AZAM AFZAL
سينيئر رڪن
ضياءُ لحق جي مرڻ کان پوءِ افضل قادري جو سٽون
مرڻو هرڪنهن ماڻهوکي آ
موت نه ٿيندو ميهڻو آهي
هن کي ماريئي تون به مري وئين
جرنل ڪرنل ساڻ کڻي وئين
هو ڏس ڀائو ڀاڱا ٿي ويو
ڳڀا ڳڀا ٽڪرا ٿي ويو
ڌاڙيلن جي آڙ ڏئي
هن ڳوٺن کي ساڙايو هو
۽ کُنڀو رت وهايو هو
توکي شايد ياد آهي
يا ذهن تنهنجي مان نڪري ويو آ
اڳي به ائين سنڌ ڌرتي تي
ارغونن ۽ ترخانن
مهمد جهڙا ڦورو جرنل آور
لٽ ڦر جي لئي آيا هئا
هن ڳوٺن کي ساڙايو هو
۽ ڳاڙهو رت وهايو هو
اڄ به اُهي ڄڻ ساڳيا قاتل
جرنل ڪرنل برگيڊئر
ٽئنڪ مليل جي مشق ڏسڻ لئ
گڏجي سڏجي ٽولو ٿي ويو
ٽولو ئي بم گولو ٿي ويو