هڪ سنڌي روزو رکيو۔ جڏهن افطاري جو ٽائيم آيو ته روزي کولڻ جي نيت هن طرح ڪئي۔ نيت ڪيم روزي کولڻ جي۔ توبه ڪيم وري رکڻ جي۔
ادا هن سنڌي جي ته خبر نه آهي توبه ڇا جي ڪري ڪئي۔ پر ها اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻڌو هوندوَ ته پٺاڻ نسوار کانسوا نه ٿو رهي سگهي ۽ سنڌي چانھ کانسوا نه ٿو رهي سگهي۔ هڪ سنڌي مهمان ٿي ويو ان جي سٺي مهمانوازي ڪئي وئي پر ڪنهن سنڌي کان پڇيو ته تنهنجي مهمانوازي ڪئين ٿي۔ سنڌي چيو ته يار ڪهڙي مهمانوازي چانھ ئي ڪونه پياريئون۔
سائين ! چوندا آهن ته رمضان هجم هڪ ڏينهن روزو رکيو،اچي ڏينهن تتو ۽ ان ويچاري کي اڃ لڳي،پريشاني ءَ وچان سوچي سوچي هڪڙو حل ڳولهي لڌائين ، سو پاڻيءَ جي کڏ ۾ وڃي ٽبي هڻي پاڻي پيئڻ جي ڪوشش ڪيائين ته وات ۾ بنڊي لڳس، رڙ ڪري ٻاهر نڪتو ،چئي مار ٻاهر الله ٿو ڏسي۽ اندر الله ڙي۔
ادا بخشل لغاري صاحب اسان جي ڪا ڳالھ اوهان کي سٺي نه لڳي آ ته معافي گهرون ٿا۔ باقي اسان دين جي ڳالھ تي مذاق نه ڪئي آهي۔ اسان ان سنڌي تي مذاق ڪئي آهي جيڪو روزو رکي برداشت نه ڪري سگهيو۔
ادا نادر اوهان جي مهرباني اوهان جون سڀ ڳالهيون سٺيون پر هڪ روزو ۽ ٻيو سنڌي ٿورو ان بابت غور ڪندا مهرباني
لغاري صاحب هڪ ڀيرو وري ٻيهر توهان کان معذرت گهرون ٿا۔ توهان ان ڳالھ کي وٺي گهڻو پري هليا ويا آهيو۔ مان ته صرف مذاق ڪئي هئي۔ اڄ ڪلھ اسان پنهنجون موبائليون ڏسون ته پٺاڻن تي ٺهيل لطيفن سان موبائليون ڀريل آهن۔ڇا اهي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
ادا توهان شايد محترم نسيم احمد کرل صاحب جي ڪهاڻي عثمان حجم جو روزو رکڻ ۽ ٺڪا ڏئي ڀڃڻ ڪون پڙهي آهي، اگر پڙهو ها ته هي سنڌي وسري وڃيوَ ها۔ بهرحال بهترين ونڊ آهي۔
محترم سليمان وساڻ صاحب، توهان جي وڏي مهرباني۔ ادا اها ڪهاڻي تمام گهڻو اڳ پڙهي هئي ان ڪري نالو ياد نه رهيو، بهرحال اوهان جي مهرباني۔