عرس پريو
سينيئر رڪن
چوندا آهن ته ٻه ٻار سٺو گهرانو. پر دبئي جي داد مراد ان ڳالھ کي بلڪل مڃي ئي نه ٿو ان جي ڪري ئي ته ان جا گهٽ نه وڌ پورا 93 ٻار آهن. 65 ورهين جو مراد هاڻي تائين 15 کان وڌيڪ شادي ڪري چڪو آهي ۽ ان جو خاندان ڪُل 140 ڀاتين تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ وڌيڪ واڌ به پڻ جاري آهي. گهڻي کان گهڻا ٻارن جو پيءُ بڻجڻ جو خواهشمند مراد 2015ع تائين پنهجي ٻارن جو انگ 100 کان وڌيڪ ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. ايڏي وڏي خاندان جي مالڪ داد مراد کي ٻارن پالڻ جي لاءِ حڪومتي سر پرستي به حاصل آهي. جنهن جي خرچن جي لاءِ ان کي مالي امداد فراهم ڪئي ويندي آهي۔