ادا منهنجو خيال آهي ته هي بي بي سي برٽش براڊڪاسٽ نه پر برائٽ براڊڪاسٽ آهي۔ جيڪو هن ويب سائٽ جي لوگو تي پڻ لکيل آهي۔ ڳالهه سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي آهي ته اهو هڪ سٺو اسٽنٽ آهي، پر جي ڳالهه سنڌي ٻوليء جي واڌ ويجھ ۽ ترقيء جي آهي ته اهو اڃا به وڌيڪ ڀلو، پر ائين ٻه نمبري ڪري شهرت ڪمائڻ اسان سنڌين جو وڙ ناهي۔۔۔ جيڪڏهن اها واقعي برٽش براڊڪاسٽ آهي ته انجو آفيشل لوگو اهو ناهي جيڪو ويب سائٽ تي ڏنل آهي۔۔ ضرور ويب ڊيزائنرز کي اها پڪ هوندي ته ائين ڪرڻ سان انٽرنيشنل ڪاپي رائيٽ يا سائبر قانونن تحت سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا۔۔ پر پوء به سٺي ڪوشش آهي۔۔ پر هڪڙي صلاح اها هئي ته جيڪڏهن بي بي سي جو نالو استعمال ڪري سنڌين کي بي وقوف بڻائڻ کان وڌيڪ اها بهتر نه رهي ها ته ڪو ٻيو سٺو نالو ڏئي بهترين ڪم ڪري پاڻ مڃرائجي ها؟۔۔ خير ادا اها منهنجي پرسنل آبزرويشن آهي، مان غلط به ٿي سگھان ٿو، پر مونکي غلط ثابت ڪرڻ لاء اوهانکي بي بي سي جو پريمشن ليٽر ڏيکارڻو پوندو۔۔ جنهنجي اوهانکي ضرورت ته ناهي۔۔ بهرحال ڪم کي هلايو پوء جتي پهتاسين۔۔۔ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن اها واقعي برٽش براڊڪاسٽ جي ئي ويب سائيٽ آهي ته ايڏي وڏي نيوز گروپ جي ويب سائيٽ ۾ اسپيلنگ مسٽيڪ ناممڪن آهي نه،، هن ويب سائيٽ جي لوگو ۾ جتي برائٽ براڊڪاسٽ لکيل آهي انجي انگريزي جي اسپيلنگ ۾ علطي ڇو؟ براڊڪاسٽ جي اسپيلنگ اوهان پاڻ ڏسي اندازو لڳايو۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت