جوکيو شفيق احمد
سينيئر رڪن
انسانُ!
انسان شاگرد؛
طالب العلم به پاڻ،
استاد به پاڻ.
بيمار به پاڻ،
ڊاڪٽر به پاڻ،
حڪيم به پاڻ،
ته معالج به پاڻ،
ويڄ ۽ طبيب به پاڻ،
خاطي به پاڻ،
مفتي به پاڻ،
عامل به پاڻ،
ظالم به پاڻ،
عادل به پاڻ.
محاسب به پاڻ،
رڳو پنهنجي من ۾،
جهاتي پائي ڏسي!
شهيق به پاڻ،
شفيق به پاڻ،
پوءِ اک-ڇِنڀَ ۾،
نبيرو فيصلو ٿي ويندو.!
ڇڏ بگاڙ وٺ راه روح واري!
پنهنجي مَنَّ کي بڻاء
مؤمنُ تون شفيق!