• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بخشل لغاري

بخشل لغاري

سينيئر رڪن
چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ڪا ياد تنهنجي آ پرين
موج جي مهراڻ ۾ ڪا ياد تنهنجي آ پرين
چو طرف آهن چمن ۾ گل ٽڙيا ڏس پيار جا
سونهن جي سرهاڻ ۾ ڪا ياد تنهنجي آ پرين
نان تنهنجي جا ڪيم هر شام سرهي سا بڻي
سج سندي لالاڻ ۾ ڪا ياد تنهنجي آ پرين
روز روئان رت ڦڙا ويٺو اڪيلو مان هتي
اک سندي آلاڻ ۾ ڪا ياد تنهنجي آ پرين
هر گهڙي بخشل لغاري پور تنهنجا ٿا پون
من متل مانڌاڻ ۾ ڪا ياد تنهنجي آ پرين
 
هر گهڙي بخشل لغاري پور تنهنجا ٿا پون
من متل مانڌاڻ ۾ ڪا ياد تنهنجي آ پرين
اوهانجي شاعريءَ مان اوهانجو تعرف به ٿيو ،،، جيئن ته لغاري ذات مان تمام وڏا وڏا شاعر پئدا ٿيا آهن، جن محبوب ته ڇڏيو محبوب جي ڪتي ڪاريءَ تان ذات لغاري قربان ٿي ڪيا، ۽ اوهان ۾ به اها ڏات ڀريل ٿي لڳي ۔۔۔

سهڻن خيالن سان ٽمٽار شاعري جهڙي انسان لغاري صاحب کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔

لک قرب
 
Back
Top