عورتن ۾ آئرن (فولاد) جي ڪمي جا ڪارڻ ۽ ان جو علاج:_ اسانجي ملڪ جون اڪثر عورتون کي پنهنجي گهر ۽ گهر وارن جي جيتري فڪر هوندي آهي ،ايتري فڪر ؤ پريشاني پنهنجي صحت جي باري ۾ نه هوندي اٿن ۽ ان طرف لاپروهي جي نتيجه ۾ اڪثر بيمار ٿئي پونديون آهن۔ڊاڪٽر ڏي تڏهن وينديون آهن جڏهن تڪليف يا مرض قوت برداشت کان وڌي ويندو اٿن۔ هي هڪ خطرناڪ ڳاله آهي۔ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين ڪافي دير ٿئي ويندي آهي ۽ مرض پيچيده ۽ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ويندو آهي۔ عورتن ۾ آئرن (فولاد) جي ڪمي جي ڪري انيميا (Anaemia) جي بيماري عام آهي ۽ ان ۾ تيزي سان اضعافو پيو ٿيندو وڃي۔جيڪڏهن ان جي تشخيص ۽ علاج ۾ بلاوجه دير ٿئي وڃي ته ان سان گمبهير مسئلاء پيدا ٿئي سگهن ٿا۔ جيئن اسان کي ٻڌايو ويو آهي هڪ ميڊيڪل ڪانفرنس ۾ جيڪا ڪجه ڏينهن اڳ ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ منقعد ڪئي ويئي هئي۔ هاڻي اچو ته ڏسون انيميا آهي ڇا؟ انيميا دراصل اها طبعي ڪفيت آهي جنهن ۾ انسان جسم ۾ موجود رت مان ڳاڙها جزا (خليات) ضرورت کان وڌيڪ گهٽ ٿئي ويندا آهن۔ انهن ڳاڙهن جزن کي هيمو گلوبن به چوندا آهن۔ رت ۾ ڳاڙهن جزن جي گهٽجڻ جا گهڻائي سبب آهن پر اهم ترين سبب ،جيڪو عام آهي اهو آئرن يعني فولاد جي گهٽتائي هوندي آهي۔ رت جي ڳاڙهن جزن کي ٺاهڻ ۾ آئرن اهم ڪردار ادا ڪندو آهي۔ جيڪڏهن جسم کي ان جي ضرورت جي مطابق آئرن نه ملندو ته هو گهٽ مقدار ۾ رت جا ڳاڙها جزاء ٺاهيندو يا اهئي جزاء سائز ۾ ننڍا هوندا۔ اها خرابي Iron Deficiency Anaemia چورائيند آهي۔ رت جا اهو ڳاڙها جزاء آڪسيجن سان لبريز هوندا آهن ۽ انساني جسم جي هڪ هڪ خليه تائين آڪسيجن پهچائيندا آهن۔ اينميا جي پهرين علامت جسم ۾ ٿڪاوٽ جو تمام گهڻو احساس ٿيڻ آهي۔ هي ٿڪاوٽ يا سستي ان ڪري ٿيندي آهي جو انساني جسم جي مختلف عضون کي صحت مند رت جي ذريعي غذائيت ۽ آڪسيجن فراهم نه ٿيندي آهي۔ جيڪا انهن لاء مناسب انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي لاء تمام ضروري هوندي آهي۔ آئرن ۽ رت جو تعلق :_ رت جا ڳاڙها جزاء انساني جسم ۾ هڏين جي گودئي ۾ تيار ٿيندا آهن ۽ جڏهن اهئي ڦڦڙن ۾ پهچندا آهن ته پنهنجي اندر آڪسيجن جذب ڪري ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ڦڦڙن ۾ خارج ڪندا آهن جيڪي ساه جي رستي جسم مان ٻاهر نڪري ويندي آهي۔رت جا ڳاڙها جزاء انساني جسم ۾ ٽن کان چئن مهينن تائين گردش ڪندا رهندا آهن جنهن کان پوء پراڻن جزاء جي جاء تي نوان جزاء پيدا ٿئي ويندا آهن۔ آئرن رت جي ڳاڙهن جزن جو اهم جزو هوندو آهي۔آئرن کان سواء رت موثر انداز ۾ پنهنجي اندر آڪسيجن جذب ڪرڻ جي قابل نه هوندو آهي۔ انساني جسم عمومن خورڪ مان آئرن حاصل ڪندو آهي۔ان کان علاوه رت ۾ پراڻن خليات ۾ موجود آئرن کي به استعمال ڪندو آهي۔ عورتون ئي ڇو؟ عورتن ۾ آئرن (فولاد) جي گهٽتائي ان وقت محسوس ٿيندي آهي جڏهن ماهانه نظامه (Menstruation cycle) ۾ گڙ ٻڙ جي ڪري رت جو اخراج معمول کان وڌي ويندو آهي۔انهڪري اها ڳاله تمام گهڻي اهم آهي ته عورت دوران آيام صحت بخش غذائون واپرائي تاڪي رت جي ڳاڙهن جزاء ٺهي سگهن۔ دورن حمل به عورتن ۾ انيميا جي شڪايت پيدا ٿئي ويندي آهي۔ انهڪري پيٽ (حمل) ٿيڻ جي ٻارهن هفتن کانپوء ان عورت جي رت ۾ هيموگلوبين جو مقدار ڪيترو آهي جي پهريون ڀيرو ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي۔ انيميا ٿيڻ جون ٻيا سبب:_ آئرن جي ڪمي جي ڪري اينميا جا ٻيا سبب به ٿئي سگهن ٿا۔ مثلان غذائي نالي،معده يا قولون جو سرطان، کاڌي واري نالي جي هيٺين حصي ۾ رت جو وهڻ، اسپرين ؤ آئي بيو پروفين سميت جوڙن جي سور ۾ گهٽتائي لاء دوائن جو طويل عرصي تائين استعمال جنهن جي ڪري آنڊن ؤ معدي ۾ رت وهڻ لڳندو آهي،آنتون (آنڊن) جو السر،بواسير،۽ هيموفليا جي ڪري به رت جا ڳاڙها جزاء گهٽ ٿئي ويندا آهن۔ ڪجه مرض مثلان :_Celiac ۽ Crohn's ، گيسٽرڪ بائي پاس سرجري، ۽ تيزابيت ختم ڪرڻ واريون اهڙين گورين جنهن ۾ ڪليشم به شامل هجئي جو گهڻو استعمال ڪرڻ سان اهئي خوراڪ ۾ شامل آئرن کي جسم ۾ جذب ٿيڻ کان روڪيندي آهي۔ انيميا ٿيڻ جون علامتون :_ پهرين ڳاله انيميا پاڻ بذات خود بيماري نه آهي پر مرض جي علامت آهي۔ جلد جو ڳاڙهو ٿيڻ۔ شادبي جو خاتمو،رنگت ڦڪي ٿيڻ، سر چڪرائڻ،غنودگي،ڪمزوري جسماني،ٿڪاوٽ، بک نه لڳڻ، ۽ دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ انيميا جون واضح علامتون ٿئي سگهن ٿيون۔ ان کان علاوه مٿي ۾ سور، گهٻراهٽ، ياداشت ڪمزور ٿيڻ، ڪنهن شي تي توجه ڏيڻ ۾ مشڪلات پيدا ٿيڻ،ڪم ۾ دل نه لڳڻ يا خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ به انيميا جي ڪري ٿئي سگهي ٿي۔ رت ۾ ڪمي جو علاج:_ آئرن جي ڪمي جي ڪري ٿيندڙ انيميا جو علاج آئرن سپليمنٽ ( گوريون يا ڪيپسول يا انجيڪشن ) ۽ انهن غذائن (خوراڪ) جي ذريعي ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ فولاد وافر مقدار ۾ موجود آهي۔ مثلان:_ديسي ڪوڪڙ،ٽرڪي ڪوڪڙ،ڳاڙهو گوشت ( ٻڪري ۽ ڍڳي جو) ان ۾ آئرن جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، داليون، انڊو( خصوصن زردي) ، مڇي، سويابين، خالص اناج مان ٺهيل ماني، جوء جو دليه، ڪشمش، آلو بخارا، ذاردالو، ديسي پالڪ، ۽ ٻيون سائون پتن واريون ڀاڄيون شامل آهن۔ صحت بخش خوراڪ کان سواء طرز زندگي به متحرڪ هئڻ گهرجي ،فڪر ؤ پريشاني کان پري رهڻ گهرجي انهي طرح سان انيميا کان بچائو ٿئي سگهندو۔ اسان جيڪو ڪجه مٿين موضوعه تي ميڊيڪل ڪانفرنس جي دوران پڙهيل پيپرن مان سمجهي سگهياسين اوهانجي نظر وڌيڪ هن موضوعه تي اسان جي هن محبتي اڳڻ جا معزاز ڊاڪٽرميمبر ؤ ميزبان روشني وجهي سگهن ٿا۔
ادا اهڙي ڪارآمد معلومات ڏيڻ لا اوهان جي تمام گهڻي مهرباني۔اميد ته آئنده به اهڙي معلومات ڏيندا رهندا۔
تمام ڪارائتي معلومات آهي جيڪا مردن ۽ عورتن ٻنهي کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ۔۔۔ چوندا آهن ته علاج کان احتياط بهتر هوندو آهي سو جڏهن ڪي علامتون پئدا ٿين ته جلد کان جلد انهن جو تدارڪ ڪيو وڃي ۔۔۔ منهنجو ذاتي تجربو ٿيو جڏهن منهنجي گهر واري ڳورهاري ٿي ته ڪجهه مهينن کانپو سندس ٻار ضايع ٿيڻ جهڙي حالت ٿي وئي، ڊاڪٽرن وٽ پهتاسون ته خبر پئي ته جسم ۾ آئرن جي ڪمي آهي، بس پو علاج شروع ٿيو ۽ آئرن جي گوريون ڏنيون ويون۔۔۔ لک قرب منهنجا سهڻا سائين ۔۔۔ وقتائتو ۽ سهڻو ونڊ چڱا ڪن چڱايون
اڪثر عورتن ۾ ۾ آئرن جي ڪمي هوندي آهي، ھوٺان آيل مريضن جا ٽيسٽ ڪرائيندي اهو نوٽ ڪيو هئم ته هيموگلوبن گهڻو ڪري اڪثر عورتن جو گهٽ هوندو آهي۔ ان جي سبب تي ڪڏهن غور ڪونه ڪيو هيم۔ پر اوهان جي هن ناياب ليک سبب، سٺي معلومات ملي۔ لک قرب ۔۔۔۔۔ سهڻو ونڊ
ڊاڪٽر دوست ئي اڪثر هن تي پنهنجا رايا ڏئي سگهن ٿا، باقي پاڻ اوهان جو مضمون پڙهيو سين ته سٺي معلومات ۽ احتياطي تدابير وغيره جي خبر به پئي، لک ٿورا سائين جن جا۔۔۔
سائين غلام مصطفي ميمڻ هي ونڊ ڪري ٻڌايو آهي ته پاڻ ڊاڪٽر به آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون سان به اهڙا عملي تجربا ٿيا آهن شفا مان گهر وارن جون ٽيسٽون ڪرائڻ کان پوء خبر پئي ته آئرن جي ڪافي ڪمي آهي ء پوء جلد ئي ڊاڪٽر دوا سان گڏ آئر واريون شيون کائڻ لاء چيو۔ عورتن ۾ اڪثر ڪري ڊليوري جي ٽائيم کان پهريائين آئرن جي ڪمي ٿي ويندي آهي۔ هڪ ناياب ليک جنهن جي معلومات حاصل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي۔
انتهائي ڪار آمد ۽ سهڻي معلومات سان ڀريل ونڊ آهي واقعي به جيڪڏهن احتياط ڪجي ته دوا کان وڌيڪ بهتر آهي لاجواب ونڊ اهي سائين توهان جي ليک کي پڙهي ڪري سٺي معلومات ملي سدائين گڏ