سڪرنڊ پاليسي سنڌ جي تاريخ جو هڪ وساريل ورق ۽ سنڌي عالمن جو هڪ عظيم ڪارنامومهاڳ:[سنڌ جي ديني عالمن ۾ اسلام جي صحيح ڄاڻ رکڻ سبب هر محاذ تي دين اسلام جي روشني ۾ قوم جي رهنمائي ڪرڻ جو جذبو هميشه رهيو آهي . قوم جي خير خواهي واري عمل ۾ سنڌ جو ديني عالم هميشه پنهنجو ڪردار نڀائيندو رهيو آهي . مسئلو سنڌي قوم ۽ عوام جي عقيدن سڌارڻ ۽ اخلاقي تعليم جو هجي يا سياسي ۽ اقتصادي مسئلن ۾ شرعي موقف واضح ڪرڻ جو، هر دور ۾ اهڙا سڄاڻ ديني عالم پيدا ٿيندا رهيا آهن جن پنهنجو ڪردار نڀائڻ ۾ قوم کي ڪڏهن به مايوس نه ڪيو آهي.ويجهڙائي واري دور ۾ ڏسجي ته انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ واري تحريڪن ۾ سنڌ جا ديني عالم سڀ کان اڳرا رهيا آهن . ريشمي رومال تحريڪ ، هجرت تحريڪ ، خلافت تحريڪ، بمبئي کان سنڌ جي آزادي واري تحريڪ، مطلب ته هر محاذ تي سنڌ جي ديني عالمن ڀرپور قائدانه ڪردار ادا ڪيو آهي .آزاديءَ واري هلچل دوران جڏهن سنڌ جي اڪثر سياستدانن ( جيڪي يا ته پير هئا يا وڏيرا، ۽ اهي ٻئي طبقا سنڌي قوم جي ترقيءَ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ رهيا آهن ) سياسي عدم بصيرت جو مظاهرو ڪندي تنگ نظري، مذهبي نفرت ۽ عدم برداشت جي بنياد تي ٿيندڙ ورهاڱي لاءِ ماحول سازگار پئي بڻايو ته ان وقت سنڌ جا سڄاڻ ديني عالم ئي هئا جن انهن سياستدانن کي انهن سياسي اقتصادي ۽ تهذيبي خطرن کان آگاهه پئي ڪيو جيڪي بعد ۾ سچا ثابت ٿيا.(ڏسو ، جي ايم سيد مرحوم جو ڪتاب ” جنب گذاريم جن سين“ ج 1 ص179، 237 )پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي عالمن رواداريءَ جو رويو برقرار رکندي پنهنجي موقف ۽ پاليسيءَ جي خلاف ٿيل ورهاڱي کي ان بنياد تي قبول ڪري ورتو ته لڏ پلاڻ جي ڪري جيڪي انساني مسئلا پيدا ٿيا آهن انهن جو ڪو حل نڪري سگهي . تنهن ڪري انهن نئين ملڪي انتظام لاءِ ڪو انتشار جو مسئلو پيدا ڪرڻ جي بجاءِ انکي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ملڪي سطح تي1956ع ۾ قائم ٿيندڙ عالمن جي جماعت ،جمعيت علماء اسلام ۾ شموليت اختيار ڪئي . حالانڪه ورهاڱي کان اڳ 1945ع ۾ جمعيت علماء اسلام، مسلم ليگ جي حمايت ۽ جمعيت علماء هند جي مخالفت لاءِ ٺاهي وئي هئي. ياد رهي ته جمعيت علماء هند 1919ع ۾ ٺهي هئي.پاڪستان ٺهڻ واري تحريڪ دوران لاهور جو اثر رسوخ چوٽ تي چڙهي ويو ۽ سنڌ جي پيرن ۽ وڏيرن ۽ سندن تابع مذهبي طبقي سنڌ کي ذهني طور لاهور جي تابع بڻائي ڇڏيوهو .پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ان جو حڪومتي نظام هلڻ لڳو ته اهي سڀ نعرا کوکلا ٿي سامهون اچڻ لڳا جيڪي ورهاڱي وقت انهن ماڻهن لڳايا جن کي پاڪستان ٺاهڻ سان رڳو پنجاب ۽ هندستاني مسلمانن جي مخصوص ڪاروباري ۽ انگريزن جي ساٿاري طبقي جي مفادن کي محفوظ ڪرڻو هو . جڏهن ان طبقي سياست ۽ معيشت جي مٿان پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ لاء سياسيت ۽ معيشت کي سازشن سان ڳنڍائي ڇڏيو ۽ جمهوريت جي بجاء ڊڪٽيٽر شپ ۽ مارشل لائون مڙهڻ جو طريقو اختيار ڪيو ته ملڪ ۾اقتصادي بدحالي ۽ سياسي افراتفري پيدا ٿيڻ لڳي جنهن جو حل ان کان به بڇڙو، يعني ون يونٽ جو نظام لاڳو ڪرڻ ۾ سمجهيو ويو . جنهن مان به ڪنهن مخصوص طبقي يا قوم کي ئي فائدو رسيوٿي ، باقي ٻين جي ڪابه حيثيت نه رهي ۽ اسلام جي ترقي لاءِ ته ڪجهه به نه ڪيو ويو .اهڙي صورتحال ۾ تقريباً سمورين جماعتن ون يونٽ واري نظام ۽ مارشل لا جي مخالفت ڪئي . پنجاب کان سواءِ سڄي ملڪ ۾ ون يونٽ جي خلاف جدوجهد شروع ٿي وئي جنهن ۾ سنڌ وارن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو . سنڌ جا عالم به جمعيت علماء اسلام جي پليٽ فارم تان اهڙي جدوجهد ڪندا رهيا . جنهن کي ان وقت جي سنڌي سياستدانن به تمام چڱي نظر سان ڏٺو . جي ايم سيد مرحوم جيڪو ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ پيش پيش هو، ان حافظ محمد اسماعيل کڏي واري کي ان ڳالهه تي ساراھ ۽ تائيد وارو هڪ خط لکيو ته اوهان مفتي محمود ۽ غلام غوث هزاروي جي تائيد ڪري پنهنجي وڏن وارو ڪردار نڀائيندا اچو ٿا . جي ايم سيد اهو تعريفي خط ان ڪري لکيو ته مفتي محمود ۽غلام غوث هزاروي ان وقت ون يونٽ جي مخالفت ڪري رهيا هئا ۽ حافظ صاحب به سنڌ جي عالمن طرفان انهن سان گڏ هيو ۽ انهن جي تائيد ۾جدوجهد ڪيائين .نيٺ ڀرپور عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾9 196 ۾ ون يونٽ ختم ڪيو ويو ۽ صوبن جي حيثيت بحال ٿي . جمعيت علماء اسلام جو انتظامي ڍانچو به صوبائي ترتيب سان بحال ٿيو جنهن ۾ حافظ محمد اسماعيل سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ان کان پوءِ جمعيت علماء اسلام جي مرڪزي پاليسي ۽ منشور جي روشني ۾ ون يونٽ دوران صوبن سان ٿيندڙ زيادتين جو جائزو وٺڻ ۽ صوبن پاران پاليسي مرتب ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. ان حوالي سان سنڌ جي عالمن ڪهڙي پاليسي ٺاهي ۽ ان پاليسي تي عملدرآمد ڪرڻ بجاء مرڪز وارن ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ؟ اهو سڄو تفصيل حافظ محمد اسماعيل کڏي واري پنهنجي هڪ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي . اسين مهاڳ هتي ختم ڪري حافظ صاحب جو مضمون پيش ڪريون ٿا جنهن مان اسان کي وڌيڪ رهنمائي ملي سگهي ٿي . ادارو]”ڪل پاڪستان جمعيت علماء اسلام جيڪا پوءِ هزاروي گروپ ، مفتي محمود گروپ ، درخواستي گروپ ، ٿانوي گروپ ، علماء ديوبند گروپ وغيره وغيره . ڪيترن ئي گروپن ۾ ورهائجي ويئي . گروپن ۾ تقسيم ٿيڻ کان اڳ جڏهن گڏيل هئي ته ان کي هزاروي گروپ چوندا هئا ، ۽ هي پاڻ کي مولانا حسين احمد مدني جو وارث ۽ امين قرار ڏيندا هئا.( اسان کي اڳتي هلي گهڻو پوءِ 1969ع ۾ خبر پئي ته هي جمعيت علماء اسلام اصل ۾ اها هئي جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ مولانا شبيراحمد عثماني ، مسلم ليگ جي مدد لاءِ قائم ڪئي هئي ، ۽ هي مولانا حسين احمد مدني جو نالو محض استعمال (Exploit) ڪندا هئا.جمعيت علماء اسلام (هزاروي گروپ ) جنهن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مفتي محمود هو . سيپٽمبر 1969ع ۾ سرگودها ۾ هن جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو ، جنهن ۾ هن جمعيت علماء اسلام جو منشور پاس ڪيو ويو جنهن کي “ اسلامي منشور “ جو نالو ڏنو ويو .http://www.jamiatulamaesindh.com/sakrandpolicy.html
محترم محمد سليمان وساڻ کي هٿ ٻڌي التجاء ڪندس هن قيمتي اڻملهه دستاويز کي محفوظ ڪيئن ڪجي صلاح ڏيندا۔ ته جئن سنڌ سلامت تي به هي قيمتي دستاويز سلامت رهي۔ جوکيو شفيق