننگن ۽ نياڻن کي عزتن سان پيار ۽ محبتن سان جيءِ ۾ جايون ڏنيون. شايد سنڌ جا رهواسن کي ان وقت پنهنجا شهر هندستان کان آيل مسلمان ڀائرن جي حوالي ڪندي اهو خيال به دل ۾ نه آيو هوندو ته هڪڙي ڏينهن انهن ئي شهرن جي گهٽين ۽ رستن کي سنڌ جي نياڻن کي سري عام ڳوليون هڻي رت جي هولي کيڏي ويندي! ڇا اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ڀائرن، ڀينرن ۽ مائرن کان اهو سوال نه ڪرڻ گهرجي ته ڇا توهان جو اهو اخلاقي ۽ قومي فرض نه آهي ته سنڌ جي نياڻن جي خون جي خلاف آواز بلند ڪيو ؟ پر هر ڀيري وانگر هينئر به ڪجهه اسان جا دوست ۽ اردو ميڊيا ۽ سنڌين کي ئي محبت، پيار، حوصلي، جمهوريت، ڀائيچاري، برابري ۽ سياسي حقن جهڙن لفظن ۽ خيالن جي تبليغ ڪري رهيا آهن. اردو مڊيا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۽ پختون خواهه ۾ صوبن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته سنڌ ڪا ”مقدس ڳئون“ آهي ڇا جو ان کي نه ٿو ورهائي سگهجي؟ اردو ميڊيا جي اندر سنڌ ۽ سنڌي دشمني جو اقرار ته هاڻي ڪجهه اردو چينل به ڪرڻ لڳا آهن. ان ڪري آءُ ان تي بحث ڪرڻ فضول ٿو سمجهان. جيڪڏهن لاهور، پشاور يا ڪوئيٽا کي پاڪستان جو پهريون گاڏي جو هنڌ بڻايو وڃي ها ۽ پوءِ هينئر اهڙو مطالبو انهن شهرن تي مشمل صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ها ته پوءِ اردو ميڊيا جو ردِ عمل ڪهڙو هجي ها ؟ باقي جيتري قدر ڳالهه آهي سرائيڪي ۽ هزاره صوبي جي ته اهي علائقا ثقافتي ۽ تاريخي طور تي صوبن کان الڳ آهن، باقي جيتري قدر ڳالهه آهي ته اها پاڪستان پيپلزپارٽي جي سياسي چال جيڪا ان پنجاب اندر کيڏي آهي ان جو جواب نواز شريف جي طرفان سنڌ اندر تقسيم جي صورت ۾ جوابي چال جي صورت ۾ آيو. منهنجي نظر ۾ سنڌ جو ورهاڱو پي پي پي ۽ مسلم ليگ (ن) سياسي چال کيڏن کان وڌيڪ سنجيده آهي. سنڌ جي عوام ان فيصلي کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿينديو ۽ جيترو قدر ڳالهه آهي ايم ڪيو ايم جي اسان الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي نيت تي ڪو به شڪ نه ٿا ڪيون پوءِ الطاف ڀائي کي به پنهنجي سنڌ محبت جو عملي ثبوت ڏيڻ گهرجي ۽ ڪراچي اندر سنڌ جي تقسيم خلاف هڪ وڏي احتجاجي جلوسن جو اعلان ڪري ته جيئن پوري دنيا کي اهو پيغام پهچي وڃي ته الطاف حسين سنڌ جو پٽ آهي ۽ اهو سنڌ اندر صرف اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جو ليڊر نه پر سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين جو ليڊر پڻ آهي. ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته الطاف حسين ڪراچي اندر وڏا تاريخي ۽ پر امن جلسا ڪيا آهن. باقي جيتري ڳالهه آهي اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جي ته انهن کي به ڪجهه سنڌ سان محبت جو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ احساس محرومي جو جواز پيش ڪرڻ کان پهريائين اندروني سنڌ جا روڊ، رستا، اسڪول، اسپتالون، بجلي جي صورت حال ۽ بيروزگاري کي حيدرآباد ۽ ڪراچي جي روڊن رستن ۽ اسپتالن سان ڀيٽ ڪري ڏسڻ گهرجي ۽ پوءِ پاڻ امين ٿي فيصلو ڪن ته احساس محرومي ڪنهن جو حق آهي؟ ٻيو اهم سوال اهو آهي ته جيڪڏهن مهاجر صوبو ٺاهيو وڃي ته پوءِ انهن اردو ڳالهائيندڙ جيڪي نواب شاهه، گمبٽ، خيرپور، سکر، شڪارپور، دادو، لاڙڪاڻو ۽ مهيڙ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن سان به گڏجي رهن ٿا ۽ جيڪي سنڌي ڳالهائيندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا، انهن جي قسمت جو فيصلو ڇا ٿيندو؟ ڇا اهي لڏ پلاڻ ڪندا ۽ پوءِ هزارين حياتيون اجل جو شڪار ٿينديون ۽ سنڌ جي نياڻين جون عزتون لٽيون وينديون؟ ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ هاڻي سنڌ جو فيصلو ايم ڪيو ايم، پي پي پي ۽ سنڌ جو قوم پرست پارٽيون نه پر سنڌ جي عوام اردو ڳالهائيندڙ سنڌي ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين جي درميان ٿيڻ گهرجي، ٻنهني ڌرين کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جا تعلقات پي پي پي ۽ ايم ڪيو ايم جي تعلقات جا محتاج نه هوندا ۽ سنڌ کي امن، پيار ۽ صوفين جي ڌرتي جي طور قائم رهڻ جي حمايت ڪرڻي پوندي. ليکڪ يونيورسٽي آف لنڊن، انگلينڊ ۾ پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪري رهيو آهي. ساڻس هيٺ ڏنل اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. naseemnihcr@gmail.com ”سنڌ جرنل جي ٿورن سان“