• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شعروشاعري

جاويد حسين

سينيئر رڪن
دڪڏهن پڇائي ڪڏهن نهاري
گلاب چونڊي ڪنڊا ٻهاري
ائين ئي جيون ڇڏيوگذاري
مگر نه توکي ڇڏيووساري
ڪڏهن رناسين ڪڏهن کلياسين
ڪڏهن دکياسين ڪڏهن جلياسين
ڪڏهن اٿياسين ڪڏهن ڪرياسين
ڪڏهن ٺهياسين ڪڏهن ڀُرياسين
ائين سموري حياتي گهاري
ائين ئي جيون ڇڏيوگذاري
مگر نه توکي ڇڏيووساري
کڙيو جي گلشن هڳاءُ ٿياسين
ٿيو جي انڍيروشعاع ٿياسين
سڄڻ پڪاريو ته واءُ ٿياسين
جي غير گهوريو ته گهاءُ ٿياسين
پرين کي پائي مرن کي ماري
ائين ئي جيون ڇڏيوگذاري
مگر نه توکي ڇڏيووساري
 
Back
Top