قبيلائي جهيڙا ان ڪري ٿيندا آهن جو انهن کي اصلي دشمن جي خبر نه آهي هوندي۔ ان ڪري اهي سموريون توانايون پنهنجي قوم مٿان استعمال ڪن ٿا۔ جيڪڏهن تنظيمون انهن هٿيارن جا رخ دشمنن ڏانهن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته اهي ئي ماڻهون آزاديء لاء هر اول دستي جو ڪم ڪندا.
ننڍڙي پر وڏي معنا رکندڙ صلاح ۔۔۔۔ ان ڪم سان لڳل هو محترم بشير قريشي پر افسوس جو ظالمن کيس زهر جو پيالو پياري ڇڏيو ۔۔۔ نيٺ ته ڊهندي
بلڪل سچي ڳالهه ڪئي اٿس ۔۔۔۔۔۔۔ ۽ افسوس جو اسان سنڌي ان جو شڪار آهيون ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ پنهنجي سگهه وڃائي رهيا آهيون۔
ادا سنڌ سنگت. واقعي بشير قريشي جي سوچ تمام سٺي هئي ته قبيلائي جهيڙا ختمهجن ۽ اهي ئيماڻهواڳتي اچي سنڌ جي آزادي لاء جاکوڙين ۽ ان ڪم ۾ بشيرقريشي ڪافي حد تائين ڪامياب به ويو. پر افسوس جو ان مشن کي جاري رکڻ لاء ڪوبه سنڌي قومپرست تحرڪ ۾ نه آهي. ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن مائهونء منجه اچي بوءِ بهار جي.
هتي هي ڳالهه ضرور شيئر ڪندس۔۔۔ “انسانيت جا اجتماعي اخلاق ان وقت تباهه ٿي ويندا آهن جڏهن ماڻهن کي زوري اقتصادي تنگي ڏي مجبور ڪيو ويندو آهي. ان وقت هو گڏهن ،ڍڳن وانگر رڳو ماني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا آهن. جڏهن انسانيت تي اهڙي مصيبت ڪڙڪندي آهي. تڏهن الله تعالٰ ماڻهن کي اهڙي مصيبت مان ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ ڪو نه ڪو رستو ضرور الهام فرمائيندو آهي. يعني تمام ضروري آهي جو الله تعالٰ پنهنجي قدرت سان انقلاب جو اهڙو سامان پيدا ڪري جنهن سان قومن مٿان ناجائز حڪومت جو بار هٽائي ڇڏ“ي...شاهه ولي الله