وفاقي حڪومت پاران روينيو ۾ سنڌ مان 75 سيڪڙو آمدني ٿيڻ واري دعويٰ چئلينج

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏13 جولائي 2012۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    وفاقي حڪومت پاران روينيو ۾ سنڌ مان 75
    سيڪڙو آمدني ٿيڻ واري دعويٰ چئلينج

    اسلام آباد (رپورٽ: قربان بلوچ) وفاقي حڪومت ملڪي روينيو ۾ سنڌ مان 75 سيڪڙو آمدني ٿيڻ واري دعويٰ کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، گذريل چئن سالن دوران پيٽروليم اسمن تي مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ 10 کرب 32 ارب 39 ڪروڙ رپين جي اوڳاڙي ڪرڻ ۽ 5 سالن دوران صوبن کي ورڇ جوڳي پول جي مد ۾ مختص ڪيل رقم مان گهٽ رقم فراهم ڪرڻ جو اعتراف، ڪالهه قومي اسيمبيلي ۾ حڪومتي اتحادي مسلم ليگ (ق) جي پيدوار بابت مملڪتي وزير خواجا شيراز سنڌ مان ملڪي روينيو جو 75 سيڪڙو حاصل ٿيڻ واري دعويٰ کي چئلينج ڪيو آهي، ايوان ۾ سوالن جي ساهي دوران پ پ جي ڊاڪٽر طلعت مهيسر ضمني سوال ڪيو ته سنڌ 75 سيڪڙو روينيو ڏئي ٿو پر ان کي ترقياتي فنڊن ۾ گهٽ حصو ملي ٿو، جنهن جي موٽ ۾ مملڪتي وزير خواجا شيراز جواب ڏنو ته هو پهرين پنهنجي ڊيٽا درست ڪري، جڏهن ته ڪالهه ايوان کي ٻڌايو ويو ته گذريل 5 سالن ۾ ورڇ جوڳي پول تحت ٺهندڙ حصي طور پنجاب کي مجموعي طور مختص ڪيل 1800.24 ارب کان 100.5 ارب گهٽ 1699.74 ارب، سنڌ کي 833.28 ارب رپين جي مختص ڪيل حصي کان 43.69 ارب گهٽ 787.95 ارب، خيبرپختونخوا کي 502.79 ارب رپين جي مختص ڪيل رقم کان 29.29 ارب رپيا گهٽ 473.50 ارب ۽ بلوچستان کي 252.04 ارب رپين جي مختص حصي کان 3.01 ارب رپيا گهٽ 249.03 ارب جاري ڪيا ويا آهن، ايوان کي هڪ سوال تي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ 6010 ماڻهو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ آهن، جن جا نالا ظاهر ڪري نٿا سگهجن، ايوان ناڻي وزارت طرفان هڪ غير نشاندار سوال ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل چئن سالن دوران يعني 09-2008ع کان مالي سال 12-2011ع جي مئي مهيني تي پيٽروليم اسمن تي مختلف ٽيڪسن ڪسٽم ڊيوٽي، سيلز ٽيڪس، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ود هولڊنگ ٽيڪس جي مد ۾ 10 کرب 32 ارب 39 ڪروڙ 20 لک رپيا اوڳاڙيا ويا آهن، مالي سال 09-2008ع ۾ پيٽروليم اسمن تي 2 کرب 6 ارب 64 ڪروڙ 70 لک، 10-2009ع ۾ 2 کرب 39 ارب 61 ڪروڙ 20 لک، 11-2010ع ۾ 2 کرب 90 ارب 63 ڪروڙ 10 لک ۽ مالي سال 12-2011ع جي مئي تائين 2 کرب 95 ارب 50 ڪروڙ 20 لک رپيا اوڳاڙيا ويا آهن.
    The Kawish Group of Publication
    B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
    Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
    Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
     
  2. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    هي آهي ڏاڍ جبر ڏمر سنڌ تي جو لهي ئي ڪونه ٿو!
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڀلا سائين اسان جا ڏاها ان سوال جو جواب سندن منهن تي ڇو نه ٿا هڻن، جيڪو ڪنهن پادر کان گهٽ نه هوندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو